ڪهاڻي
يادون
۽ سُڪونُ
ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو
جيئن نه گُلَ-پتيءَ تي، ماڪ-ڦڙو سج جي روشنيءَ ۾ موتيءَ جيان جرڪندو آهي، هن
جي منهن تي به اهڙي چمڪ هئي. چپن تي مرڪ ائين ٿي تريس جيئن پاڻيءَ تي هنج. منهن
مان رت ڄڻڪ اٿل کائي ٻاهر اچڻ لاءِ آتو هئس، تازي خون جي وهڪري سبب ڄڻڪ شفق رنگ
پکڙجي پيو هئس. ويچاري کي مهينا پنڌ ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ملي هئي. جڏهن کيس
مختيارڪار صاحب چيو هو، ”ٺيڪ آ بابا، سڀاڻي اچي ڊيوٽي جوائن (Duty Join) ڪجان.“ ڪيڏو نه اطمينان ۽ سڪونَ
ڀريو اُڀو ساهه نڪري ويو هئس، هن کي هر طرف ٽڙيل گل ۽ ٽم ٽم ٽانڊاڻا نچندا نظر آيا
هئا ۽ خوش خوش ٿي پنهنجي محل طرف موٽيو هو.
سندس محل جو نقشو، تاريخ ۽ جاگرافي هيءَ آهي ته واڙي جي اولهه طرف پراڻي
ڪوٺي (انگريزي نه پر سنڌي ڪوٺي) گارو لٿل ۽ سرون ڳريل، ڀڳل ٽٽل چيڪڙاٽ ڪندي کلندڙ
در، پوڙهي جي چيلهه جيان نميل ڇت، لوهي چلهه جيان ٽه ڄنگھي کٽ، غريب جيان ڦاٽل
ڏريل ڀتيون، سندس قسمت جيان کُٿل رلهي ۽ سندس ذهني مونجھارن جيان ڀتين ۽ ڇت تي
ڪوريئڙي جو ڄارو.
جڏهن هو ڳوٺان پنج درجا پاس ڪري شهر آيو هو (جتي سندس ڳوٺ جو وڏيرو رهندو
هو) تڏهن پڻهس جي همدرد دوست وڏيري صاحب مٿس ۽ ستن پيڙهن تي ٿورو ڪري، ان شرط تي
رهڻ لاءِ اهو محل ڏنو هو ته سندس ڀٽاري مينهن لاءِ ڪُتر ڪندو، ڪَٽي مليندو، گھر
جون ڪاٺيون ڏاريندو ۽ ننڍڙن ٻارهن ٻارن کي پرچائيندو. هن آمنا صدقا ڪري سڀ قبول
ڪيو هو ۽ ٿلهي متاري وڏيري جي پيٽ کي ڏسي سوچيو هئائين ته پرواهه ناهي، ڪڏهن نه
ڪڏهن اسان جي قسمت به وڏيري جي پيٽ جيان نڪري نروار ٿيندي.
مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن به غريب جي ٻار جيان نوڪريءَ جي ڳولا ۾ هيڏي
ساري شهر جو اولهه کان اوڀر تائين، اتر کان ڏکڻ تائين، گھٽ ۾ گھٽ پنجاهون چڪر هنيو
هو. شهر ۾ ڇا نه هو! گورنمينٽ جون آفيسون هيون، انجنيري ۽ بجلي جا کاتا هئا، اسڪول
۽ آفيسون، ڏهاڪو کن ڪپڙي، بوٽن، صابڻ ۽ پائوڊر جون ڪمپنيون هيون، پر جي نه هئي ته
هن غريب لاءِ نوڪريءَ جي خالي جاءِ، هن به هڻي وڃي هنڌ ڪيو... ۽ آخرڪار مختيارڪاري
۾ ڪلارڪ جو آرڊر وٺي، پوءِ بس ڪئي هئي.
