ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: هڪ کاهوڙي اديب ۽ ڏاهو
ليکڪ: منير چانڊيو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
|
دنيا جي هر سماج ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو، ٻن طبقن ۾ ورهايل
آهن. انهن مان هڪ قسم جي طبقي ۾ سامراجي، جاگيردار، سرمائيدار، ڦورو ۽ انسان دشمن
رويا رکندڙ فرد اچي وڃن ٿا، جڏهن ته ٻئي طبقي ۾ انسان دوست، پورهيت، غريب،
سيڪيولر، ترقي پسند، مظلوم ۽ محڪوم طبقي جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ، اجائي وهم پرستيءَ،
عقيدي پرستيءَ ۽ خيال پرستيءَ کي عقل، دليل، منطق ۽ سائنس ذريعي رد ڪندڙ، انسان
دوست ۽ روشن خيال قدرن کي تخليق ڪري انهن کي اُڀار ڏئي ۽ ان کي اڳتي وٺي ويندڙ
اعلى آدرشي انسان شامل آهن. انهن جو ذهن، عقل ۽ سمورو علم ڪنهن ڦورو، ظالم،
جاگيردار، سرمائيدار ۽ پير، مير، نواب، وڏيري جي چائنٺ جي غلام ٿيڻ، ان طبقي کي
فائدو ڏيڻ بدران، ان طبقي جي سرمائيداراڻي ۽ سامراجي روايتن، وهم پرستيءَ ۽
غلاماڻي سوچ کي ٿڏي، پنهنجي زندگيءَ جو پَل پَل پنهنجي وطن ۽ ان جي مسڪين مارن جي
ڦٽل نصيب سنوارڻ ۽ پنهنجي قوم جي تاريخ ۾ سونهن ۽ سينگار پيدا ڪرڻ لاءِ وقف ٿئي ٿو.
سچ ته اهڙن اعلى آدرشي انسانن مان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به هڪ هو، جنهن پنهنجي سموري شعوري
ڄمار پنهنجي وطن سنڌ ۽ ان جي مظلوم، محڪوم، ڦُريل ۽ لُٽيل مارن جي حقن لاءِ
جاکوڙيندي گذاري.
هن پنهنجي شاگرديءَ واري زماني کان ئي پنهجي قوم جي
ٻارن ۾ علمي، ادبي ۽ سائنسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ قنبر شهر ۾ ”گلن جهڙا ٻارڙا“ تنظيم جو بنياد وڌو ۽ ان جي
هفتيوار گڏجاڻين ۾ پاڻ ڄامشوري مان سيڙجي اچي شرڪت ڪندو هو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ جي حيثيت
۾ سڄيءَ سنڌ ۾ سرگرم رهيو. ڊاڪٽر محبت بنيادي طور هڪ انقلابي ڪارڪن ۽ اڳواڻ هئڻ
سان گڏوگڏ هڪ ڏاهو ۽ مفڪر پڻ هو، جنهن سبب ئي هن مختلف سائنسي، علمي، جدلياتي ۽
فڪري موضوعن تي ڪيترائي لاڀائتا ليڪچر پڻ ڏنا. اڄ جيڪڏهن قنبر سڄيءَ سنڌ ۾ پڙهيل
لکيل، روشن خيال، ترقي پسند، سائنسي ۽ سياسي سوچ رکندڙ شهر جي حيثيت رکي ٿو، ته ان
۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ ان جي ساٿين جون ڪيتريون ئي اڻکُٽ محنتون شامل آهن. ان دؤر ۾
جيڪڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ سندس ساٿي جامي چانڊيو، ڊاڪٽر بخت جمال شيخ، ڊاڪٽر ايوب
شيخ، ڊاڪٽر نظير شيخ، ڊاڪٽر ظفر قادري، عظيم سومرو، منظور ڇڄڙو، زاهده شيخ، ريحانه
شيخ، آفتاب شيخ ۽ ٻيا ان دؤر جي فرسوده روايتن ۽ رسمن، غلاماڻي ۽ جاگيرداراڻي سوچ،
وهم پرستيءَ، خيال پرستيءَ ۽ اهڙين ٻين ڪيترين ئي مُدي خارج ۽ انسان دشمن روايتن
سان عقل پسنديءَ، سائنسيت، علم، ادب ۽ انسان دوست فڪر سان مقابلو ڪري، نوان انسان
دوست ٻج نه پوکين ها ته شايد اڄ اسان، مان ۽ مُون جهڙا ٻيا ڪيترائي نوجوان هن مَقام
تائين نه رسي سگهن ها، جنهن تي هن وقت اسين رسي چڪي آهيون. ان ۾ يقيناً ڊاڪٽر محبت
ٻرڙي ۽ ٻين ڪيترن ئي کاهوڙي انسانن جو ڪنٽريبيوشن شامل رهيو آهي.
