ڪهاڻي
هوڏ
ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو
مان ننڍي هوندي تمام گھڻو شرير هوندو هوس. نه، شرير نه، پر ضدي هوندو هوس.
ٻين ننڍين وڏين غريباڻين شين جي گھر ڪندو هوس ته ملي به وينديون هيون، پر خرچي
لاءِ جيڪي مٿا مارڻا پوندا هئا، نه پڇو. توبه، الامان. ڪهڙا ڪهڙا عجيب و غريب
طريقا اختيار ڪرڻا پوندا هئا ۽ پيسا وري ڇا تي خرچ ڪندو هوس: ٻيڙي سگريٽ ۽ جوئا
تي. جوئا جي بري عادت ننڍي لاءِ ئي پئجي وئي هئي ۽ جوارين جي ويجو رهڻ ڪري گار گند
۽ ڪوڙ کان سواءِ سگريٽ ڇڪڻ جي ڪني عادت ۾ پڻ ڦاسي چڪو هوس. اهو ئي سبب هو جو گھڻي
ڀاڱي خرچي پوري ڪا نه پوندي هئي. پياري امڙ جھلي جھلي ٿڪجي پئي هئي، بابو سائين
ماري ماري ٿڪجي پيو هو، پر مان ڪُتي جي ڏنگي پڇ جيان اهڙو جو اهڙو ئي رهيس ۽ جوئا
کيڏڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ نه ڇڏي سگهيس.
هڪ ڀيري اچي ضد تي چڙهيم: گُھرجي ۽ خرچي ضرور گھرجي. هاڻي امڙ کي ڪهڙي خبر
ته مان سڀ پيسا جوئا ۾ هارائي آيو هوس ۽ هينئر سگريٽ ڇڪڻ جي سخت ٻاڙ لڳي هئي، تنهنڪري
صبر جو مٺو ميوو به بلڪل ڪو نه ٿي وڻيو. پهريان ته در جي طاقن کي زور زور سان ڀتين
سان ٽڪرائڻ لڳس، گوڙ ته گھڻو ئي ٿيو ٿي پر بيڪار. ڀلا بابو هيو ڪو نه ۽ بدقسمتيءَ
سان امڙ وٽ به پائي به ڪا نه هئي. پيسا اچن ته ڪٿان؟ جڏهن اهو هِيلو ڪو نه هَليو،
تڏهن وري تختن تي رکيل ڪوپن کي هيٺ رکڻ لڳس، ته جي هاڻي به پيسا نه مليا ته ڪوپن
کي ڀڃندس. پر اها ڌمڪي به ڪارگر ڪو نه وئي، تنهنڪري وٺي جو ڪوپن کي ٿيلهو ڏنم، ته
لڙهڪندا ويا. زيان ڪيترو ٿيو، ان کي ته ڪو نه ڏٺم، پر پنهنجي امڙ جي ٻنهي ڄنگهن ۾
ڀاڪر پائي چمبڙي پيس. خواهه مخواهه روئڻ ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙون پائڻ ڪري ڪپڙا ته اڳ ۾
ئي خراب ڪري چڪو هوس ۽ هينئر وات ۽ نڪ مان ڳڙندڙ گِڦ ۽ سنگَھ امڙ جا به ڪپڙا خراب
ڪري رهي هئي.
آخر زوريءَ منهنجا چنبا ڇڏائي، امڙ منهنجي قبضي مان نڪري وئي ۽ مون کي بس هڪ
ٻيو بهترين طريقو سمجھ ۾ آيو. گھر جا سڀ دٻا جمع ڪري رسي کڻي پينگهي جي ٻانهي سان
ٻڌم ۽ پوءِ زور سان پينگھو وٺي لوڏڻ شروع ڪيم. اهو گوڙ ٿيو جو الامان! پاڙيسرين جا
ڪتا به ننڍ مان جاڳي پيا (اونهاري جو ڏينهن، شام جو وقت هو). سواءِ ڍڙنگ ڍڙنگ جي
ٻيو ڪو آواز ئي ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو ۽ مان روئي به رهيو هوس، مٽيءَ ۾ ليٿڙي به رهيو
هوس ۽ پنهنجي ماءُ ۽ بابي سائينءَ کي گھٽ وڌ به چئي رهيو هوس. آخرڪار اهو حربو
ڪامياب ويو ۽ امڙ هِتان هُتان ڪري پاڙيسرڻ کان چار آنا اوڌارا وٺي آڻي ڏنا.
هڪدم نقلي زوريءَ جو روئڻ بند ٿي ويو، پينگھي جي چيائون چينگ ختم، دٻن جي
رنڀڻ کان جان ڇٽي ۽ مان اٿي ڪپڙن کي ڇنڊيندي، ڌوڙ اُڏائيندي، امڙ کي سمجھائڻ لڳس،
”ڏس، جيڪڏهن اڳ ۾ پيسا آڻي ڏين ها ته جيڪر ايترو گوڙ نه ٿئي ها.“
دل خوشيءَ کان ٽپا ڏيئي رهي هئي ۽ ذهن (شيطان) مرڪندي چئي رهيو هو، ”ڀڄ پٽ
ٽڪريءَ (جوئا جي اڏي) تي.“ مان خوش ٿيندي نچندي ڀڄندي جيئن ئي ٻاهر وڃڻ لڳس ته
اوچتو در جي چائنٺ ۾ پير اٽڪي پيو، ڌُو سامهون رکيل گھڙا منجي جي ٻاهين سان مٿو
ٽڪرايو ۽ نئين ٺهيل گھڙا منجيءَ جي تکي ڪنڊ منهنجي مٿي ۾ کوهه بڻائي ڇڏيو. ڳاڙهي
ڳاڙهي گرم گرم رت ريلا ڪري وهڻ لڳي، اکين اڳيان اوندهه اچڻ لڳي ۽ اکيون آهستي
آهستي بند ٿيڻ لڳيون. جلد ئي محسوس ڪيم ته ڄڻڪ هڪ ٿڌو، ڏڪندڙ هٿ منهنجي تارونءَ تي
رکيو هجي ۽ ڪوئي چئي رهيو هجي، ”ٻچڙا ڏس! تون پنهنجي ماءُ نه رنجائين ها، پنهنجي
پيءُ کي نه ڏکوئين ها، ته جيڪر تو کي زخم نه رسي ها، تون تڪليف نه ڏسين ها.“
۽ منهنجي ذهن ۾ اهو احساس اٿي رهيو هو، ”مون پنهنجي شفيق پيءُ جو چوڻ نه
ورتو آهي، پنهنجي امڙ، مٺڙي ماءُ، جيجل ماءُ کي آزاريو آهي، تنهنڪري مون کي اڄ هي
گھاءُ، هي زخم رسيو آهي، جنهن جي مٿان هينئر ڪو ٿڌو پَهو رکيل آهي،“ ۽ سوچيم ته
”اڳتي ڪنهن کي به گار نه ڏيندس، ڪنهن کي به نه ڏکوئيندس ۽ جوئا، ڪوڙ ۽ گار گند کان
توبهه ڪندس.“
No comments:
Post a Comment