11/10/2012

ڌرتي: منهنجو گهر (حصو ٻيو/آخري) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڌرتـــي: منهنجو گهر
(حصو ٻيو/آخري)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سهيڙ: رياضت ٻرڙو
هڪ وڏو چقمق
وارن کي ڦڻيءَ سان سنواري يا ڦڻي وارن سان گَسائي، اها ڪنهن وارَ، ڪَکَ يا ڌاڳي جي ڀرسان جھليو. ڦڻي وار، ڪک يا ڌاڳي کي ڇِڪي/ڊُوهي پاڻ سان چنبڙائي ڇڏيندي ـــــــــــ ايئن ڪرڻ سان ڦڻيءَ ۾ هلڪين شين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺڻ جو گڻ پيدا ٿي پيو آهي. جنهن به شَي ۾ ٻيءَ ڪنهن به شي کي پاڻ ڏانهن ڊُوهي/ڇِڪي وٺڻ جو گڻ هجي، ان کي چقمق يا مقناطيس چئجي ٿو. مقناطيسي/مقنائي گڻ رکندڙ شَي ڪو پٿر به ٿي سگھي ٿو، ته ڪو ڌاتو به، ۽ ڌرتي به، ته چنڊ، سج ۽ ڪو ٻيو تارو به.
ٻه چقمق جڏهن هڪ ٻئي جي ويجھو آڻبا ته اهي هڪ ٻئي کي ڇڪ ڪندا، پر وڏو ننڍي کي ڊُوهي وٺندو ۽ پاڻ سان چنبڙائي رکندو، تان جو ڪجھ زور لڳائي انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيو وڃي. چقمق جي ان مقنائي گڻ کي بنياد بنائي، ڪيترن ئي قسمن جون رانديون/کيڏُون ٺاهيون ويون آهن ۽ ڪي کيڏون ته ”جادُوءَ“ جي ڏِک پيون ڏينديون.
پکين کي اها سُڌ ته آهي ئي ڪو نه، ته اهي جڏهن پَر هڻڻ بند ڪن ٿا، تڏهن ڌرتيءَ ڏانهن ڇو ٿا ڇڪجي اچن ۽ نه ئي وري جانورن کي سَمڪ آهي ته اهي جڏهن وڏو ٺينگ ڏين ٿا تڏهن موٽي اچي ڌرتيءَ تي ڇو ٿا ڪِرن، پر ماڻهوءَ کي به گھڻي عرصي کان اها ڄاڻ هجڻ باوجود، ته مٿي اڇلايل هر شَي موٽي اچي ڌرتيءَ تي ڪِري ٿي، اها ڄاڻ نه هئي ته ايئن ڇو ٿو ٿئي.
ميويدار وڻ کي ڌوڻڻ کان پوءِ ان جا ميوا ۽ ڪي پَنَ به ڇڻي اچي پَٽ تي ڇو ڪرندا آهن؟ زور سان مٿي اڇلايل کينهون/هُودڙي/بالُ يا ڀِتر يا پٿر ڇو موٽي اچي ڌرتيءَ تي ڪِري ٿو؟ ماڻهو يا ڪو به جانور ڪيڏو به زور سان ٽپو ڏي، پر ڌرتيءَ تي ئي ڇو ٿو اچي بيهي؟
ماڻهو جڏهن ڪو کينهون، پٿر يا ڀتر مٿي اڇلائي ٿو تڏهن ان تي زور لڳائي ٿو. زور جيڪڏهن گھڻو هوندو ته کينهون تيزيءَ سان ۽ گھڻو مٿي ويندو، پر ان تي هَنيَل زور گھٽ هوندو ته هوريان ۽ ٿورو مٿي چڙهندو. اڇلائيندڙ جي هٿ مان نڪرندي ئي کينهون نسبتاً تيزيءَ سان مٿي ويندو پر جيئن ويندو اوچو ٿيندو تيئن ان جي رفتار ويندي گَھٽبي، تان جو هڪ اوچائيءَ تي ان جي رفتار ٻُڙي ٿي ويندي ۽ پوئتي موٽڻ شروع ڪندو، پهريائين نسبتاً ڍرو هوندو ۽ جيئن ويندو ڌرتيءَ جي ويجھو ٿيندو تيئن منجھس تيزي ايندي ويندي، تان جو ڌُو اچي ڌرتيءَ تي ڪِري ـــــــــــ ڌرتيءَ جي ڇڪ/ڊُوهه کينهونءَ تي لاڳيتو (اسان جي هٿ ۾ آهي تڏهن به) اثر ڪندي رهي ٿي.
ڌرتي هر شَي کي، ڌاتو هجي يا نه، پاڻي، مٽي يا هوا ئي ڇو نه هجي، جبل هجي يا ڪپهه، يا کڻي ڪنهن به قسم جو ”ساهوارو“ هجي ــــــــــ هر شَي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي، ۽ ايڏو زور لڳائي ٿي جو چنڊ تي 5 ”سير/ڪلوگرام“ وزن رکندڙ شَي ڌرتيءَ تي 30 ”سير/ڪلوگرام“ ٿي پوي ٿي. پکي اڏامڻ مهل ڌرتيءَ جي ڇڪ خلاف زور لائيندو آهي. اڏامندي اهو ساڳيءَ گھڙيءَ پرن کي هيٺ ۽ پوئتي جھٽڪو ڏيندو، هوا هيٺ ۽ پوئتي ڌڪبِي ۽ اهڙيءَ طرح پکي ڌرتيءَ جي ڇڪ جي ابتڙ زور/سگھ ڪم آڻيندي، اڳتي ۽ مٿي اڏامندو ويندو. (سنوَت ۾ اڏامڻ لاءِ پکي هوا کي رڳو پوئتي ڌِڪيندو.) پکي ڪهڙو به هجي، ڪنهن خاص اوچائيءَ تائين ئي مٿي وڃي سگھندو ۽ ان پنهنجيءَ خاص اوچائيءَ تي پهچڻ کان پوءِ ان جي اڏامڻ جي سگھ ڌرتيءَ جي ڇڪ آڏو بيوس ٿي پوندي. پکي جيڪڏهن پنهنجا پَر ڦڙڪائڻ بند ڪري (ڌرتيءَ جي ڇڪ خلاف زور نه لائي) ته ڀتر جيان ڌُو اچي ڌرتيءَ تي ڪرندو.
پکيءَ جي اڏامڻ واري مَتي (قاعدي) موجب هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽر ٺهيل آهن. ڪَل (مشين) تي هلندڙ پَکن وسيلي هوا کي پٺتي ۽ هيٺ زور سان اڇلائي هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽر اڳتي ۽ مٿي اڏامي ٿو. راڪيٽ پڻ ساڳي مَتي پٽاندر اڏائي ٿو.
ڪو چقمق کڻي، لوهه جي ڪنهن ذري جي ويجھو ڪندا وڃو. هڪ خاص وٿيءَ تي پهچڻ کان پوءِ اهو لوهَه-ذري کي پاڻ ڏانهن ڊوهڻ لڳندو. هر چقمق جو پنهنجيءَ مقنائي سگھ آهر هڪ مقنائي ميدان (تَر، حد، دنگُ) هوندو آهي جنهن کان ٻاهر واري شَي کي ڇڪي نه سگھندو پر اها شَي جيڪڏهن مقنائي ميدان اندر هوندِي ته ڇڪجي ايندي. ڌرتيءَ جو به هڪ مقنائي ميدان آهي ۽ ان جي به هڪ حد/دنگ آهي. ڌرتي پنهنجي ان مقنائي ميدان اندر موجود هر شَي کي ڇڪ ڪري سگھندي ۽ جيڪا شَي ڇڪ-دنگ کان ٻاهر هوندي، ان تي ڌرتيءَ جي ڇڪ جو اثر نه ٿيندو.
جن راڪيٽن کي پولار (خلا، اسپيس، Space) ۾ موڪلڻو هوندو آهي ان ۾ راڪيٽ جي جُسي تي اثر وجھندڙ ڌرتي-ڇڪ جي ڪُل سگھ کان به وڌيڪ زور (اُڇل-سگھ) پيدا ڪري سگھندڙ ڪَلون لڳل هونديون آهن جيڪي 25-هزار ميل فِي ڪلاڪ کان وڌيڪ رفتار پيدا ڪري راڪيٽ کي ڌرتيءَ جي مقنائي ميدان (۽ دنگ) کان ٻاهر ڪڍي وينديون آهن. (ڌرتيءَ جي ڇڪ-سگھ واري دنگ کان ٻاهر اهي ڪَلون بيڪار بار هونديون آهن ۽ انهن کي پولار ۾ ڦِٽو ڪيو ويندو آهي.)
جيئن ننڍو چقمق ڇڪجي وڃي وڏي چقمق سان چنبڙي ٿو تيئن ڌرتيءَ تي موجود سموريون شيون ڌرتيءَ سان چنبڙيل رهن ٿيون. واسمنڊن جي کربين ٽَن پاڻيءَ کي به ڌرتيءَ جي اها ئي ڇڪ-سگھ پاڻ سان، پنهنجي مٿاڇري سان چنبڙائي رکي ٿي.
رات جي وقت، ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن نه ڪنهن هنڌ لاٽ ڪندڙ يا کِڙندڙ ”تارو“ نظر ايندو آهي (ان کي ”تارو“ چوڻ درست ناهي، اماڙو يا اماڙِي چوڻ ٺيڪ آهي). اماڙو حقيقت ۾ پٿر يا ڌاتوءَ جو ڳنڍو ٿئي ٿو ۽ ان جو قدبت مٽر جي داڻي کان وٺي ڪنهن وڏيءَ ڇِپ جيڏو ٿي سگھي ٿو ۽ اهي رڳو رات ۾ نه ”کِڙندا“ آهن، ڏينهن ۾ به ”کِڙندا“ آهن، پر ڏينهن جو سج جي روشنيءَ سبب نظر نه ٿا اچن. اماڙو ڌرتيءَ جي مٿاڇري ڏانهن ڇڪجي اچڻ مهل هوا ۾ گاٺ سبب چڻنگون، لاٽ ڇڏيندي نظر اچي ٿو. ننڍا اماڙا هوا ۾ ئي گَسِي ختم ٿي وڃن ٿا پر وڏا اماڙا ڌُو اچيو ڌرتيءَ تي ڪِرن. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته هر اها شَي جيڪا وزن جي ڳوراڻ ۽ ڇڪ جي سگھ ۾ ڌرتيءَ  کان گھٽ آهي ان کي ڌرتي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي پر جيڪڏهن ڪا اهڙي شَي هجي جيڪا تور ۽ ڇڪ-سگھ ۾ ڌرتيءَ کان وڌيڪ هجي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
سج ڌرتيءَ کان وڏو به آهي ته ڇڪ-سگھ ۾ وڌيڪ به. اهي ٻئي جيڪڏهن هڪ ٻئي جي ايترو ويجھو اچي وڃن جو هڪ ٻئي جي مقنائي ميدان ۾ اچي وڃن ته ڌرتي ڇڪجي وڃي سج سان چُهٽندي. سج جي ڇڪ-سگھ ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ گھڻي وڌيڪ آهي.