ڊاڪٽر محبت جا ڪيترائي غير معمولي ڪم بنهه حيرت ۾
وجهندڙ آهن. هو هڪ ئي وقت سياسي اڳواڻ، محقق، مترجم، تنقيد نگار، لسانياتي ماهر،
ڪهاڻيڪار ۽ اتساهڪ اديب هو. هو پنهنجي گهڻ طرفي ڪمن ۾ سڀني ڪمن جو وڏو ڄاڻو ۽ عالم
هو. هن جهڙيءَ ريت ڪهاڻيون لکيون، مضمون لکيا ۽ سياسي تنقيدي ڪتاب لکيا، ان جو ڪو
مثال نه آهي. هن اڪيلي سر سنڌي ٻوليءَ جي انسائيڪلوپيڊيا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان جي
نتيجي ۾ ڪيترو ئي ڪم ڪيائين، جنهن جو مثال سندس ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيڪا“ آهي. لسانياتي ماهر جي حوالي کان سندس شايع ٿيل ڪتاب هڪ وڏي وٿ
آهن، جن ۾ ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“،
”ٻوليءَ جو بڻ“، ”سنڌي ٻولي لفظ، لغت ۽ لکت“، ”ٻول جو بُڻ“ شامل آهن.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي فلسفي جي بيحد ڏکِي ۽ پيچيده ٻوليءَ کي
نهايت سولي سنڌيءَ جو روپ اوڍايو، ان جو مثال ”جدلي
ماديت جا بنيادي اُصول“ ڪتاب آهي. ان ڪتاب جي ٻوليءَ کي ڊاڪٽر محبت
انتهائي سولو ۽ عام فهم ڪري ترجمو ڪيو آهي، جيڪا هڪ مترجم جي وڏي ڪاميابي هجي ٿي.
ڊاڪٽر محبت پنهنجي ڪُمهلي موت سبب اڄ اسان جي وچ ۾
موجود نه آهي، پر هن جو ڪيل ادبي، علمي، شعوري، سائنسي ۽ فڪري پورهيو اسان جي ذهنن
جي آبياري ڪري رهيو آهي. اڄ ڊاڪٽر محبت ته هتي موجود نه آهي پر منهنجي دل ۾ هڪ
خواهش ۽ حسرت ضرور موجود آهي ته ڪاش اڄ ڊاڪٽر محبت زندهه هجي ها ته مان جيئن سندس
ڪيل علمي ۽ فڪري پورهيي مان سکي رهيو آهيان، جيئن پنهنجي محبوب استاد جامي چانڊيي
وٽان علمي، ادبي، فڪري، شعوري، عقلي ۽ سائنسي علم جا ”ٻه اکر“ سکيا آهن، جيئن
ڊاڪٽر نظير شيخ ۽ آفتاب شيخ جي دوستيءَ ۾ انهن کان ڪيترائي انسان دوست رويا سکيا
آهن، جيئن سنڌي ادبي سنگت، عوامي تحريڪ ۽ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي گڏجاڻين ۾
مانائتن دوستن ستار هڪڙي، دين محمد ڪلهوڙي، رياضت ٻُرڙي، سعيد سومري، خادم رند،
اياز چانڊيي ۽ ٻين دوستن جي صحبت ۾ انهن وٽان سکيو اٿم، تيئن ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي
دوستيءَ ۽ صحبت ۾ ڪجهه وڌيڪ سکي وٺان ها!
No comments:
Post a Comment