هن مشڪندي در کي لڳل ڪَٽ چڙهيل ڪُلف کوليو ۽ در جي طاقن کي اندر تي ڌڪو ڏئي
زور سان ٽهڪ ڏنو هو، جيئن گھٽ ۾ گھٽ هو ڪِنا چيڪٽ اڄ ته نه ٻڌي، جن مٿي ۾ سندس ڀت
رڌو هو (جڏهن ته مٿو ڪو پراڻو ديڳڙو نه هو). هن اندر گھڙي پنهنجي سدا سڀاڳي ٽن
پاون واري بنا واڏڻ کٽ کي کلي ڏٺو ۽ سيرون تي ويهي بوٽ جون ڪهيون کولڻ لڳو جيڪو کيس
وڏيري ڏنو هو ۽ ٻڌايو هئائينس ته ڏاڏي سائين جو بوٽ آهي، خيال سان پائج. بوٽ لاهي
ان جي تري کي ڏٺائين جيڪو ڪيترين ئي جاين تان اڊڙيل هو، ڪو ٽُڪر هيڏي ٿي لڙڪيو ته
ڪا چَتي هوڏي. هن کي الاءِ ڇو اهي سوال ياد اچي ويا جيڪي انجنيري کاتي ۾ ڪلارڪي
لاءِ انٽرويو ڏيندي کائنس پڇيا ويا هئا.
آفيسر مڇن کي مروٽيندي پڇيو هئس، ”ٻڌاءِ، جيڪڏهن وائر مين کي گھڻو ڪم ڪرڻ
سبب مٿي ۾ سور پئجي وڃي، ته تون کيس ڪهڙيون گوريون کائڻ جي صلاح ڏيندين؟“
اهو سوال ٻڌي هن جو ذهن سوچن سميت زُون ڪري اڏامي ويو هو. هٻڪندي هٻڪندي چيو
هئائين، ”سائين، ڪوڊين ڪمپائونڊ.“
آفيسر ڊگھي هُون ڪري ڪَن کي کنهيو هو ۽ چيو هئائين، ”بيوقوف! ڪوڊين ڪمپائونڊ
هاضمي لاءِ استعمال ٿيندي آهي، مٿي جي سور لاءِ ته ڪوڪين ڪمپائونڊ کائبي آهي.“ ۽
هن ڄڻڪ مرندي ٻڏندي چيو هو، ”ها سائين.“
آفيسر کيس گھوري اهڙين نگاهن سان ڏٺو هو، ڄڻڪ سندس ڄاڻ ۾ وسيع معلومات جو
اضافو ڪيو هئائين ۽ هٿ مٿي کڻي، ٻه آڱريون هوا ۾ لوڏيندي پڇيو هئائين، ”ڀلا ٻڌاءِ،
جيڪڏهن ڪو ڀنگ پي ان جو عادي ٿو ٿي پوي، ته ان جو علاج ڪيئن ڪجي؟“
هن ويچاري جا رهيل کهيل حواس به قلابازيون کائڻ لڳا هئا. اٿي بيهي هٿ ادب جا
ٺونٺين تائين ٻڌي، مسڪين آواز ۾ چيو هئائين، ”قبلا! مان انجنيرنگ ڊپارٽمينٽ ۾
ڪلارڪي وٺڻ آيو آهيان، ميڊيڪل جي آخري سال جو امتحان ڏيڻ نه.“
آفيسر تپي ٽامو ٿي ويو هو. کيس دڙڪو ڏيندي چيو هئائين، ”گستاخ! توکي انٽرويو
ڏيڻ جو ادب به ڪونهي، تو جهڙن لاءِ اسان وٽ جاءِ ڪانهي، ٽري وڃ هتان.“
هن بوٽ کي ڏسي سوچيو: ”مهرباني ڪري باقي مهينو ساٿ ڏجانءِ، پوءِ ڪل خير آهي.
تو کي پاڻ ئي ڍير تي ڦٽو ڪري ايندس.“ ۽ پوءِ آهستي بوٽ کي کٽ هيٺان رکيو هئائين.
هن پنهنجا ٻئي جوراب لاهي هٿ ۾ ڪيا. ٻنهي جورابن تي کڙين ۽ آڱرن جي جاءِ تي
وڏا ننڍا جارا ٺهيل هئا.
”آ ها ها، ڪهڙا نه سهڻا جورابا آهيو! ٻه سال ساٿ ڏنو اٿو، باقي هڪ مهينو،
تيستائين توهان پاڻ ئي کسي ويندؤ. باقي مان به اوهان جا اهڙا حال ڪيا آهن جهڙا ٽمون
ٽيڪسٽائل ملز وارن منهنجا انٽرويو وٺندي ڪيا هئا.“ پوءِ هن کي ان انٽرويوءَ جي هڪ
هڪ ڳالهه ياد اچي وئي.