ان جو مطلب اهو ناهي ته ڌرتيءَ جي ڇڪ-سگھه ڪا ٿورڙي آهي! پاڻيءَ کي جيڪڏهن ڪنهن ٿانوَ ۾ وجھي، ٿانوَ کي پاسيرو يا اونڌو ڪبو ته پاڻي وهي وڃي ڌرتيءَ تي ڪرندو. پر هي جو کربين ٽن پاڻي کڏن، ڍنڍن، سمنڊن ۽ واسمنڊن ۾ ڇلندو رهي ٿو، ڇو ڌرتيءَ کان ڇڄِي پرتي نه ٿو هليو وڃي؟ اِها ڌرتيءَ جِي پنهنجي مٿاڇري تي موجود ڪُل پاڻيءَ کان وڌيڪ وزنائتي، سگھاري ۽ ڇڪيندڙ سگھه ئي آهي جيڪا پاڻيءَ جي ايڏي وڏي ذخيري کي پاڻ سان چُهٽيل رکي ٿي.
ڌرتي مادو آهي. پٿر، پاڻي، هوا مطلب ته هر شَي مادو آهي. مادو وزن رکي ٿو، جڳهه والاري ٿو ۽ (هر ٻيءَ شَي کي) رنڊڪ ڪري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ اهو انساني سمجھه (شعور) کان آزاد وجود رکي ٿو ــــــــ ماڻهو ڀلي سوچي ته سج، چنڊ، تارا، ڌرتي وغيره موجود ناهن، پر اهي انهيءَ سوچ جا محتاج ناهن. مادي جي هر ٻين شين (ننڍڙيون هجن يا وڏيون) جي وچ ۾ وٿي، خال، پولار (Space) آهي ـــــــــ ٻن فلڪِي جَسن جي وچ ۾ پولار آهي، سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾، هر ٻن ڪيميائي مرڪبن جي وچ ۾، هر ماليڪيول جي هر ٻن ايٽمن جي وچ ۾، هر ايٽم جي هر ٻن ننڍڙن ذرڙن جي وچ ۾ پولار آهي. مادو پولار ۾ وجود رکي ٿو ۽ پولار مادي جي وجود رکڻ جِي هڪ صورت آهي.
مادو وزن رکي ٿو. پر ايئن ڇو آهي ته ماڻهوءَ جو وزن ڌرتيءَ تي جيڪڏهن 60-”ڪلوگرام“ آهي ته انهيءَ ساڳي ئي ماڻهوءَ جو چنڊ جي مٿاڇري تي وزن رڳو 10-ڪلوگرام ٿيندو، پر جي اهو ممڪن هجي، ان ساڳي ماڻهوءَ جو سج جي مٿاڇري تي وزن ڌرتيءَ واري وزن کان گھڻو وڌيڪ هوندو، ڇو؟ هر هڪ شَي وزن رکي ٿي، پر سوال هي آهي ته منجھس اهو وزن/بار/ڳَوراڻ ڇو آهي ۽ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي جيڪو وزن آهي اهو ڌرتيءَ جي گَهِراڻ (اونهائيءَ، پاتال) ۾ ڇو گھٽجي وڃي ٿو، چنڊ جي مٿاڇري تي ڇو ٿو گھٽجي ۽ سج يا ڪنهن ٻئي تاري تي گھڻو وڌيڪ ڇو ٿو ٿئي؟
مادي جي هر شَي ۾ ٻيءَ شَي کي پاڻ ڏانهن ڇِڪڻ/ڊُوهڻ جي سگھه آهي. ڪنهن به شَي جي ڳوراڻ ان ڪري بدلجي ٿي جو اها جنهن هنڌ/مٿاڇري تي تورِي وڃي ٿي، اهو بدلجي وڃي ٿو. چنڊ جي مٿاڇري تي ماڻهوءَ جو وزن ان ڪري گھٽ آهي جو چنڊ جي ڇڪ-سگھه گھٽ آهي ۽ ان ئي ماڻهوءَ جو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي وزن ان ڪري وڌيڪ آهي جو ڌرتيءَ جي ڇڪ-سگھه (چنڊ جي ڀيٽ ۾) وڌيڪ آهي. ساڳي ئي ماڻهوءَ جو سج جي مٿاڇري تي وزن ان ڪري (اڃا به) وڌي ويندو جو سج جي ڇڪ-سگھه (ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾) وڌيڪ آهي.
ڳَوراڻ پيدا ڪندڙ (وڌائيندڙ) انهيءَ ”ڇڪ-سگھه“ يا ”ڳوراڻ-سگھه“ کي ڳَوراٺِي سگھه يا ڳوراٺو زور (Gravitational force، گِرئوِيٽيشنل فورس) چئجي ٿو. ڌرتيءَ جي ڳَوراٺ (Gravity، گرئوِٽي) چنڊ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ سج جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي.
اسان وٽ ڪنهن به شَي جو جيڪو معياري وزن آهي، اهو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي ڪيل وزن آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي ڳوراٺي سگھه سبب آهي. اها ڳوراٺي سگھه هر شَي کي ڇِڪي/ڊُوهي ٿي ۽ پاڻ سان چنبڙائي رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ۽ جيڪا به شَي ڪنهن به ٻيءَ شي کي پاڻ ڏانهن ڇڪ ڪري، ان کي عام طرح چقمق يا مقناطيس چيو وڃي ٿو. ڌرتي (به) جيئن ته ڇڪ-سگھه، ڳوراڻڪ سگھه، ڳوراٺي سگھه يا ڳوراٺو زور رکي ٿي ان ڪري ڌرتي هڪ چقمق آهي ۽ جيڏي وڏي آهي تيڏو وڏو مقناطيس آهي.
 اچو ته ”ڌرتي“ ٺاهيون ۽ ان کي وڍيون
اسان کي نه رڳو ”ڌرتي“ ٺاهڻي آهي، پر ان کي وَڍي ڏسڻو به آهي. ڇا ايئن ڪري سگھجي ٿو.
اسين ڌرتيءَ تي رهون ٿا پر اسان مان گھڻا اهو نه ٿا ڄاڻن ته ڌرتي ڪيئن ٺهيل آهي. جيڪي ماڻهو ڄاڻن ٿا ته ڌرتيءَ جي بناوت ۽ اڏاوت ڪيئن آهي، انهن جو علمي فرض آهي ته جيڪي ڌرتيءَ جي جوڙجڪ بابت نه ٿا ڄاڻن، انهن کي سٺي نموني سمجھائن.
ڌرتي سج چوڌاري ڦرندڙ هڪ گرهه آهي. سج هڪ روشن ۽ چمڪندڙ تارو آهي جنهن جھڙا ڪيئي ان کان ننڍا ۽ وڏا تارا سنسار ۾ موجود آهن. سج جي چوڌاري ڦرندڙ نوَن گرهن مان ڌرتي ٽئين نمبر تي آهي. چانڊوڪي پکيڙيندڙ چنڊ ڌرتيءَ جو هڪ ۽ اڪيلو اپگرهه آهي جيڪو ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو.
اڄ کان ڪي 5 ارب ورهه اڳ ڌرتي موجود نه هئي. جيڪو ڪجھه هو، اهو هڪ اَروپ ۽ نڪمو جُڳتي (يُونِيوَرسل Universal) ٻُورو هو، جيڪو هڪ ڏاڍي وڏي ۽ کنڊريل ڪڪر جي صورت ۾ سج جي هڪ ڳَڀي طور سج سان گڏ پولار منجھه رلندو پئي رهيو. ڌرتيءَ کي گھاٽو، ڪارائتو ۽ نهرو وجود، هاڻوڪو روپ وٺندي 5 ارب ورهه لڳي ويا آهن.
اسين ڌرتيءَ جي هرڌاري (هر پاسي) موجود هوا جي ڏاڍي وڏي سمنڊ جي تَري ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهون ٿا. ڌرتي هڪ ڏاڍو وڏو گولو (ڄڻڪ صوف) آهي جنهن جي وِچ (ڀُووِچ) تائين پهچڻ لاءِ اسان کي 3 هزار، 9 سَو ۽ 63 ميل (6 هزار، 3 سَو ۽ 73 ڪلوميٽر) اونهي گھت هڻڻي پوندي. ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي مِٽي، وارِي، پٿر ۽ جبل، ٻُوٽا، گاهه وڻ، باغ، ٻيلا ۽ ٻنيون، تلاءَ ۽ ڍنڍون، نديون ۽ سمنڊ، جيت جناور، مڇيون، پکي ۽ ماڻهو وغيره هڪ ٿڌڪڙي ماحول ۾ رهن ٿا، پر ڌرتيءَ اندر اونهو ويندي هر گھڙيءَ وڌندڙ ڄَر، تاءُ، ڪوساڻ آهي ۽ ايڏي ڪوساڻ؛ جو ڇِپون ته ڇا، هر قسم جو ڌاتو به وڃي اُٻرڻ لڳي ٿو.
گھڻا ماڻهو، صدين کان وٺي، جڏهن کان ماڻهوءَ وٽ سمجھه نسرڻ لڳي، ان مٿاڇري کي ئي مڪمل ڌرتي سمجھندا رهيا، پر اڄ جڏهن اهو ممڪن ٿي پيو آهي ته ڌرتيءَ کي گھڻو پري کان ۽ ويجھو رهي ان جي اونهاين ۾ ڏسي ۽ جاچي سگھجي، تڏهن پَڪن ثبوتن سان ڄاڻي سگھيا آهيون ته ڌرتي ڄڻڪ هڪ اهڙو اندر ۾ ڪوسو تَهن وارو ڦوڪڻو آهي جنهن جو ڪو تهه نهرو، ته ڪو تهه رجيل پاڻياٺو آهي. جيئن صوف جا ٻه، بونڊ ۽ ڦلڙيءَ وارا سرا ڪجھه جھڄيل هوندا آهن تيئن ڌرتيءَ جا ٻه سرا، اتر ۽ ڏکڻ قطب به ڪجھه جھڪيل، جھول ڪيل آهن، ۽ انهن جي ڪري ڌرتيءَ جو ڍِڍُ ڪجھه وڌيڪ ڦونڊيل آهي.
ڌرتيءَ جي ڍِڍ تي جيڪڏهن ڌاڳو ويڙهيو وڃي ته هڪ چڪر پورو ڪرڻ لاءِ اسان کي 24 هزار، 9 سَو ۽ 2 ميل ڊگهو ڌاڳو گھربو، جنهن تي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي 11 ڪروڙ ماڻهو بيهي سگھن ٿا. ايڏي وڏي ڌرتي ٺاهڻ ۽ ان کي وچ تان وڍي اڌ اڌ ڪرڻ ممڪن ناهي، ان ڪري ننڍڙي ڌرتي ٺاهينداسون. اها ڌرتي ٺاهڻ لاءِ اسان کي هيٺ ڄاڻايل شيون گھرجن:
1.   ڪاري رنگ جو ڌاڳو ـــــــــ هڪ ريل،
2.   ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ـــــــــ ٻه ريل،
3.   بادامي رنگ جو ڌاڳو ـــــــــ ٽي ريل،
4.   پِيلي رنگ جو ڌاڳو ـــــــــ هڪ ريل،
5.   ٿورِي ڪپهه.
