مِٽيءَ جي ڍل ڏاڍي ڳري
آهي (تاثر)
علي زاهد
علم الانسان جو اڪابر هو،
طب جو طبيب هو،
سائنس جو شوقين، فلسفي جو ڄاڻو
هو،
فرمانبردار پُٽ، محبتي ڀاءُ،
داناءُ دوست ۽ شفيق پيءُ هو، جنهن جي شفقت مان ماءُ واري ممتا جي پڻ جھلڪ ملندي
هئي.
ٻين کوڙ ساترين خوبين سان گڏ،
هُو جيڪو تاريخ جو به وڏو حافظ
هو،
اڄ اسان ۾ موجود ناهي.
اڄ هُو پڻ تاريخ جو حصو بڻجي چُڪو
آهي،
سنڌ جي اها تاريخ، جيڪا سونهري
اکرن ۾ لکي ويندي آهي.
هن جو شمار سنڌ جي انهن کاهوڙي ۽
اڙٻنگ شخصيتن ۾ آهي جن سنڌ کي ڪيترن ئي پاسن کان نوان رنگ ارپيا آهن پنهنجي ڏاهپ،
شعور ۽ دانائيءَ سان ڪيترائي نوان محاذ کوليا ۽ ڪيترن ئي نون اسرارن جا تاڪيا
کوليا آهن.
”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو“ آهي هن جو نانءُ.
اهو نانءُ جيڪو هاڻ جڏهن اسان جي
سماعتن کي ڇُهي ٿو ته هن جي لاءِ محبتن جو اٿاهه ساگر بي قابو ٿي، ڇوليون هڻڻ لڳي
ٿو، اهو نانءُ جنهن کي اچارڻ سان ٻئي چَپ پاڻ ۾ اهڙيون سرگوشيون ڪندا آهن ڄڻ ڪو
ٻالڪ پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي ڳل تي زندگيءَ جي پهرين مِٺي ڏيندو هجي.
ڊاڪٽر محبت سان منهنجون ٿورڙيون
ملاقاتون ٿيون.
پر انهن ملاقاتن جا املهه پَل،
زندگيءَ جي ڪيترن ئي اجاين لمحن، ڏينهن، مهينن اڃا به سالن تي ڀاري آهن.
مختصر ڪچهريون:
پر انهن ڪچهرين ۾ مليل ڄاڻ، شعور
۽ علم، ڪيترن ئي ڪتابن کان به مٿاهون آهي.
ٿورڙي
ويجھڙائپ:
پر ان قربت
۾ محبتن جا اکٽ سلسلا، جن ۾ شفقت به هئي، ته مستقبل جي روشن هجڻ جا امڪان ۽ طويل
مسافتون گڏجي اڪرڻ جا ارمان پڻ هئا.
نظريو ڇا
هوندو آهي ۽ پختو ڪيئن ٿيندو آهي؟
عقيدا ڪيئن
ڪمزور ٿيندا آهن؟
وڏا وڏا بُت
ڇو، ڇا لاءِ ۽ ڪيئن ڀورا ڀورا ٿي پَٽ پوندا آهن، اهڙين ڀور ڀور بتن کان ڪيئن بچجي
۽ پري رهي پنهنجي من جي پسند جو ڪم ڪري سگھجي ٿو؟
اهي سڀ شيون
ڊاڪٽر صاحب اسان کي سمجھائيندو هو.
هُن سيکاريو
هو ته
اڍنگن روين،
نامناسب ماحول، ڪرپٽ سماج ۽ ظالم ريتن ۽ رسمن جي خول ۾ قيد رهندي به ڪيئن
ايمانداريءَ ۽ ڪمٽمينٽ سان جيئرو رهڻ جي مشق ڪئي ويندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته
اها مشق حياتيءَ جي آخري ساهه تائين هلندي رهي ٿي، ان جو ڪو به ڇيهه ناهي، اها ٻي
ڳالهه آهي ته زندگيون پوريون ٿي وڃن ٿيون پر هن سماج ۾ بدلاءَ جو نه ڪو امڪان نظر
آيو آهي، نه اچي رهيو آهي، باقي مستقبل جي اڳڪٿي لاءِ ”ناسٽراڊيمس“ ٿِيڻو پوندو.
ڊاڪٽر محبت سان جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي، يا هن
وقت به جڏهن سندس تصور اکين ۾ اُڀري ايندو آهي، تڏهن مون کي ٻاروتڻ ۾ ڏٺل منهنجي
پسند جي انگلش ٽِي وِي سيريز ”مِسفِٽس آف سائنس“ (Misfits of Science)
ياد اچي ويندي آهي. اسان جي هن سماج ۾ ڊاڪٽر محبت جھڙو ماڻهو واقعي مِسفِٽ هو. ڊاڪٽر جي ڪئليبر جو فرد ڪنهن به سماج ۾ وڏي تبديليءَ يا انقلاب
جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿو، پر افسوس جو زندگيءَ هن کي ايتري مهلت ئي نه ڏني.
اڄ هُو اسان
وٽ موجود ناهي، پر هن جو سمورو پورهيو اسان وٽ هن جي ڪَميءَ کي ڪي قدر گھٽائڻ ۾
اهم ڪردار نڀائي رهيو آهي. هن جا لکيل ڪتابَ، جن مان ڪيترائي سندس ڀاءُ رياضت ۽ ڊاڪٽر جي نالي سان قائم ڪيل اداري ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ ڇپرائي سنڌي قوم تي وڏا وڙ ڪيا آهن. اهي ڪتاب سنڌي
ٻولي، ادب، توڙي فلسفي جي حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿا. ان کان علاوه سندس ٻيا
اڻڇپيل ڪتاب پڻ وڏي وٿ آهن جن جو پڻ ڇپجڻ انتهائي ضروري آهي.
ڊاڪٽر محبت جي زندگي هر ان سنڌي نوجوان لاءِ
راهه جي مشعل آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪجھ ڪرڻ گھري ٿو.
ڊاڪٽر صاحب اڄ اسان ۾ موجود ناهي، جسماني طور
هُو ڀَلجان اسان کان ڏُور هليو ويو هجي پر پنهنجين تخليقن ۽ پنهنجين خوشگوار يادن
وسيلي اسان ۾ پنهنجي هجڻ جو ڀرپور احساس ڏياري رهيو آهي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات هڪ فرد جو موت
نه، پر هڪ اداري جي پڄاڻي آهي. سندس وڇوڙي جو ڏک ايترو ته گهِرو آهي جو ان کي لفظن
۾ بيان ڪري نه ٿو سگھجي، بس هن پشتو ٽِپي جي روپ ۾ مٽيءَ ماءُ کي ئي ويڻ ڏئي سگھجن
ٿا ته:
اي مٽي!
تنهنجي ڍل ڏاڍي ڳري آهي،
تون جوانن کي پاڻ وٽ رکي،
خالي کٽون موٽائي ڇڏيندي آهين.
( 9-اپريل 2011ع تي، چوڏهين ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيل تاثر)
No comments:
Post a Comment