مئنيجر سنهڙو سيپڪڙو، کڙٻاٽيون نڪتل کاڏي اڳتي ۽ لوٽ پوئتي نڪتل، اکيون
چنجھيون، جنهن تي ٿلهن شيشن واري عينڪ چڙهيل هئي. جنهن مهل عينڪ لاهي شيشن کي صاف
ٿي ڪيائين، تنهن مهل سندس مهانڊو اهڙو ٿي لڳو ڄڻڪ ڪنهن چٻري کي وهنجاري اس تي
ويهايو ويو هجي. مئنيجر پنهنجي ڪوٽ کي زور سان سَٽ ڏئي کانئس سوال ڪيو هو، ”ڪڪڙيون
آنا ڇو ڏينديون آهن، ٻچا ڇو نه؟“
هن جي ذهن ۾ ڄڻڪ ڦٽاڪا ڦاٽا هئا. هٻڪندي ابتو سبتو جواب ڏنو هئائين، ”سائين
ڪڪڙين جي مرضي.“
”ڪڪڙين جي مرضي!؟ اسان کي مرضي پوي ته ڪپڙن تي ڪٻريون ٺاهيون، مرضي پوي ته
ڪانوَ، رنگ نيرو ڪيون يا پيلو، ته وري ڪڪڙيون اسان جي مرضيءَ خلاف آنا ڇو
لاهينديون؟“ مئنيجر جوش مان زور سان مڪ ميز تي هڻندي چيو هو ۽ تارا ڦوٽاريندي چيو
هئائين، ”چڱو ڀلا ٻڌاءِ، انسان کي ٻه هٿ ڇو آهن، ڏهه ڇو نه؟“
”سائين... سائين الله جي مرضي،“ ويچاري جو ڄڻ روح ٿي ڏڪيو.
وري الله جي مرضي! ڇا الله اهو ڪو نه پيو سمجھي ته ماڻهن کي فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ
لاءِ ٻن هٿن جي نه، پر ڏهن هٿن جي ضرورت آهي؟“ مئنيجر ڪڙڪو ڪندي چيو هو، ”چڱو ڀلا
ٻڌاءِ، گڏهه گاهه ڇو کائيندو آهي، لٽو ڪپڙو ڇو نه؟“
هن ويچاري جون متيون منجھي ويون هيون، ڳيت ڏيندي ڄڻڪ روئيندي جواب ڏنو هئائين،
”س... س... سائين، گڏهه جي مرضي.“
مئنيجر اڀو ٿي ويو ۽ زور سان رڙ ڪندي چيو هئائين، ”تون نرو جاهل آهين، ڄٽ
آهين، نڪمو ۽ نادان آهين، تو کي ايتري به خبر ڪانهي. اصلي ڀڄي وڃ، تو لاءِ اسان وٽ
جاءِ ڪانهي.“ ۽ ويچارو ڪنڌ لڙڪائي اچي ٽن پاون واري کٽ تي ڪريو هو.
هن جورابن کي چپٽي ۾ جھلي، مٿي ڪري ڦٽو ڪيو ۽ ڏاڍي آرام سان کٿل رلهيءَ تي،
کٽ جي جھول ۾ ڪري پيو. اطمينان سان گوڏو اڀو ڪري ٻي ٽنگ تي رکي، ويهاڻي هيٺان پن
جي ٻيڙي ڪڍي ڏندن ۾ جھليائين. سٽ ڏئي قميص جي کيسي مان ماچيس ڪڍي، تيلي ٻاري ٻيڙي
دکايائين، وڏو سوٽو هڻي دونهون هوا ۾ اوڳاريائين. دونهين جا وڙ وڪڙ ڏسي هن کي
مختيارڪار صاحب جا پڇيل سوال ياد اچي ويا، جيڪي ائين ئي دونهين جيان وڪڙيل هئا. هن
به ڏنل پنجويهن ناڪام انٽريوئن جو ست ڪڍي مختيارڪار کي جواب ڏنا هئا.
صاحب ڏاڍو شريف ماڻهو ٿي ڏيکاريو، منهن مان مڻيا ٿي بکيس، هر آفيسر جيان
سندس پيٽ ته ٻاهر نڪتل هو ئي، پر هي کلمک هو. کانئس سوال ڏاڍي نرمائي سان پڇيا هئائين،
”بابا تو کي نوڪري جي ضرورت آهي؟“
”ها سائين، پر مان گھرو ڪم ڪرڻ جو به ماهر آهيان، ڪتر ڪرڻ، ٿانو ملڻ ۽ ٻهاري
ڏيڻ به ايندي آهي.“ هن ڪنڌ جھڪائيندي چيو هو.