ڪاري رنگ وارو ريل کڻو. ٿورو ڌاڳو وٽي ڳوڙهي يا ڏٽي ٺاهيو. اها ڌرتيءَ جي مرڪز (ڀُووچ) جو ڪم ڏيندي، ان تي ئي ساڳيو ڪارو ڌاڳو ويڙهيندا وڃو. جڏهن ريل کُٽي ويندو تڏهن توهان جي هٿ ۾ ڪاري ڌاڳي جو هڪ ننڍو کينهون (بال) هوندو. اهو کينهون ”ڌرتيءَ“ جو اونهي ۾ اونهو، اندريون مغز آهي. انهيءَ کي ”ڀُوهڏ“ (اندريون ڳَڀ، Inner Core) سڏينداسون. ڌرتيءَ ۾ هي حصو انتهائي چيڙهالو، گھاٽو، نهرو ۽ ٺوس آهي. هن ۾ گھڻو/ڳپل لوهه، ڪجھه ڳڀو قلعي (نِڪل) ۽ ڪجھه قدر ٻيا ڌاتو آهن. ڀووچ کان ڀوهڏ جي ٻاهرين سطح تائين ڪل مفاصلو ساڍا 6 سَو ميل کن آهي. هيءُ ڌرتيءَ جو سڀ کان وڌيڪ ڪوسو (تپيل) حصو آهي ۽ هتي تپماپ (ٽيمپريچر Temperature) 10 هزار ڊگريون فارنهائيٽ آهي، جيڪا سج جي مٿاڇري وٽ موجود تاءَ کان گھٽ ناهي.
ٺاهيل ڀُوهڏ (ڪاري کينهوڙي) مٿان ڳاڙهي رنگ وارن ٻنهي رِيلن جو ڌاڳو ويڙهيو. کينهون اڃا ڪجھه وڏو، لڳ ڀڳ ٽيڻو ٿي پيو آهي. هيءُ ڌرتيءَ جو رجيل مغز آهي، جنهن کي ”ڀُوگڏ“ (ٻاهريون ڳڀ، Outer Core) سڏينداسون. ڀوهڏ جي هرڌاري هن ڀوگڏ جي ٿولهه جت ڪٿ 15 سَو ميل آهي. هن جي بناوت به ڀوهڏ جي ڌاتن واري آهي پر هيءُ ٺوٺ ناهي، رجيل آهي. هيءُ جيتوڻيڪ هڪ پاڻياٺ جا گڻ رکي ٿو، پر اهو ڪنهن به اهڙي پاڻياٺ جيان ناهي، جيڪا اسان ڏٺي هجي ـــــــــ اهو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي موجود پٿرن کان به وڌيڪ گھاٽو ۽ سخت آهي. ڀوگڏ جي تپماپ ڀوهڏ کان ڪجھه گھٽ آهي.
هتي، هر هڪ ڄاڻو ماڻهو تپرس ۾ پئجي سگھي ٿو ته اندريون مغز (ڀوهڏ) نهرو ڇو آهي، جڏهن ته اهو ڀوگڏ کان به وڌيڪ ڪوسو آهي!
ٿيڻ ايئن گھربو هو ته جيڪو جيترو وڌيڪ ڪوسو (تتل) اهو اوترو وڌيڪ پٽڙو، رجيل، نرم (يا ٻاڦ ۾ بدليل) هجي!
جواب ان سچ ۾ لڪل آهي، ته ڀوهڏ جي وچ تي پوندڙ داٻ هر چورس انچ مٿان لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ، 50 لک پائونڊ (2 ڪروڙ ڪلوگرام) آهي، جنهن ڀوهڏ کي ڀيچي ٺوس ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻي تائين ٺاهيل ”ڌرتيءَ“ کي رُڪ جي ٻير سان ڀيٽ ڏئي سگھون ٿا، جنهن جو کوکڙو ڳوڙهو ڳتيل ۽ سخت نهرو آهي ۽ جنهن تي چڙهيل ماس (ڳر) به ڪو گھٽ نهرو ۽ ڳتيل ناهي. رڪ جي هن ٻير جو اڌ قطر (ڀووچ کان ڀوگڏ جي ٻاهرين سطح تائين) 2 هزار، 1 سَو ۽ 60 ميل آهي.
هاڻي، بادامي رنگ وارن ٽنهي ريلن جو ڌاڳو ٺاهيل ”ڌرتي“ تي ويڙهيو. ڌرتيءَ جو هيءُ تهه پٿر جو ٺهيل آهي جنهن کي ”ڀُوويس“ (ڌرتيءَ جو لباس) يا ”ڀُوماس“ (ڌرتيءَ جو ماس، Mantle) سڏجي ٿو. ڀوماس جي ٿولهه 18 سَو ميل آهي. ڀوماس تي جيڪڏهن ڏاڍو داٻ وجھبو ته ڪجھه دَٻبو، ٿورو جُهڪ ڪندو ۽ ڪجھه پاسي ڀيڙو ٿيندو، جيئن، مثال طور انب جي ڳر (ماس) کي آڱوٺي سان دٻائڻ کان پوءِ ٿيندو آهي. ڀوماس جي مٿاڇري تي تپماپ 2 هزار ڊگري فارنهائيٽ آهي. اهو ايڏو تاءُ، اَوس آهي جو ڪجھه قسمن جا پٿر (ڇپون، ٽڪريون) رجائي رکي. پٿرن جي انهيءَ رجيل ڪوسي ڳار کي تتَيڳار (Magma) سڏجي ٿو، جيڪا ڀوماس جي مٿاڇري تي موجود کڏن ۽ کوٻن ۾ گڏ ٿيندي رهي ٿي. باهه اوڳاڇيندڙ جبلن جي وات مان جيڪو تتو ريج (لاوا Lava) نڪرندو آهي، اهو اها ئي تتيڳار هوندو آهي.
ٺهيل ڌرتيءَ تي هاڻي پِيلي رنگ جو ڌاڳو ويڙهيو ۽ مٿس ايترا وڪڙ چاڙهيو جيئن سڄو کينهون (ڀُوماس) ان ۾ لڪي وڃي. ڌرتيءَ تي هيءُ هڪ ڪڙڪ، ٺوٺ ۽ پٿريلو تهه آهي جنهن جي ٿولهه ڪٿي 10 ميل، ته ڪٿي 20 ميل ۽ ڪٿي ته 25 ۽ 30 ميل به آهي. هيءُ مٿاڇرو ڪيترن ئي هنڌن تي وسيع ايراضين ۾ مٽيءَ يا واريءَ سان ڍڪيل به آهي. هن تهه کي ڌرتيءَ جي کَل، ڪڙي يا ڇوڏو ــــــــ ڀُوچَم (Crust) ــــــــ سڏجي ٿو. هيءُ ڀوماس جو نهرو، پٿريلو ڍڪُ آهي. اسان جي جملي جيوَت هن تهه جي مٿاڇري سان ڳنڍيل آهي. ان مٿاڇري جي جھاڪن، کٻن، لِينگھن ۽ جھولن ۾ ڌرتيءَ جو پاڻي تلائن، ڍنڍن، ندين ۽ سمنڊن جي صورت ۾ موجود آهي. هن تهه تي ئي جبل، ٻيلا، ٻنيون، ٿر (رڻ)، پَٽ ۽ اسان جا گھر پڻ موجود آهن. هن ئي تهه جي مٿاڇري تي اسين گھمندا آهيون.
هاڻي، ڪپهه وڇائي ان تي ٺاهيل ڌرتيءَ کي ليٿڙايو، گول ڦيرايو، تان جو سڄي ڌرتي ڪپهه ۾ ڍڪجي وڃي. اها ڪپهه اسان جي ڌرتيءَ جي هرڌاري (هرڦير، هر پاسي) موجود هوا آهي. هوا جي ان لباس ــــــــ وايومنڊل (Atmosphere) ـــــــــ جي ٿولهه هڪ هزار ميلن تائين ڪَٿي وئي آهي جيڪا هيٺ، ڌرتيءَ جي مٿاڇري وٽ ڪجھه وڌيڪ گھاٽي ۽ مٿي ڏاڍي ڇڊي آهي.
اجھو، ڌرتي تيار ٿي وئي.
هاڻي ان کي بلڪل مٿان کان هيٺ (صوف جي مثال ۾ بونڊ کان ڦلڙيءَ تائين) ڪپيو. ڌرتيءَ جا ٻه اڌ اوهان جي آڏو آهن.
 ڌرتيءَ جو اندر ڪيئن ”ڏٺو“ ويو؟
ڪيترائي اڳُوڻا ۽ اڄوڪا ماڻهو، سائنس کان اڻواقف هوندي به، چڱيءَ طرح سمجھن ٿا ته مٿاڇري جي ڀيٽ ۾ ڌرتيءَ جو اندر بلڪل ٻي قسم جو آهي. انهن ڄاتو پئي ته باٺوها (باهه اوڳاڇيندڙ/ٻرندڙ جبل، Volcano) ڌرتيءَ جي ڪنهن اونهي هنڌ سان ڳنڍيل آهن، جتان رجيل پٿر ۽ اُلا ۽ دونهون/ٻاڦ هلي اچي، باٺوهه جي ”وات“ مان اوڳاڇجن ٿا. هنن اهو به ڄاتو پئي ته تَتاسَرَ (ڪوسا چَشما، گِيزرس) پنهنجو ڪڙهندڙ پاڻي ۽ زهريليون گئسون به ڪنهن اونهي هنڌ تان آڻي اوڳاڇن ٿا. اهو ئي سبب هو جو قديم يوناني ۽ ڪجھه ٻين ڌرمن ۾ گناهگارن ۽ ڏوهارين کي سزا ملڻ جو هنڌ ڌرتيءَ جي ”هيٺين“ تهه/پاتال ۾ موجود هجڻ جو ڏس پئي ڏنو ويو.
ڌرتيءَ جي کهري، سخت ۽ ٿڌي ڇوڏي/ڀُوچم هيٺان ڇا آهي، اهو ڦولڻ لاءِ ماڻهن کي صديون لڳي ويون. ڌرتيءَ جي اندرين جوڙجڪ جو صحيح ڪاٿو اِجھو ڄڻڪ ڪالهه ٿيو آهي.
ڌرتيءَ ۾ اونهي کان اونهو ڪيل سوراخ تيل جي هڪ کوهه لاءِ هو، جيڪو لڳ ڀڳ 4-ميل اندر پيهي ويو. اها اونهائي ڀوچم جو ٿلهي ليکي ستون حصو ۽ ڌرتيءَ جي اڌ قطر جي هزارين پَتي مس ٿيندي. پوءِ سڄاڻڪ ڪيئن ”ڏسي“ سگھيا، ته اسان جي ڌرتيءَ جي اندر منجھه ’هيءُ-ڪجھه‘ آهي؟
سڄاڻڪن لاءِ ڌرتيءَ جا ڳجھه کوليندڙ ڪُنجي زلزلا/ڌرتيءَ-ڌوڏا آهن. لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ڌوڏا هر سال اسان جي ڌرتيءَ تي ظاهر ٿين ٿا. اهو ڌوڏو سڄي ڌرتيءَ اندر، تان جو اونهي کان اونهي حصي اندر به جَهٽڪيندڙ/جھٽڪو ڏيندڙ/ڌوڻيندڙ ڇوليون موڪلي ٿو. جڏهن اهي ڇوليون وري، لڙِي، موٽي مٿاڇري ڏانهن موٽن ٿيون، تڏهن انهن کي ڌوڻيسُڌن (سيسموگرافس) نالي انتهائي حساس اوزارن وسيلي جَهٽيو، سنڀاليو ۽ هٿيڪو (ريڪارڊ ڪيو) وڃي ٿو. اهي ڌوڻيسُڌا اوزار ڌرول مٿان سوين هنڌن تي رکيل آهن.
ڌرتي ڌوڏيندڙ ڇوليون بنيادي طرح ٻن قسمن جون آهن:
پ ڇوليون، ۽
ٻ ڇوليون.
