11/07/2012

اڄ جا سورهيه - ڪهاڻي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪهاڻي
اڄ جا سورهيه
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
مَسَ مَسَ بس اولڊ ڪيمپس وٽان چُري، حيدر چوڪ مُڙي، جرنيل اعظم شهيد هوش محمد شيدي روڊ تي ڊوڙڻ شروع ڪيو. سياري جي موسم رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. مان بس ۾ عورتن وارِي پهرين (ڊرائيور جي پويان) سيٽ تي ويٺل هئم. اڄ عزيزن کان موڪلائيندي دير ٿي وئي، ڊڪي ڊوڙي اچي يونيورسٽي ويندڙ آخري بس پڪڙي هئم. چئن جي سيٽ تي اسان ست ڇوڪريون ويٺيون هيون سي. مان وچ ۾ هئم. ڇوڪرا هيڏي هوڏي در درين (خاص ڪري ڊرائيور ويجھي) مان زور لڳائي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڊرائيور جي چوڌاري ڏنل پائيپن جي ڪٽهڙي تي ڪيترائي ڇوڪرا ويٺا هئا، ڪجھ ڊرائيور جي ساڄي پاسي دٻيا پيا هئا ۽ ڪيترائي سامهون واري شيشي سان ڳاهٽ ٿيا پيا هئا.

”اڙي يار، زور نه ڏيو...“ آواز ڪن پيم، ڄڻڪ پيٽ ۾ وٽ ٿيو هجيس، آهستي ڪنڌ ڦيرائي کاٻي طرف ڏٺم. قد جي ڊگھي سنهڙي سيپڪڙي، ڏانداري جهڙا ڏند ڪڍي، ڏونگھي ۽ ڊگھي مٿي واري شڪل، واڇ ڇيڪي، اهڙو منهن بگاڙيو، ڄڻڪ هُو آخري ڇيڙي تي ويٺل ڇوڪريءَ مٿان ڪرڻ نه چاهيندو هجي (جڏهن ته هو اڳ  ئي ايترو ليٽيو پيو هو جو ڇوڪري ويچاري ڪُٻي پئي ٿي. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪيون ويٺي هئي). سيپڪڙي تارا ڦيرائيندي بس جي پوئين حصي ۾ ڪنهن کي گھوري اک ڀڳي.
”ڏي خبر، مزي ۾ آهين نه؟“ ٺيٺ ٻهراڙيءَ جو لهجو، ليڊيز سيٽ پويان ڪٽهڙي ڀرسان هڪ آواز آيو.
”هتي ته گرمي ئي گرمي آهي.“ هن ڏندن کي وڌيڪ ظاهر ڪندي چيو. مون ڪنڌ هيٺ ڍرڪائي ڇڏيو. سوچيم: پراوَن تي ڪهڙي ميار، هي پنهنجا به اسان لاءِ ڪوئي جذبو نه ٿا رکن. جيڪڏهن اها ڇيڙي واري ڇوڪري پٺيان بيٺل نينگر جي سڳِي ڀيڻ هجي ها، ته هن ڏند ڇيڪي کي، اهڙي سيکت ڏي ها جو...“
گاڏيءَ هير آباد وارو ٽرن ڪٽيو.
”اڙي... اڙي يار! ڪجھ ته خيال ڪيو...“ ساڳيو ئي ڇوڪرو ڇيڙي واري ڇوڪريءَ مٿان ٿي ڪريو. ڪٽهڙي ۾ هٿ وجهي اهڙو مهانڊو بگاڙيائين، ڄڻڪ سڌو ٿي بيهڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪندو هجي. سوچيم: ”ڪيڏا نه مڪار ۽ حرفتي، ايڪٽر ۽ دوکي باز آهن، پر ان ۾ انهن جو ڪهڙو ڏوهه! پنهنجي فطرت کان مجبور آهن... اسان جي پنهنجي اکين جو پاڻي ڇو مري ويو آهي!“
”اي ابا! ٿڌي هوا ٿي اچي، اها دري ته بند ڪيو.“ ڪٽهڙي جي پويان واري سيٽ تان آواز آيو ۽ وري ”هي... هي... هي...“ ٽهڪڙو.
ساڄي طرف ڪنڊ ۾ ويٺل ٿلهي ڇوڪري نعيمه تي اکيون کپائي ڇڏيم، جا هن قهر جي سرديءَ ۾ به دري کوليون ويٺي هئي. نعيمه منهنجي ڪلاس فيلو هئي.
هوءَ اهو ٻڌائيندي ذرو به نه هٻڪندي هئي ته کيس ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ٻهراڙيءَ جو ڊوميسائل صرف اٺن ڏهن ٽوڪرن جي قربانيءَ سان مليو هو. پٺيان چيل جملو ٻڌي منهن تي مرڪ پکڙجي ويس، ٿڌي هوا لڳڻ ڪري نڪ مان ٽسو وهي آيو هوس، تنهنڪري نڪ تي رومال اهڙي ته نزاڪت سان رکيائين، ڄڻڪ ان ۾ ٻين جو ڏوهه هجي.
”ڊرائيور... ابا آهستي... هيڏي نڪ مان سنڌو ٿو وهي.“
وري ٽهڪڙو ٻڌڻ ۾ آيم. نعيمه تڪڙ ۾ ڪنڌ پوئتي ورايو، ڏند ڪڍي وري سڌي ٿي ويٺي. پوئتي وري ٽَهه ٽَهه ٿي وئي. مون سوچيو ته منهنجن ڀائرن جي ذهنن ۾ ايڏي گندگي ۽ غلاظت ڀرجي وئي آهي، جو نڪ مان وهندڙ ٽسي کي سنڌوءَ جو پاڻي پيا چون.
سنڌو... ڪاڏي سنڌوءَ جي عظمت، ڪٿي ان جو پوتر پاڪ پاڻي، ۽ ڪاڏي...!
”اف! اسان پاڻ ئي پنهنجي سورهين جي سورهيائيءَ سان اڏيل تاريخ کي لٽي ڇڏيو آهي؟ ڇا اسان ڄام ابڙي سَمي ۽ ممٽ کي مٽيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي؟ ڪٿي اسين شاهه جو پيغام ته نه ڀلائي ويٺا آهيون؟ ڇا هي اياز، تنوير، شمشير، قمر، امداد، انور کي مورڳو ٻڌندا ئي نه آهن؟“ اکين ۾ ڳوڙها تري آيم. مون ڪنڌ موڙي اڄ جي سورهيه جوڌن جو ديدار ڪرڻ گھريو. ڪٽهڙي پويان پهرين سيٽ تي ويٺل ٻن سنڌي ٽوپي پهريل نوجوانن هڪ ٻئي کي ڪتڪتايون پئي ڪڍيون. اوچتو هڪ جي نظر مون تي پئجي وئي، ٻئي کي ٺوٺ هنيائين ۽ پوءِ ٻئي کلڻ لڳا، ڄڻ ڪا کيپ کٽي هجين.

No comments:

Post a Comment