ڪهاڻي
شاڪ
ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو
هو ڏاڪڻ تي چڙهندي ٿاٻڙيو، پر اِقوءَ کيس جلد ئي سهارو ڏئي سڌو ڪيو. هو نشي
۾ ڌُت هو، کيس ملڪ جهان جي خبر ئي ڪو نه ٿي پئي. ٿورو ڪنڌ کڻي اِقوءَ کي گھوري
ڏٺائين ۽ جلد ئي نظرون هيٺ ٿي ويس. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون، وار ڇڙو ڇڙ لڳا پيا
هئا، منهن تي خشڪيءَ جو تهه ڄمي ويو هئس ۽ چپ سڪل هئس، جن کي زبان گھمائي آلو ڪرڻ
جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو، ڪپڙا سٺا پهريل هئس. شڪل جو به ڪو برو ڪو نه هو، سهڻو
نڪتل رنگ ۽ سينو ڪشادو رکندڙ هو. هي قادو هو. هونئن ته نالو قادر بخش هئس، پر سندس
دوست قادو قادو ڪري ڪوٺيندا هئس. جهڙي قسم جي دوستن جي صحبت ۾ رهندو هيو، اتي اڌ
نالو سڏڻ ڪو بُرو يا خراب محسوس نه ڪيو ويندو هو. کيس پڻهس پاڻ جيان براين ۾ نه ٿي
ڏسڻ گھريو ۽ پنهنجي شهر کان ٻاهر ۽ پري ان لاءِ ئي موڪليو هو، جيئن هو برن دوستن
جي صحبت کان پري رهي ۽ کيس سٺو ماحول ميسر رهي، پر هت هن جي جنهن سان پڪي دوستي
ٿي، اهو هاسٽل جو بدنام ترين شخص اقبال هيو، جنهن کي عرف عام ۾ اِقو ڪري سڏيو
ويندو هو. اِقو جي دوستيءَ کيس نئين زندگي بخشي. هن قادوءَ جي هر گھرج کي پورو
ڪيو، کيس جواخانه ڏيکاريائين، بازار حسن کان روشناس ڪرايائين، رنڊين جا ديدار
ڪرايائين، ته بالاخانن جا سير به. قادو اکيون ٻوٽي اِقوءَ جو چوڻ مڃڻ لڳو. ڀلا
سندس پيارو، عزيز ۽ بهترين دوست هئو.
هو حسينه ٻائي جي بالاخاني تي ڪيتري ئي عرصي کان ايندڙ هئا ۽ ڪيترن ئي جسمن
کان سيراب پڻ ٿيا هئا. اڄ هنن کي هڪ دور دراز شهر ۾ رهندڙ، حسينه ٻائي جي هڪ سهيليءَ
جي ڌيءُ سان متعارف ٿيڻو هو.
حسينه ٻائيءَ کين اهو ته نه ٻڌايو هو ته هوءَ ڪير آهي ۽ ڪهڙي شهر جي رهندڙ،
البت هن جي جسم جي، هن جي حسن جي، ايتري ته تعريف ڪئي هئائين جو هن کي سندس ديدار
ڪرڻ جو شوق ٿي پيو هو ۽ هينئر هو ان ئي حسن جي راڻيءَ کي ڏسڻ لاءِ آيا هئا.
جيئن ئي حسينه ٻائيءَ کين ڏٺو. ڊوڙي اچي سندن آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ وٺي وڃي ڪوچ
تي ويهاريائين.
”حسينه ٻائي! ڪٿي آهي هوءَ حسن جي ديوي؟ اسين سندس درشن ڪرڻ لاءِ ماندا
آهيون.“ قادوءَ نشي ۾ لڏندي ڳري آواز ۾ پڇيو.
”هينئر ئي توهين کيس ڏسي سگھندا، ٿورو کيس تيار ته ٿيڻ ڏيو.“ حسينه ٻائي
لڏندي هڪ ادا سان چيو.
جلد ئي هوءَ اٿي سامهون واري ڪمري ۾ ويئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ ٻاهر نڪري وڏي
فخر سان چيائين، ”توهان منهنجي انتخاب جو داد ڏيندؤ، هلو، هلي ڏسو، مون توهان لاءِ
ڪهڙو نه مکڙو چونڊيو آهي، گلاب جي گل کان وڌيڪ پيارو، روشن چنڊ کان زياده حسين،
توهان جي سوچ ۽ توهان جي تصور کان وڌيڪ اُوچو. اچو اچو...“
ائين چئي در تي ڏنل پردو کڻي ٿورو مٿي کنيائين ۽ هو ٻئي اندر داخل ٿيا. قادوءَ
جو ڪنڌ ٿورو هيٺ ڍرڪيل هو.
”آ ها! ڪهڙو نه پيارو، ڪهڙو نه حسين تحفو آهي.“ اِقوءَ هٿ مٿي کڻي ڪنڌ
لوڏيندي چيو.
واقعي سامهون نوجوان ويٺل ڇوڪري يا ڪِ عورت حسن جو مرقع هئي. پنهنجي تعريف
تي مرڪ جا گل وسائيندي هنن ڏانهن نهاريائين. پر هي ڇا، هوءَ هڪ جھٽڪي سان اٿي
بيٺي، ڄڻڪ کيس اوچتو بجليءَ جي شاڪ لڳي هجي.
اِقوءَ جو جملو ٻڌي قادوءَ به آهستي آهستي پنهنجي ڪنڌ کي مٿي کنيو، پر هن کي
به ڄڻ زبردست شاڪ لڳي هجي. سندس دل ۾ تير لڳا هجن، کيس زمين پيرن هيٺان ترڪندي
محسوس ٿي رهي هئي. سندس ذهن ۾ ڌماڪا ٿي رهيا هئا، اکيون حيرت کان ڦاٽي ويون هئس ۽
دماغ ۾ آنڌاريون هلي رهيون هئس: هن جي سامهون سندس ڀيڻ بيٺي هئي.
No comments:
Post a Comment