پ ڇوليون ٻ ڇولين جي ڀيٽ ۾ تيز آهن. پ ڇوليون پاڻياٺن منجهان آرپار لنگھي سگھن ٿيون، پر ٻ ڇوليون نه. پ ۽ ٻ ڇولين جي رفتار ڌرتيءَ اندر جيترو اونهو وينديون اوترو گھٽ/ڌريون ٿينديون وينديون ۽ جيئن ئي اهي مختلف بناوت/جوڙجڪ وارن پٿرن/ڌاتن منجھان لنگھن ٿيون تڏهن ٻنهي قسم جي ڇولين جو رويو هڪ ٻي کان ڌار نموني جو ظاهر ٿئي ٿو.
ان ڪري پ ۽ ٻ ڇولين جي رويي جو اڀياس ڪندي، اهي گھرايون جتي اهي موڙ/لاڙو يا موٽ کائن ٿيون، پيدا ٿيڻ واري هنڌ کان انهن جو مفاصلو ۽ سفر ڪندي انهن جيڪو وقت ورتو، انهن ٽنهي عملن کي تپاسيندي سڄاڻڪ ان لائق ٿي سگھيا آهن جو ڌرتيءَ جي اندر جي ڄاڻ سوجھي سگھن ــــــــــــ ٺيڪ ان ساڳي نموني جيئن ڊاڪٽرَ ايڪس-ڪِرڻن جي مدد سان ماڻهوءَ جو اندر جاچيندا آهن.
ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي سج جو هلڪو تاءُ ڪيڏو نه وڻندڙ، زندگي ڏيندڙ ۽ سيبائيندڙ آهي! گُهت هڻي جيئن جيئن ڌرتيءَ اندڙ لهندا وينداسون تيئن تيئن تائُپد ويندو وڌندو. پر تائپد جي اها واڌ گھرائيءَ جي واڌ سان نسبتي طرح مقرر نموني لاڳاپيل ناهي، يعني ائين ناهي ته هر هڪ ميل اونهائي وڌڻ سان تاءُ به وڌي سگھي ٿو. بهرحال، هڪ ڳالهه سڌِي آهي ته جيتري اونهائي اوتري وڌيڪ ڪوساڻ. ساڳيءَ طرح جيتري وڌيڪ اونهائي اوتري وڌيڪ گَهِراڻ. جيئن جيئن ڀُووچ جي ويجھو ٿيندو وڃبو تيئن تيئن ڪوساڻ ۽ گَهِراڻ وينديون وڌنديون. اها ساڳي ڳالهه داٻ سان به لاڳو ٿئي ٿي. جيتري وڌيڪ اونهائي، اوترو وڌيڪ داٻ. ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي هڪ چورس انچ ايراضيءَ تي هوا جو داٻ 14-پائونڊ آهي، پاڻيءَ جي گهرائي اندر اهو داٻ اڃا به وڌي وڃي ٿو، پر ڌرتيءَ جي مرڪز ۾ اهو داٻ هڪ چورس انچ تي 4-ڪروڙ 50-لک پائونڊ ٿيو وڃي.
 ڌرتيءَ جو مٿاڇرو/ٻاهَرُ
اسين ڌرتيءَ تي ورهن کان وٺي رهندڙ آهيون، پر اسان مان گھڻا اهو نه ٿا ڄاڻن ته ڌرتي ٺهيل ڪيئن آهي. جيڪي ماڻهو ڄاڻن ٿا ته ڌرتي ڪيئن ٺهيل آهي، انهن جو فرض آهي ته ٻين اهڙن ماڻهن کي ان حقيقت کان واقف ڪن جيڪي ڌرتيءَ جي بناوت/جوڙجڪ بابت نه ٿا ڄاڻن.
اڄ کان ڪي 5-ارب ورهه اڳ ڌرتي موجود نه هئي ۽ نه ئي وري سج ان روپ ۾ هو جنهن ۾ اڄ ڏيکارجي ٿو. جيڪو ڪجھه موجود هو اهو هڪ اَروپ ۽ نِڪمو سنساري (Cosmic) ٻُورو/پائوڊر هو جيڪو هڪ ڏاڍي وڏي ۽ کِنڊريل ڪڪر جي صورت ۾ سج جي هڪ ڳڀي طور (سج جي لِڱ جي حيثيت ۾) سج سان گڏ پولار منجھه رُلندو پئي رهيو. ڌرتيءَ کي گھاٽو، ڪارائتو ۽ نهرو وجود ــــــــــــــ هاڻوڪو روپ ـــــــــــــ وٺندي 5-ارب ورهه لڳي ويا آهن.
ڌرتي جڏهن ڄائي تڏهن نه ته منجھس ڪا نهري شَي هئي ۽ نه ئي پاڻياٺي شَي ـــــــــــ ٻرندڙ گئسن جو جھڳٽو هئي جنهن ۾ هر قسم جو ڌاتو ايٽمي (Atomic) ۽/يا ماليڪيولي (Molecular) شڪل ۾ موجود هو. پولار ۾ گھڻي گرمي ذيان ڪري ڇڏڻ سبب هوري هوري ڌرتي ٿڌي ٿيندي وئي ۽ جيئن پئي ٿڌي ٿي تيئن منجھس مختلف پَٽڙيون/ پاڻياٺيون شيون وجود ۾ اينديون پئي ويون.
ڌرتيءَ تي اڄ جيڪا هوا موجود آهي ان کي ٺاربو ته پاڻياٺ ٺهي پوندي ۽ ان پاڻياٺ کي اڃا به ٺاربو ته نهري ٿي برف ٿي پوندي.
ٻالڪ ڌرتيءَ جو پاڻياٺو ٿيل مادو جيئن جيئن ٿڌو ۽ نهرو ٿيندو ويو تيئن ڳرا عنصر/ڌاتو ڌرگولي جي مرڪز/ڀُووچ ڏانهن ٻڏڻ/لهڻ لڳا ۽ هلڪا عنصر مٿاڇري ڏي تري ٿي آيا (جيئن لوهه ۽ ڪاٺ جو ٻُورو پاڻيءَ ۾ وجھبو ته لوهه جا ذرا ٻڏي ويندا ۽ ڪاٺيءَ جا ذرا ترڻ لڳندا) ۽ وچٿري تور وارن عنصرن پنهنجو مناسب هنڌ هلڪن (مٿاڇري وارن) ۽ ڳَورن (مرڪز وارن) عنصرن جي وچ تي ڳولي لڌو.
وقت گذرڻ سان گڏ هلڪي هوا مٿي/مٿاڇري تي رهجي وئي ۽ باقي شيون لوهه ۽ ٻين ڌاتن جي صورت ۾ ڌرتيءَ جي اندر موجود آهن جن جي هرپاسي کان پٿر جھڙو سخت ڇوڏو/ڪَڙِي/کَل ٺهي بيٺي. ڌرتيءَ جي ان کَل کي ڀُوچَم (Crust، ڪَڙِي) سڏجي ٿو ۽ ان تي ئي اسين گھمون، رهون ۽ کيڏون ٿا. جيئن صوف جو ماس ان جي کل هيٺان لڪل آهي تيئن ڌرتيءَ جو ماس به ڀوچم ۾ ويڙهيل آهي. اهو گھڻي ڀاڱي پٿر جو ٺهيل آهي ۽ ان جي گھڻي ايراضي مٽيءَ جي تهه سان ڍڪيل آهي. اسان جو جُملي جيوت ڌرتيءَ جي هن نهري-پٿرائين ڍڪ جي مٿاڇري سان ڳنڍيل آهي. ان مٿاڇري جي لاهيُن، جھاڪن، کُٻن ۽ لِينگھن ۾ ڌرتيءَ جو پاڻي ندين، ڍنڍن ۽ سمنڊن جي صورت ۾ موجود آهي ۽ ان تي ئي جبل، ٻيلا، ٿر، پَٽ، ٻنيون، باغ ۽ اسان جا گھر ۽ اسين موجود آهيون.
ڌرتيءَ جي مٿاڇري جي پکيڙ 19-ڪروڙ 69-لک 40-هزار چورس ميل آهي جنهن مان ذري گھٽ ٽي حصا (71-سيڪڙو) پاڻي ۽ ذري وڌ هڪ حصو (29-سيڪڙو) سُڪي/خشڪي آهي. سُڪيءَ جي وڏن وڏن ٽُڪرن کي کَنڊ چئجي ٿو، جيڪي هن ريت آهن:
1.      ايشيا ( Asia) (جنهن ۾ اسان جي سنڌ به آهي.)
2.      افريڪا ( Africa)
3.      يورپ ( Europe)
4.      اتر اميريڪا ( North America)
5.      ڏکڻ اميريڪا ( South America)
6.      آسٽريليا ( Australia)
7.      اينٽاريڪٽيڪا ( Antarctica) (ڌرتيءَ جو ڏکڻ قطبي علائقو)
هر هڪ کنڊ جي ايراضي هڪ ٻي کان گھٽ يا وڌ ۽ شڪل ۾ بيڊولي آهي. اڇي پَني جا هڪ ٻي کان ننڍا وڏا ۽ بيڊولا ست ٽُڪر ڪَٽي صوف تي چنبڙائڻا ته اهي ڌرتيءَ تي خشڪ ايراضيءَ جو ڏَس ڏيندا. ايشيا ۽ يورپ هڪ ٻي جي ويجھو اتر اڌول تي موجود آهن ۽ افريڪا انهن جي ويجھو پر اڌوڙڪ مٿان آهي جو ان جو هڪ اڌ اتر اڌول تي آهي ته ٻيو ڏکڻ اڌول تي. ايشيا کان اتر-اوڀر ۾ چڱو پري ڏکڻ اڌول تي آسٽريليا کنڊ آهي ۽ يورپُ، افريڪا جي اوڀر ۾، چڱو پري اتر اڌول تي. اتر اميريڪا ۽ ان جي ڏکڻ ۾، ڏکڻ اڌول تي، ڏکڻ اميريڪا آهي. اينٽاريڪٽيڪا ٺيڪ ڏکڻ قطب تي آهي. اهي سڀ ڌرتيءَ جي ذري-وڌ چوٿين پتي (29-سيڪڙو) والارن ٿا. ان ۾ هزارين ننڍيون وڏيون نديون ۽ ڍنڍون پڻ موجود آهن.
باقي سڀ ايراضي (71-سيڪڙو) پاڻيءَ هيٺ ڍڪيل آهي.
سمنڊ پاڻيءَ جي اها ايراضي آهي جيڪا خشڪيءَ سان لڳي ٿي ۽ ٻي پاسي وڏي سمنڊ/ساگر جي خيالي سرحد سان مليل آهي. گھڻن سمنڊن جا نالا انهن ڏيهَن پٺيان رکيل آهن جن جي خشڪ زمين سان اهي لڳل آهن. ”سنڌي سمنڊ“ کي ”عربي سمنڊ“ سڏيو وڃي ٿو ڇو ته عربن اسان تي قبضو ڪري حڪمراني ڪئي.