”تو کي نوڪريءَ جي ضرورت ڇو پئي؟“
”سائين غريب آهيان، گذر سفر ڏکيو پيو ٿئي. سوچيم ته توهان جي خدمت ڪري سڪون
ملندم.“
”شاباس پٽ، تون ڏاڍو سڀاڳو ٿو ڏيکارجين. چڱو ٻڌاءِ، تو ڪڏهن هاٿي ڏٺو آ؟“
”ها سائين، هاٿي ڏٺو اٿم، هاٿيءَ جو پيءُ به ڏٺو اٿم. سائين گذريل سال سرڪس
۾ آئي هئي نه، هاٿيءَ مالڪ کي زور ٿي ڏنا. مان به تيل مالش ڪرڻ ڄاڻان سائين.“
”شاباس، شاباس! پٽ، مون کي مٿي ۾ سور پيو آهي، ٿوري مالش ته ڪر.“
”ها سائين مان توهان کي زندگي ڀر مالش ڪندو رهندس.“
هن اٿي صاحب جي مٿي تي مڪون وهائڻ شروع ڪيون، ڪنهن مهل وار ٿي پٽيائينس،
ڪنهن مهل ڪَن.
”ها شاباس پٽ! ٻڌاءِ ته هاٿي ٻچا ڇو ڏيندو آهي، آنا ڇو نه؟“
اوچتو ڄڻڪ کيس لوندڙي وارو مترڪو ٺڪاءُ ٿي ويو. زور زور سان صاحب جي مٿي کي
مهٽا ڏيندي چيائين، ”سائين هاٿي بيوقوف جانور آهي، هن کي آنا ڏيڻ کپن، جيئن ماڻهو
پنج ڇهه ڏينهن هڪ ئي آنو کائيندا رهي.“
”شاباس، واهه واهه پٽ، هلي پنهنجي جاءِ تي ويهه، تون ته ڏاڍو ذهين آهين، ڀلا
ٻڌاءِ گھوڙا عينڪ ڇو نه پائيندا آهن؟“
”سائين ڇو ته گھوڙا گاهه کائيندا آهن.“
هن ڪنڌ کڻي صاحب جي منهن کي ڏٺو، جنهن تي عينڪ ڪا نه هئي.
”شاباس پٽ! ٻڌاءِ ته شاعر وڌيڪ بيوقوف هوندو آهي يا اديب؟“
سائين شاعر وڏو بيوقوف آهي ۽ اديب کان وڏو بيوقوف ته ڪو ٿي نه ٿو سگھي.“
”شاباس، شاباس...“ صاحب ڪجھ منجھيو. ڪجھ سوچي ”ٺيڪ آ“ ڪيائين ۽ وري سوال
پڇيائين، ”آمريڪا ڪنهن ڳولي لڌي ۽ ڇو ڳولي لڌي؟“
”جنهن به ڳولي لڌي، وڏو ڪو ڄٽ هو، پنهنجي زندگي ڏچن ۾ ڦاسائي ڇڏيائين.“
”شاباس، پٽ شاباس. تو جهڙن ذهين ۽ محنتي ڪلارڪن جي اسان کي سخت ضرورت آهي.
مان توکي هاڻي ئي آرڊر ٽائيپ ڪرائي ٿو ڏيان. تون سڀاڻي ڊيوٽي جوائن ڪجان، شاباس.“
هو ڏاڍو گد گد ٿيندو، هنبوڇيون هڻندو، پنهنجي محل تي موٽي آيو هو.
اڄ هو بيٺل پاڻيءَ جيان پُرسڪونُ هو. هن کي مهينا پنڌ ڪرڻ ۽ ننڊون ڦٽائڻ کان
پوءِ آرام مليو هو. هن جو روح ٿڪل هو، هن کي آرام جي ننڊ جي ضرورت هئي. هن جون اکيون ننڊ جي بار
کان ڳريون ٿي ويون، هن کي ننڍ اچي وئي. پياري پياري ننڊ، جنهن ۾ هن کي ڪا ڳڻتي ڪا نه
هئي، ڪا پريشاني ۽ ڪا اڻتڻ ڪا نه هئي، ڪو به وسوسو ۽ شڪ شبهو ڪو نه هو. هن جو اٻاڻڪو
اتاولو روح به ننڊ جي پيار ۽ سڪون سان ٻانهون ٽيڙي پئجي رهيو هو. هن کي اها به
ڳڻتي ڪا نه هئي ته سندس هٿ ۾ جھليل ٻيڙي، جيڪا سندس قسمت جيان کٿل رلهي تي ڪري پئي
هئي، رلهي کي ساڙيندي ساڙيندي کٽ جي ڇڳل واڻ کي ساڙڻ شروع ڪيو هو.
No comments:
Post a Comment