11/06/2012

منگهڻ - ڪهاڻي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪهاڻي
منگهڻ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
        مون سٽ ڏئي، سوڙ کي مٿان لاهي، پرتي ڪري، ڦٽو ڪيو. تڪڙ ۾ هٿ پٺيءَ تي ورائي پٺي تي رهڙو ڏنو. هلڪڙي ننڍڙي جيتڙي، ڪِينئين جيان سُرڪندڙ شيءِ کي آڱر محسوس ڪري چمٽي وئي ۽ مون کيس چپٽي ۾ جھلي پنهنجي اکين سامهون جھليو. ننڍڙي ٽنڊڻي جيتري جيت کي منهنجين ٻن آڱرين سوگھو ڪري جھليو هو. سندس لوٽ نڪتل ننڍڙي منڍيءَ کي ڌڳي جهڙي سنهي ڳچيءَ سندس منڍيءَ سان ڳنڍيو ٿي. ڍڍري بدن ۽ ڪاراڻ مائل ڳاڙهي رنگ کي ڏسي، سمجھي ويس ته ڳوٺان موڪلائڻ مهل جنهن جيت جا پار پتا ڏئي، امڙ مون کي ڊيڄاري رهي هئي، پڪ اهو ئي آهي. امڙ کيس منگھڻ ٿي چيو.

جڏهن مون پنهنجي شهر کان ٻه سَو ميل پري، پڙهڻ لاءِ امڙ کان موڪلايو هو، تڏهن چيو هئائين، ”پٽ! پرديس پيو وڃين، خيال سان رهجانءِ... ۽ ها پٽ! ان طرف منگھڻ به ڏاڍا اٿئي، انهن جو به خيال ڪجانءِ.“
مون وائڙو ٿيندي حيرت منجھان کيس چيو هو، ”پرديس!؟ پرديس وري ڪهڙو امڙ؟ مان ته پنهنجي ديس جي هڪ حصي ۾ پڙهڻ ٿو وڃان... ڪجھ ڏينهن جي پڙهائيءَ ڪاڻ! ٿوري وقت جي لاءِ، ته به پرديس ٿي چوين!؟... ۽ هو آهن، جيڪي سالن لاءِ پنهنجو ديس ڇڏي اچي، هتي کپي ويهي ٿا رهن، اهي به پاڻ کي پرديسي ڪونه ٿا چون... نه ٻولي، نه ڌرتي ۽ نه ئي ڪا ثقافت... ته به منهنجو ديس، منهنجو ديس ڪندا ٿا وتن... پر امڙ! اهو منگھڻ وري ڇا بلا آهي؟“
”منگھڻ ٽنڊڻي جيترو ننڍڙو جيت ٿيندو آهي، جنهن جو ڳاڙهاڻ مائل رنگ سندس ڪِني خون جي ڪري ٿيندو آهي. هن جي خون ۾ ڏاڍي ڌپ ٿيندي آهي.“ امڙ چيو هو.
مون اهڙي جيت متعلق ان وقت تائين ڪو نه پڙهيو هو. مون پڇيو ، ”آخر اهو منڌيل ڪيڙو ان طرف ڇو ٿو ٿئي؟“
”پٽ، گند جي پيدائش گندي ٿيندي آهي، ان جي لاءِ ماحول سازگار هو... ۽ اهو مُئو ته انساني خون تي گذارو ڪندو آهي.“
”امڙ، اسين خونين جون ڳچيون ٽوڙي ڇڏيندا آهيون. اسين گندي خون جا دشمن آهيون. اسان ڪني خون جو وجود مٽائي ڇڏينداسون. اسان جي مٺڙي سڳنڌ ڀري ڌرتيءَ تي اهڙي ڌپيل جيون جي ضرورت ڪانهي.“
”پٽ، جڏهن اهو ڪنو خون لڳي پوندو آهي، تڏهن ان جي ڌپ ڪيتري مدت تائين نه مٽبي آهي.“
”امڙ، مان پنهنجي خون جي خوشبوءَ سان جي رت جي ڌپ کي ڌوئي ڇڏيندس، پر اهو ايترو خطرناڪ ڇو آهي؟“
”مفت جي مٽي، مفت جا گھر، بڇڙي ذهنيت، ردي پالنا، حرام جي ڪمائي... انهن جو ڍڍر پرائي خون سان ڀريل هوندو آهي. رات جو لِڪي لِڪي حملو ڪندو ۽ خون پِي، وري لِڪي ويندو آهي.“
”امڙ، مان سڄاڳ رهندس ۽ سڄاڳيءَ جي پرچار ڪندس، مجال آهي منگھڻ جي، جو هاڻي رت پِي سگھي. مان ان جي جسم کي چِٿي ڇڏيندس، مان ان جي وجود کي لتاڙي ختم ڪندس.“
۽ هينئر اهو خون پياڪ منگھڻ منهنجي چپٽيءَ ۾ آهي. مون سندس وجود کي سوگھو ڪيو آهي. مان ان کي مروٽو ڏئي ماري ڇڏيان، مان سندس منڍي ڀڃي رکان... پر سوچان ٿو... منهنجي هٿ ۾ هن جي منڌيل خون جي ڌپ ٿي پوندي. جيڪڏهن کيس زمين تي ڦٽو ڪري لت سان چيڀاٽيندس ته ڌرتيءَ تي ڌپ ٿي پوندي. مان هن کي ڪٿي ماريان، جو منهنجي هٿ ۾ ڌپ نه ٿئي ۽ نه منهنجي ڌرتيءَ تي گند ٿئي؟ مون کي ڌرتيءَ تي گند نه گھرجي، مون کي ڌرتيءَ تي ڌپ ڪا نه ٿي وڻي ــــــــــــ مان هن کي ڪٿي ماريان؟

No comments:

Post a Comment