ساگر پاڻيءَ جو اهو ڀنڊار جنهن جو سڪيءَ سان ڪو به ڪنارو نه ٿو لڳي. هر ساگر جي هر ”سرحد“ خيالي آهي ـــــــــــ حاڪمن ڌرتيءَ تي ته سرحدي ليڪا وجھي ڇڏيا آهن پر ساگرن تي به ليڪا وجھڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائون ــــــــــــ (پاڻيءَ تي لِيڪو نه وجھي سگھبو آهي.) اسان جي ڌرتيءَ تي چار ساگر (Oceans) آهن:
1.      سانتيڪو (Pacific پَئسفِڪ )
2.      سُست (Atlantic ائٽلانٽِڪ )
3.      هِندي (Indian انڊين )
4.      آرڪٽڪ ( Arctic)
سانتيڪو ساگر ٻنهي اميريڪي کنڊن جي اولهه کان شروع ٿي، ڌرتيءَ جو ذري-گھٽ اڌ والاري، آسٽريليا، ايشيا ۽ يورپ کنڊن جي اوڀر تائين پهچي ٿو. هن ۾ ڪِٿي ڪِٿي پاڻيءَ جي اونهائي 35-هزار فوٽن کان به وڌيڪ آهي.
سست ساگر يورپ ۽ آفريڪا کنڊن جي اولهه کان شروع ٿي ٻنهي اميريڪي کنڊن جي اوڀر تائين پهچي ٿو.
هندِي ساگر افريڪا جي اوڀر-ڏکڻ، ايشيا جي ڏکڻ ۽ آسٽريليا جي اولهه ۾ سڄي ڏکڻ اڌول تي پکڙيل آهي.
آرڪٽڪ ساگر اتر قطب والاري ٿو.
انهن سڀني ساگرن جو پاڻي هڪ ٻي سان ڳنڍيل آهي.
ڌرتيءَ جو اصولي طرح وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آسٽريليا آهي، پر جيئن ته اهو کنڊ آهي، تنهنڪري گرِين لئنڊ کي وڏو ٻيٽ ڳڻيو ويندو آهي.
ڪئسپين سمنڊ“ ڌرتيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي. ان کي ڪنهن زماني ۾ سمنڊ سمجھيو ويندو هو.
ڌرتيءَ جو وڏو جابلو سلسلو ”هماليا“ آهي.
صوف تي چنبڙايل پَني ٽُڪرن (کنڊن) تي جيڪڏهن سوا پنج ارب سنهڙا ڪوڪا کوڙي سگھون ته اهي ڌرتيءَ تي ماڻهن جي بيهڪ جو ڏس ڏيندا. وڻ ۽ جبل به ايئن بيٺل آهن.
ايشيا، افريڪا، يورپ ۽ اتر- ۽ ڏکڻ-اميريڪا جا ماڻهو/وڻ/جبل هڪ ٻي جي ڀيٽ ۾ ايئن آهن جيئن ڪنهن وڏي آئيني تي بيهي پنهنجو عڪس ڏسجي. سڀني جا پير/پاڙون ڌرتيءَ تي آهن ۽ سڀني جي مٿان اُڀ آهي. اهو ڌرتيءَ جي وسيع ايراضيءَ ۽ ڳرڇِڪ جو ڪمال آهي جو سمورا جيئرا توڙي اَجيو وجود (ماڻهو، وڻ، پاڻي، جبل وغيره) ڌرتيءَ تي هڪ ٻي جي ڀيٽ ۾ پاسيرا ۽ ابتا هئڻ باوجود ايئن آهن ڄڻڪ ڪنهن سَنئين پَٽ تي بيٺل هجن.
 ڌرتيءَ جو قدڪاٺ
ننڍڙي ڌرتي، وڏِڙي ڌرتي
ڌرتي ننڍڙي به آهي ته وڏڙي به، اها ڳالهه ٻڌي گھڻن کي تپرس لڳندي ۽ ڪي ماڻهو اَوس سوچيندا ته اهو وري ڪيئن؟ پر ذهين ماڻهو هڪ گھڙيءَ ۾ سڄي ڳالهه سمجھي ويندو.
هٿ جي آڱرين مان ”ٻاچ“ سڃاڻجي ـــــــــــ اها ”چيچ“ کان وڏي آهي، ته ”وِچِين“ آڱر کان ننڍي، ۽ چيچ کان ٿلهي آهي ته آڱوٺي کان سنهي. هر ماڻهو/ٻار جو هٿ ڪنهن هڪ جي هٿ کان وڏو/ٿلهو آهي ته ڪنهن ٻي جي هٿ کان ننڍو/سنهو.
اهڙيءَ طرح دنيا جي هر شَي جي قدبت، ٿولهه، ويڪر ۽ ڊيگھه وغيره جي سُڌ تڏهن پوندي جڏهن ان جي ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ شَي سان ڀيٽ ڪبي. جيڪڏهن ڀيٽ نه ڪبي ته ڪنهن به شَي جي وڏي يا ننڍي هجڻ، ڊگھي يا بندري هجڻ، ٿلهي يا سنهي هجڻ، پراڻي يا نئين هجڻ، آڳاٽي يا هاڻوڪي هجڻ، سهڻي يا ڪوجھي هجڻ، سوادي يا بي سواد هجڻ، وڻندڙ يا اڻوَڻندڙ هجڻ، سياڻي يا اياڻي هجڻ، سڌريل يا اڻسڌريل هجڻ، ڊولائتي يا بيڊولي هجڻ، ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي گڻن يا اَوگڻن جي ڪا به صحيح سڌ نه پوندي. اهو ئي مثال ڌرتيءَ سان به لاڳو ٿئي ٿو. ڌرتي به ڪيترين ئي شين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي وڏي آهي، پر ساڳيءَ ئي مهل اها ڪيترين ئي شين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي ننڍي به آهي.
سمجھو ڪري ته ڌرتيءَ کي زور ڏئي، دٻائي، سُسائي، سوڙهو ڪري، هڪ مَٽر جي داڻي جيترو ڪيو وڃي ۽ سج تي به اوترو ئي داٻ وڌو وڃي ته سج جو قدبت سمجھڻ لاءِ اسان کي مٽر جا 13-لک داڻا گڏ ڪرڻا پوندا جن سان چڱي چوکي ڇَلِي ڀرجي ويندي. معنى ته سج ڌرتيءَ کان 13-لک ڀيرا وڌيڪ وڏو آهي. هاڻي سوچي سگھجي ٿو ته ڌرتي سج جي ڀيٽ ۾ ڪيتري ننڍڙي آهي!
رات جو کٽ تي سمهي، اڀ ۾ نگاهه ڪرڻ سان اَڻڳَڻ تارا ٽمڪندي نظر ايندا. انهن مان ڪيترائي سج کان ننڍا آهن پر ڪيترائي اهڙا به آهن جيڪي سج کان لکين ڀيرا وڌيڪ وڏا آهن، انهن جي ڀيٽ ۾ ڌرتي ڇا هوندي؟
اسان جي ڌرتي سج-سرشتي/سِجَمنڊل جو هڪ ڳترو آهي. سج هڪ ”تارو“ آهي. تارو ان فلڪِي جسم کي چئجي ٿو جنهن وٽ پنهنجي روشني/سوجھرو هجي. ڌرتي هڪ ”گرهه/سَيارو“ آهي. گرهه ان فلڪي جسم کي چئجي ٿو جيڪو ڪنهن تاري جو محتاج ۽ ان جي چَوڦير ڦرندڙ هجي. ”اپگرهه/سيارچو“ وري ان فلڪي جسم کي چئجي ٿو جيڪو ڪنهن گرهه جو ڳيجھو ۽ ان چوڌاري ڦرندڙ هجي ـــــــــــ چنڊُ ڌرتيءَ جو اپگرهه آهي. ”اماڙو“ وري هڪ حد تائين ڇڙواڳ فلڪي جسم آهي.
اسان جي سج چوڌاري ڦرندڙ گرهن جي ڳڻپ نَـــوَ آهي، ۽ انهن جي ترتيب هن طرح آهي:
1.       ٻُڌ (ٻڌر، عطارد، مرڪيوري Mercury)
2.       وِهائُو (کِلندڙ، زهره، وينس Venus)
3.       ڌرتي (ڀُون، زمين، ڌَر، ارٿ Earth)
4.       اڱارو (مَنگل، مرِيخ، مارس Mars)
5.       خميسو (ورهپست، مشترِي، جوپيٽر/Jupiter)
6.       ڇنڇر (زُحل، سَئٽرن/Saturn)
7.       ساموئي (يُورينَس/Uranus)
8.       حَماد (نيپچُون/Neptune)
9.       آهنگر (پلوٽو/Pluto)
اسان جي ڌرتي خميسي، ڇنڇر، ساموئي ۽ حماد کان ننڍي آهي، جڏهن ته باقي سڀني گرهن کان وڏي آهي. ڌرتيءَ جيان ٻين ڪيترن ئي گرهن کي هڪ کان ٻٽيهنِ تائين پنهنجا پنهنجا اپگرهه/چنڊ به آهن. ڌرتي انهن سڀني چنڊن کان وڏي آهي. پڪي ارادي جيان پختا جبل، دِل جيان ڌڙڪندڙ سمنڊن جو پاڻي ۽ نَسن/رڳن جھڙيون نديون وغيره ته ڌرتيءَ جا لِڱ/عضوا آهن، پر حساب ڪتاب ڪجي ته ڌرتي ڪيترن ئي تارن کان به وڏي آهي.
ڌرتيءَ جي ماپ ۽ تورَ
اسان جيڪا ” ڌرتي“ ٺاهي آهي، اها پنهنجي هٿ ۾ جھليو ۽ اتر طرف مُنهن ڪري ويهو. پر ويهڻ کام اڳ هڪُ سَوَڙِ سبڻ جو سُوئو يا سُرمو پائڻ واري سَرائِي ۽ نِيري ڌاڳي وارو هڪ رِيل پنهنجي ڀرسان رکو. اسان صوف جي مثال سان سمجھاڻي ڏني هئي ته ڌرتيءَ جو هر هڪ چوٽ، مٿيون ۽ هيٺيون، صوف جي بُونڊ ۽ ڦلڙيءَ وارن چَوٽن جيان ڪجھه جھڪيل آهي ۽ ڍِڍُ ڪجھه وڌيڪ ڦونڊيَل. ان صوف يا ٺاهيل ڌرتيءَ کي اهڙيءَ طرح جھليو جيئن بونڊ وارو چوٽُ اُڀ ڏي ۽ ڦلڙيءَ وارو چوٽ پَٽَ ڏي هجي. هاڻي سُوئو يا سَرائي کڻي ڦلڙيءَ واري پاسي کان چُڀائي، ٺيڪ ڀُووچ تان ٽپائي بونڊ وٽان ٻاهر ڪڍو. ڌرتيءَ ۾ اهڙي ڪا به سَرائي موجود ناهي پر ان کي سولائيءَ سان سمجھڻ لاءِ اسان کي هڪ خيالي سَرائيءَ جي گھرج آهي. اسين، جيڪڏهن سرائي ٽپائڻ کان پوءِ ٺهيل ڌرتيءَ (يا صوف) کي سرائيءَ جي ڦلڙيءَ پاسي چهنب تي بيهاري لاٽونءَ يا چَڪرِ جيان ڦيرو ڏيون ته اسان کي ڌرتيءَ جو پنهنجيءَ ”سرائيءَ“ تي ڦيرو سمجھه ۾ اچي ويندو.
ڇا توهان کي اها خبر آهي ته ڌرتي پنهنجي ”سرائيءَ“ تي ڦرندي آهي؟ جيڪڏهن توهان کي اها ڄاڻ آهي، ته پوءِ توهان ڪجھه وڌيڪ سُڌ رکندڙ آهيو، پر جي توهان کي اهو سماءُ ناهي ته ڳڻتي نه ڪيو، هاڻي ته توهان کي سَمڪ پئجي وئي! ڀلا، توهان کي پتو آهي ته ڌرتيءَ جي ان ڦيري سبب ڇا ٿيندو آهي؟ ــــــــــ ”ڏينهن ۽ رات“، بلڪل ٺيڪ. ڌرتيءَ جي ان ڦيري سبب ڏينهن پٺيان رات ۽ رات پٺيان ڏينهن ٿئي ٿو. وڌيڪ تفصيل سان اها ڳالهه پوءِ سمجھنداسون.
ٺاهيل ڌرتيءَ جو اهو چوٽ جتان سَرائي ٻاهر نڪتي ۽ اُڀ ڏي مُنهن اٿس، ان کي ’اتر قطب‘ سڏجي ٿو، ڇو ته ’قطب تارو‘ اتان ٺيڪ سِڌائيءَ ۾ اڀ ۾ ڏسي سگھبو آهي. اسين سنڌ واسي اهو قطب تارو ٺيڪ اتر طرف ڏسي سگھندا آهيون. صوف واري مثال ۾ بونڊ وارو چوٽ ’اتر قطب‘ سڏبو. ظاهر آهي، توهين ايترا ڏاها ته آهيو جو اتر جي ابتي پاسي ڏکڻ هوندو يعني صوف جي ڦُلڙيءَ وارو پاسو ’ڏکڻ قطب‘ سڏبو. هتي هر ذهين ٻار پاڻمرادو سمجھي ويندو ته اسان جي ڌرتي اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب وٽ ڪجھه هيٺ ڀري (دَٻيَل، جھڪيَل) آهي ۽ ان ڪري ڌرتيءَ جو ڍِڍُ ڪجھه وڌيڪ ڦونڊيل (اڀريَل، ڦوڪيَل) آهي.
اتر قطب واري موڪِرِي جِهم (جھوڪ) پاڻيءَ سان ڀريل آهي ۽ ’آرڪٽڪ وڏو-سمنڊ‘ يا ’آرڪٽڪ مهاساگر‘ به سڏبي آهي. ڏکڻ قطب وارو علائقو ’اينٽاريڪٽيڪا‘ سڏجي ٿو. هنن ٻنهي قطبن تي ٿڌ تمام گھڻي آهي ۽ برف هر وقت موجود رهي ٿي. ٻنهي قطبن تي 6 مهينا ڏينهن هوندو آهي ۽ 6 مهينا رات، پر اتر قطب تي رات هوندي آهي ته ڏکڻ قطب تي ڏينهن ۽ ڏکڻ قطب تي رات هوندي آهي ته اتر قطب تي ڏينهن. ايئن ڇو آهي؟ ــــــــــ تفصيل اڳتي هلي سمجھنداسون.
هاڻي نيرو ڌاڳو کڻي سَرائيءَ جي ڏکڻ واري چوٽ ۾ (صوف جي حوالي سان ڦلڙيءَ تي) ڳنڍ ڏئي، ان کي ”ڌرتيءَ“ جي ڍِڍ تان اڀو آڻي سرائيءَ جي اتر واري چوٽ (صوف جي بونڊ) سان ٻڌي وري ابتي پاسي ڍڍ تان ٿيندي موٽي اچي (صوف جي ڦلڙيءَ) تي ڳنڍ ڏيو. هيءُ ڌاڳو ”ڌرتيءَ“ کي اوڀ ۾ ٻه اڌ ڪري ٿو. ”ڌرتيءَ“ تي هيءَ هڪ لِيڪ ٺهي پئي آهي. حقيقي ڌرتيءَ تي اهڙي ڪا به ليڪ ناهي، هيءَ خيالي ليڪ آهي. هن ليڪ کي ڌرتيءَ جي نقشن واري ماڊل تي ٽبڪن ۾ ظاهر ڪيل هوندو آهي ۽ ان کي ’ڏيهاڏيهي ڏِينهَمَٽ ليڪ‘ (انٽرنيشنل گِرِينوِچ لائين) سڏبو آهي. توهان اهو تجربو هن نموني ڪري سگھو ٿا. هن ميڻ بتي ٻاري ڪجھه پرڀرو رکي پنهنجي ٺاهيل ڌرتي کي ان جي سامهون جھليو ـــــــــ جنهن اڌ تي روشني پوي ٿي اتي ڏينهن ۽ جنهن اڌ تي اوندهه هجي اتي رات آهي. توهان ”ڌرتيءَ“ کي اهڙي طرح جھليو جيئن ڏيهاڏيهي ڏينهنمٽ ليڪ جي هڪ پاسي واري اڌ تي روشني پوي ۽ ٻي اڌ تي اوندهه هجي. هاڻي، هوري هوري ”ڌرتيءَ“ کي سرائيءَ تي ڦيرايو. ان ڦيري سبب ميڻ بتيءَ جي روشني ”ڌرتيءَ“ تي ليڪ کان اڳتي سُرندي نظر ايندي. جنهن پاسي روشني وڌي ان علائقي ۾ صبح (نئون ڏينهن) پيو ٿئي ۽ ان جي ابتي پاسي اوندهه وڌي ته ان علائقي ۾ سانجھي (رات) پئي ٿئي.
ڏکڻ قطب کان، ڀُووچ تان ٿيندي، اتر قطب تائين (”ڌرتيءَ“ ۾ سرائيءَ جي لڪل حصي جي ڊيگھه) يعني اوڀر ۾ ڌرتيءَ جو قطر 7 هزار، 9 سَو ميل (12 هزار، 7 سَو، ساڍا 4 ڪلوميٽر) آهي. ٻين لفظن ۾، جيڪڏهن ڌرتيءَ جي ڏکڻ قطب تان گُهتَ هڻي (ٽُٻِي ڏئي) ڌرتيءَ جي اندر پيهندا وڃون ۽ ڏهاڙي هڪ سَو ميل اڳتي سُرون ته اهو سفر پورو ڪرڻ ۾ 79 ڏينهن لڳي ويندا.
هاڻي اچو ته ڏيهاڏيهي ڏينهنمٽ ليڪ تي سفر ڪيون ۽ گول ڦري وري ساڳي هنڌ پهچون، جتان سفر شروع ڪيو هو. ڏهاڙي هڪ سَو ميل سفر ڪيون ته اهو سفر پورو ڪرڻ ۾ اسان کي 284 ڏينهن ۽ 6 ڪلاڪ لڳي ويندا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته اوڀ ۾ ڌرتيءَ جو گھيرو 24-هزار 8-سَو 60 ميل (40-هزار ۽ 9 ڪلوميٽر) آهي.
ٺيڪ ڏينهنمٽ ليڪ جيان، اسان کي ”ڌرتيءَ“ تي 12 وڪڙ ڏيَڻا آهن. هر وڪڙ ڏکڻ چوٽ کان هلي، سامهون پاسي ڍڍ تان ٿيندي، اتر چوٽ تي پهچي، وري ابتي پاسي ڍڍ تان ٿيندي، موٽي اچي ڏکڻ چوٽ تي پهچي. توهان ڏسندا ته توهان جي هٿ ۾ جھليل ڌرتي 24 اُڀيُن ڦاڪن ۾ ورهائجي ڄڻڪ گِدري يا ڇِليَل نارنگي جھڙي ڏِکَ پئي ڏي! ياد رکجو ته هر هڪ ’ڦاڪ‘ هڪ جيتري هجڻ گھرجي. حقيقي ڌرتيءَ تي اهي ڦاڪون موجود ناهن، اهي سڀ خيالي ليڪون آهن، ڌرتيءَ جي نقشن واري ماڊل تي اهي اسان کي ڏسڻ ۾ اينديون، ڇو ته ڌرتيءَ جي اڀياس ۾ اهي اسان جي مدد ڪن ٿيون. اهڙيءَ هر ’ڊگھائي ڦاڪ‘ کي نقشي ۾ هڪ کان چوويهن تائين مقرر انگ سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. (وڌيڪ درست ۽ سولو ٿيندو جيڪڏهن اسين ’ڊگهائي ڦاڪ‘ ٻن ليڪن جي وچ واريءَ وٿيءَ کي سڏيون ۽ هر هڪ لِيڪ کي ’ڊگھاڪ‘ يا ’اُڀاڪ‘ سڏيون.)
ڊگھائي ڦاڪون ٺاهڻ کان پوءِ هاڻي اسان کي ويڪرائي ڦاڪون لِيڪڻيون آهن.
توهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته ڌرتيءَ جو ڍڍ ڪجھه وڌيڪ ڦونڊيل آهي. ڌرتيءَ جِي اِن پيٽوڙِي ڦُونڊ کي ’ڀُوٿار‘ چئجي ٿو. انهيءَ ڀوٿار جي ٺيڪ وچ تي، جتان ڏکڻ قطب ۽ اتر قطب تائين هڪ جيترو مفاصلو هجي، ڌاڳو اهڙيءَ طرح ويڙهيو جيئن هر هڪ ڊگهائي ڦاڪ جي ٺيڪ وچ مٿان ڦري/گھمي اچي. ڌاڳي جي هن وڪڙ سبب ”ڌرتي“ ٻن هڪ جيترن اڌن ۾ ورهائجي پئي آهي ـــــــــ ڌرتيءَ جو اتر پاسي وارو اڌ گولو ۽ ڌرتيءَ جو ڏکڻ پاسي وارو اڌ گولو. اسين اتر اڌ گولي کي اترادي يا ’اُتر اڌولو‘ (North Hemisphere) ۽ ڌرتيءَ جي ڏکڻ اڌ گولي کي ڏاکڻو يا ’ڏکڻ اڌولو‘ (South Hemisphere) چونداسين. حقيقي ڌرتيءَ تي اهڙي، کيس ٻن اڌولن ۾ ورهائيندڙ ڪا به ليڪ ناهي، هيءَ به خيالي ليڪ آهي ۽ جيئن ته اها ليڪ ڌرتيءَ کي ٺيڪ ٻن اڌن ۾ ورهائي ٿي تنهنڪري ان کي ’اڌوڙڪ‘ سڏبو. ’اڌوڙڪ‘ کي اردو ۾ ’خط استوا‘ ۽ انگريزي ۾ ’اِيقئيٽر‘ (equator) سڏجي ٿو. (’ايقئيٽر‘ معنا ٻن برابر حصن ۾ ورهائيندڙ، ۽ سنڌيءَ جو لفظ ’اڌوڙڪ‘ اها ئي صحيح ۽ جائز معنا ظاهر ڪري ٿو.) ڌرتيءَ جي اڌوڙڪ تي جيڪڏهن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ماڻهو بيهندا وڃن ته 11-ڪروڙ ماڻهي بيهي سگھندا. اچو ته اڌوڙڪ تي سفر ڪيون ۽ گول ڦري وري ساڳي هنڌ پهچون جتان سفر شروع ڪيو هو. ڏهاڙي هڪ سَو ميل هلون ته اهو سفر پورو ڪرڻ ۾ اسان کي لڳ ڀڳ 249 ڏينهن لڳي ويندا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته اڌوڙڪ تي ڌرتيءَ جو گھيرو 24-هزار، 9-سَو ۽ 2 ميل (40-هزار، 2-سَو، اڍائي ڪلوميٽر) آهي. اسين جيڪڏهن اڌوڙڪ جي ڪنهن نقطي تان ڌرتيءَ اندر سِيڌَ ۾ ٽُٻِي هڻون ۽ ڀُووچ تان پيهندي پار وڃي ڌرتيءَ جي سطح تي اڀرون، ڏهاڙي هڪ سَو ميل هلون ته اهو پنڌ پورو ڪرڻ ۾ اسان کي 79 ڏينهن ۽ سوا 6 ڪلاڪ لڳي ويندا، يعني اڌوڙڪ وٽ ڌرتيءَ جو قطر 9-هزار، 7-سَو ۽ 26 ميل (12-هزار، 7-سَو، 46 ڪلوميٽر) آهي. ٻين لفظن ۾، ڌرتيءَ جي اڀي قطر کان اڌوڙڪ وارو (ويڪرو) قطر 26 ميل (42 ڪلوميٽر) وڌيڪ آهي.
اڌوڙڪ کان اتر قطب تائين اتر اڌولي کي نوَن برابر حصن ۾ ورهايو. بهتر طريقو هي آهي ته ڪنهن هڪ ڊگھائي ڦاڪ تي هڪ جيتري وٿيءَ سان اٺ نقطا نشان ڪيو ۽ اتي ڌاڳو ٻڌي اڌوڙڪ سان پُور وِڇوٽ رهندي گولائي ۾ ڦري اچو. اهڙيءَ طرح اتر اڌولي تي، اتر قطب ۽ اڌوڙڪ جي وچ ۾ اٺ گھيرا ٺهي پوندا ۽ اتر اڌولو نوَن برابر حصن يا ڦاڪن ۾ ورهائجي چڪو هوندو. اهڙيءَ هر هڪ ڦاڪ کي ’ويڪرائي ڦاڪ‘ سڏجي ٿو. اهڙيون 9 ڦاڪون ڏکڻ اڌولي تي به ظاهر ڪيو. (وڌيڪ سولو ٿيندو جيڪڏهن اسين هر هڪ ويڪرائي ڦاڪ کي ليٽيل هجڻ ڪري ’ليٽاڪ‘ چئون.)
هن مهل تائين اسان ڌرگولي تي 24 اڀيون ۽ 19 ليٽيل لِيڪون ڪڍيون آهن. ياد رکجو ته اهي ليڪون حقيقي ڌرتيءَ تي موجود ناهن، پر جڏهن اهي ليڪون ڪڍون ٿا تڏهن سڄي ڌرتيءَ جو مٿاڇرو اڻپور پاسن چَوڪُنڊَن ۾ ورهائجي پوي ٿو ۽ اسين سولائيءَ سان هر هڪ ٽڪري کي ڊگھائي ۽ ويڪرائي ڦاڪن جي انگن جي مدد سان هڪ گھڙيءَ ۾ ڳولي سگھون ٿا. 24 ڊگھائي ڦاڪون وجھي اسان ڌرگولي کي چوويهنِ برابر حصن ۾ ورهايو آهي. توهان کي سُڌ هوندي ته هڪ گول جي مرڪز تي سڀني ڪنڊن جي ماپ 360 پد (˚360) ٿئي ٿي. ڌرگولي جا به ˚360 ٿيندا. انهن کي جيڪڏهن چوويهنِ برابر حصن ۾ ورهائبو ته هر هڪ ڊگهائي ڦاڪ ˚15 جي نشاندهي ڪندي. جيئن ته ڌرتي، ٿلهي ليکي، پنهنجي سرائيءَ تي هڪ چڪر 24 ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿي ان ڪري سج جي ڪنهن هڪ سِڌي ڪِرڻي آڏو هڪ ڪلاڪ ۾ ڌرتيءَ جو ڦريل مفاصلو هڪ ڦاڪ جيترو ٿيندو يعني ڌرتي هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ هزار ۽ ساڍا ستٽيهه ميل ڦيرو ڪري ٿي.
ساڳيءَ طرح ڌرتيءَ کي 18 ويڪرين ڦاڪن ۾ ورهايو ويو آهي. ڌرتيءَ جي مرڪز (ڀووچ) وٽ ڌرتيءَ جي عمود (سڌي ليڪ يا قطر) تي ˚180 ٿين ٿا. 180 پدن کي جيڪڏهن 18 حصن ۾ ورهايو وڃي ته هر هڪ ويڪري ڦاڪ ˚10 جي ٿئي ٿي. هاڻي جيڪڏهن ڪو چوي ته اتر اڌولي تي سنڌ جي طبعي بيهڪ ˚66 ۽ 42 منٽن کان ˚71 ۽ 10 منٽن تائين ڊگھائي ڦاڪ ۽ ˚23 ۽ 35 مِنٽن کان ˚28 ۽ 30 منٽن تائين ويڪرائي ڦاڪ تي آهي، ته اسين ڌرگولي جو نقشن وارو ماڊل ڏسي سنڌ کي هڪدم نشانبر ڪري سگھنداسون. (جڏهن ته سنڌ جي ڪل پکيڙ 52-هزار 9-سَو 94 چورس ميل يا 85-هزار 3-سَو 20 چورس ڪلوميٽر آهي.)
هاڻي اڃا ٻيا به ٻه ليڪا ڪڍنداسون ۽ پوءِ اڳتي وڌبو.
اتر اڌولي تي اڌوڙڪ کان ٻه ويڪرائي ڦاڪون ڇڏي ٽين ويڪرائي ڦاڪ کي ٽن حصن ۾ ورهايو. ان ڦاڪ ۾ هڪ جيتري وٿيءَ تي ٽي ٽبڪا ڪڍو. اڌوڙڪ کان ٻه ويڪرائي ڦاڪون ۽ ٽينءَ جو ٽيون حصو شامل ڪري ان نقطي کان اڌوڙڪ سان پور وڇوٽ رهندي، گولائي ۾ ٽبڪن وارو ليڪو ڪڍو. هيءُ ليڪو ڳڻپ موجب اتر اڌولي ۾ اڌوڙڪ کان 23 پدون ۽ 17 منٽَ پري آهي. ان ليڪ کي ’کيکڙي وارو تاپٽو‘ سڏجي ٿو. اڌوڙڪ کان بلڪل ساڳيءَ وٿيءَ تي ڏکڻ اڌولي مٿان به ساڳيءَ طرح گولائي ۾ ٽبڪا ڪڍو. ان ليڪ کي ’جَدي وارو تاپٽو‘ سڏجي ٿو. ’کيکڙي واري تاپٽي‘ کان اڌوڙڪ سميت ’جديءَ واري تاپٽي‘ ڌرتيءَ جي ڍڍ تي گولائيءَ ۾ هيءُ جيڪو ’تاپٽو‘ ظاهر ٿيو آهي ان تي سج جي اُس جا ڪرڻا بلڪل اُڀا ڪِرن ٿا، تنهنڪري هن تاپٽي ۾ باقي سڄيءَ ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ تاءُ (تابش، گرمي، ڄَر) وڌيڪ آهي ــــــــ هيءَ تاپٽائي ايراضي سڀ کان وڌيڪ سج سامهون رهي ٿي. سنڌ اتر اڌولي ۾ کيکڙائي تاپٽي کان ڪجھه وڌيڪ مٿڀرو ۽ اتر ۾ آهي. تاپٽي جي ويجھڙ واري علائقي کي ’اپ-تاپٽو‘ چئجي ٿو، تنهنڪري چئبو ته سنڌ اتر اپ-تاپٽي ۾ آهي.
هيءَ ”ڌرتي“ جيڪا اسان جي هٿن ۾ آهي، ان جي تور گھڻي ٿيندي؟ هڪ سَو گرام ته ضرور ٿيندي! پر اها ڌرتي جيڪا سج جي چوڌاري ٽين نمبر گرهه جي حيثيت ۾ ڦري رهي آهي، جنهن ۾ لوهه، پٿر، پاڻي ۽ مٽيءَ سان گڏ ٻيا ڪيترائي ڌاتو هزارين ٽَنَن جي حساب سان لڀن ٿا، جنهن تي اربين وڻن ۽ جانورن سان گڏ پنج ارب کان وڌيڪ ماڻهو به رهن ٿا، ڇا ان جو ڪو به وزن نه هوندو؟
جي وزن آهي، ۽ ظاهر آهي ته ان جو هڪ وزن ضرور آهي، ته ان کي ڪيئن توري سگھجي ٿو، ۽ ان جو وزن ڪيترو آهي؟
ايڏي وڏي تارازي اڃا نه ٺهي سگھي آهي جنهن جي هڪ پُڙَ ۾ ڌرتي رکجي ۽ ٻي ۾ وَٽَ رکجن. وَٽُ به ظاهر آهي ته لڳ ڀڳ ڌرتيءَ جيڏو ئي هجڻ گھرجي! جيڪڏهن ايڏو وڏو وَٽُ ۽ ايڏي وڏي تارازي ٺاهي به سگھجي، ته به ڌرتيءَ کي تورڻ ناممڪن آهي، ڇو ته ڌرتي هر گھڙيءَ نه رڳو پنهنجيءَ سرائيءَ تي ڦرندي رهي ٿي پر سج جي چوڌاري به لاڳيتي چَڪَر ۾ آهي. تورڻ لاءِ ظاهر آهي ته ان کي ترسائڻو پوندو، ۽ ڌرتيءَ جِي هڪ سيڪنڊ جي ڪروڙين حصي جيتري پَل لاءِ به چرپر بند ڪبي، ته نه رڳو ڌرتي پر سج جو سرشتو به ڊانواڊول ٿي ويندو ۽ اسين سمورا ماڻهو ۽ ٻيا چُرندڙ ساهوارا ته ان پَل ۾ پَٽجي بي ترتيب اڏامندا پولار ۾ هليا وينداسون پر پاڻي، وڻ ۽ جبل به اکڙجي اڏامي ويندا.
توهان ڄاتو آهي ته هَلندڙ بَس يا ريل گاڏي اوچتو بيهندي ته ان ۾ ويٺل اڳتي ڌِڪجي ويندا آهن ۽ جي اوچتو تيز هلندي ته پوئتي ڌِڪو ايندو. ڌرتيءَ ته هڪ وقت ٻه-چرپرون پئي ڪري ــــــــــ پنهنجيءَ سَرائيءَ چوڌاري ۽ سج جي چوڌاري. (ٽينءَ چرپر جو ذڪر اڳتي ايندو.)
ڌرتي پولار ۾ اڏامندڙ راڪيٽ-گولو آهي ۽ اسين ان جا سوار مسافر. جياپي جي جنم کان وٺي ڪو وڏو حادثو نه ٿيو آهي، باقي سَنها لرزا ٿيا آهن، جن کي زلزلو يا ڌوڏو سڏيون ٿا.
آرڪمڊيز (ارشميدس) نالي هڪ ناليارو عالم ٿي گذريو آهي، هن جا علمي ڪم ڏاڍا شاندار آهن. هڪ ڀيري هن چيو هو ته مون کي هڪ ڊگھي لَٺ ڏيو ۽ بيهڻ جي جاءِ، آءٌ توهان کي ڌرتي کڻي ڏيکاريندس.
ڇا ڌرتي واقعي کڻي سگھجي ٿي؟
زباني، نظرياتي طرح ته اهو ممڪن آهي، پر عملي طرح ناممڪن.
سائنسدانن جي ليکي موجب ڌرتيءَ جو وزن 1020x66 ٽَن (يا 1021x6.6 ٽَن) آهي يعني ڇاهٺ آڏو ويهه ٻڙيون ڏبيون ته هيءُ انگ ظاهر ٿي سگھندو ـــــــــــ 000,000,000,000,000,000,00,66 ٽَن. (سنڌيءَ ۾ انگن جي ڳڻپ هن طرح آهي: ايڪا، ڏهاڪا، سوَ، هزار، ڏهه هزار، لکَ، ڏهه لک، ڪروڙ، ڏهه ڪروڙ، ارب، ڏهه ارب، کرب، ڏهه کرب، ؟) جيڪڏهن اسان کي ڪنهن به شَي جي قدبت ۽ گھاٽائيءَ جي ڄاڻ هجي، ته ان جو وزن ڳولي لهڻ ڏکيو ناهي. ڌرتيءَ جِي تور ان قاعدي موجب ڪيل آهي.
هاڻي اسان کي اهو ڄاڻڻو آهي ته سج-سرشتي ۾ سج جي سامهون ڌرتيءَ جي بيهڪ ڪيئن آهي؟
اسان پنهنجيءَ ٺاهيل ڌرتيءَ ۾ هڪ سَرائي آرپار ٽپائي هئي، توهان کي ياد آهي؟ ڌرتيءَ سميت سَرائيءَ جِي ڏکڻ قطب واري چهنب فرش ۾ اڀي کوڙيو. سرائي هڪ عمود (اڀي ليڪ) جيان ڏيکاربي ۽ فرش سان ˚90 جي ڪنڊ ٺاهيندي. توهان اتر ڏي منهن ڪري ويٺا آهيو ۽ سرائي ” ڌرتيءَ“ سميت توهان جي سامهون فرش ۾ کُتل آهي. سرائيءَ ۾ هٿ وجھي ان کي ڪنڊائتو ساڍا ˚23 ليٽايو. هاڻي سرائيءَ جي ساڄي پاسي کان فرش سان ٺهڪندڙ ڪنڊ ساڍا ˚66 آهي. سج جي چوڌاري چڪر پولار ۾ ڌرتيءَ جي بيهڪ اِجھو ايئن آهي.
ڪمري جي ڪنڊ ۾ ميڻ بتي ٻاري ” ڌرتيءَ“ تي ان جي پوندڙ روشني جاچيو. ڌرتيءَ جو اڌ اونداهو هوندو ۽ اڌ روشن. سرائيءَ جي چوٽيءَ ۾ هٿ وجھي ان کي ايئن ڦيرايو ڄڻڪ گھڙيال يا واچ جي سُئي ابتي ڦرندي هجي. توهين ڏسندا ته توهان جي سامهون واري ڊگهائي ڦاڪ ساڄي پاسي ڦرندي روشن ٿيندي ويندي، ڌرتيءَ تي اهو صبح (ڏينهن) پيو ٿئي؛ جڏهن ته ابتي پاسي جنهن ڊگھائي ڦاڪ تي اوندهه ڇائجندي وڃي اتي سانجھي (رات) پئي ٿئي. ڏينهن ۽ رات ٿيڻ جو اهو سلسلو هر گھڙِيءَ جاري رهي ٿو. هن گھڙيءَ به، هر ڊگھائي ڦاڪ تي هڪ ڪلاڪ جي فرق سان ڏينهن-رات جا 24 ئي ڪلاڪ موجود آهن، ڪٿي صبح آهي ته ڪٿي منجھند، ڪٿي شام آهي ته ڪٿي سانجھي، سومهڻي، اڌرات يا فجر. سجُ نه ته ”اڀرندو“ آهي ۽ نه ئي وري ”لهندو“ آهي. اهي اڻڄاڻائيءَ جي زماني جا تصور آهن. ڌرتيءَ جي ڦيري سبب ڌرتيءَ جو هڪ حصو سج جي سامهون ايندو رهندو آهي ۽ ساڳي وقت ٻيو حصو اوندهه ۾ ويندو رهندو آهي.
هاڻي، فطري طرح اهو سوال اڀرندو ته مُندون ڪيئن ٿيون بدلجن؟ ڌرتي سج جي چوڌاري جيڪو چڪرُ هڻي ٿي ان جي ڪري مند بدلجي ٿي. ان تي تفصيل سان پوءِ ڳالهائبو.
 ڌرتيءَ جي چرپر
اسان ”ڇا ڌرتي گول آهي؟“ جاچڻ مهل هڪ پرواڪڻي جو ذڪر ڪيو هو، جنهن تي توهان ان مهل سڄي ڌرتيءَ جي ڌار ڌار ڏينهن ۽ رات جي ڌار ڌار وقتن جي سُڌ ڄاتي هئي. هاڻي انهن سنگتين سان وري ڳالهايو ۽ کانئن وقت پڇو. توهان ڄاڻي سگهندا ته هن گهڙيءَ ڪٿي پِرهه ڦٽي آهي ته ڪٿي سج نظر اچڻ لڳو آهي، ڪٿي ٽاڪ منجهند آهي ته ڪٿي پاڇا لڙي چڪا آهن، ڪٿي سانجهي ٿي چڪي آهي ته ڪٿي سومهڻي-گذار، ڪٿي اڌرات آهي ته ڪٿي ڄاڻ باک ڦٽي.... ۽ هر گذرندڙ ڪلاڪ کان پوءِ جيڪڏهن اوهين اها ڄاڻ وٺندا رهندا ته توهان کي هر ڏيهه ۾ سڄي ڏينهن رات جو پتو پئجي ويندو.
ڏينهن رات جو اهڙو ڦيرو ڪيئن ٿو ٿئي؟ ڌرتي ٿي ڦري يا ”آسمان“؟ (جڏهن ته، اها ڳالهه ضرور ياد رکجو ته هر ڏيهه جي رهاڪن مٿان، ڏينهن هجي يا رات هر گهڙيءَ ”آسمان“ موجود رهي ٿو)، ڪو نه ڪو ڦري ضرور ٿو، ”آسمان“ ڦرندو هوندو يا وري ڌرتي!
چڱيءَ طرح سوچ ويچار کان پوءِ توهان اوَس ان نتيجي تي پهچندا ته ڏينهن جي تبديليءَ جو ڪارڻ ڌرتيءَ جو ڦيرو آهي.
ڌرتي ڦري ٿي، ته اسين ڪِرون ڇو نه ٿا؟
هن سوال ۾ ڪا به عقلمندي ڪو نه آهي. ڌرتي ڪو پتڪڙو بال ته ڪونهي جو ان جي ڦيري سبب ڪري پئون. ڌرتي نه رڳو ڦري ٿي پر سج جي چوڌاري چڪر به هڻي ٿي، ته سج سان گڏ ”ڊوڙندي“ به رهي ٿي.
ڌرتي اسان کان ڪروڙين ڀيرا وڏي آهي. اسين ان سان چهٽيل آهيون ۽ ان جي ڇِڪ اسان تي لاڳيتو اثر ڪري ٿي. ڌرتي پنهنجي ”ڦيري“، چڪر ۽ ڊوڙ دوران ڪو به جهاڪو ڪو نه ٿي کائي، ان ڪري ان جي چرپر جو عام طرح اسان کي احساس ڪو نه ٿو ٿئي.
ڇا توهان ڪڏهن ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪيو آهي؟ ضرور ڪيو هوندو. گاڏيءَ جا در دريون سڀ بند هجن، يا توهان ڪجهه دير اکيون بند ڪريو ۽ ريل گاڏيءَ جي ڦيٿن جو ٺَڙڪو، لوڏو، جهاڪو ۽ گاٺ جو آواز بند ڪيو، توهان کي احساس ئي ڪو نه ٿيندو، ته ڪو ريل گاڏي هلي رهي آهي. ريل گاڏي ننڍڙي شَي آهي، اوهان ان جي ڊوڙڻ بابت ڄاڻو ٿا ۽ ان سان گڏ ريلوي جي آس پاس ”پوئتي ويندڙ“ وڻ ۽ زمين پڻ سولائيءَ سان ريل گاڏيءَ  جي ڊوڙڻ جو چٽو احساس ڏين ٿا.
ڪنهن ڏينهن ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪندي، ٽيڪ ڏيئي آرام سان ڍرڪي ويهو، جيئن زمين توهان کي نظر نه اچي. اسٽيشن تي بيٺل جيڪڏهن ڪا ٻي گاڏي هلندي، ته توهان پڪ سان چئي سگهندؤ ته ڪهڙي ريل گاڏي هلي پئي. پڪ توهان کي تڏهن پوندي جڏهن زمين ڏسندؤ يا وري گاڏيءَ جي جهٽڪي وارو لوڏو اچي. ساڳي حالت ۾ رهندي اوهين ٻاهر ڏيکارجندڙ وڻن تي نگاهه وجهو. اوهان کي ائين محسوس ٿيندو ڄڻڪ وڻ ڊوڙي رهيا هجن. ڊوڙي ته ريل گاڏي ٿي پوءِ وڻن جي ڊوڙڻ جو احساس ڇو ٿو ٿئي؟
توهان پنهنجي گهر جي ڇت تي رات جو اوڀر ڏي پير ڊگهيري ليٽي پئو ۽ تارن کي ڏيان سان جاچيو. مختلف تارا ڪنهن نه ڪنهن ٽڪنڊي چوڪنڊي يا جهڳٽيدار شڪل ۾ توهان کي نظر ايندا. ڪنهن وڏي (ماڻهوءَ) کان قطب تاري جو ڏس پڇي، ان کي سڃاڻي ڇڏيو. هاڻي توهان ٺيڪ اوڀر ۾، اوڀر- اتر ۽ اوڀر-ڏکڻ ڪنڊن تي ڪي چمڪندڙ تارا يا جُهڳٽا تاڙي ياد ڪيو. توهان کي اٺ-ڏهه ڪلاڪ جاچ جاري رکڻي پوندي. توهان سولائيءَ سان ڏسي سگهندا ته قطب تارو ساڳيو ئي اتر ۾ ٺيڪ ساڳي جاءِ تي موجود هوندو، اوڀر ۾ تاڙيل تارو اولهه ۾، اوڀر-اتر ڪنڊ وارو اتر-اولهه ڪنڊ ۾، اوڀر-ڏکڻ ڪنڊ وارو تارو ڏکڻ-اولهه ڪنڊ ۾ پهچي چڪا هوندا. قطب تارو ته پنهنجيءَ جاءِ تي موجود هيو پر ٻيا تارا بدليل جڳهن تي نظر ڇو ٿا اچن؟
قطب تارو ڏسڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته اوهين ڪنهن به مسجد جي ڏکڻ-اولهه ڪنڊ وٽ بيهي ڀت جي سِيڌ ۾ اتر طرف ڏسو. ڌرتيءَ جي سطح کان لڳ ڀڳ ”پنج ماڙ“ جيترو مٿي، وچٿرو چمڪندڙ تارو توهان کي سولائيءَ سان نظر اچي ويندو.
اچو ته هاڻي ٿورو ڌرتي جي ڦيري واري چرپر تي نظر وجهون. توهان کي خبر آهي ته ڌرتي ڪنڊائتي پوزيشن ۾ آهي. سَرائيءَ جي سيڌ ۾ اتر طرف قطب تارو آهي. اتر کان وٺي ڏکڻ تائين ڌرتيءَ جو ڍِڍُ ڪَمان جيان رهي ٿو. ان جي وچ (اوڀر) پريان تارو ٺيڪ اوڀر کان هلندي اولهه طرف ويندي  لڳندو، جڏهن ته ڪُنڊن وارا تارا ڪُنڊن تي ئي هلندي نظر ايندا. ڌرتي پنهنجي سرائي چوڌاري ڦري ٿي ۽ ڦرندي رهي ٿي. جيئن اسان کي ريل گاڏيءَ مان ٻاهريون لقاءُ هلندي (ڊوڙندي) نظر اچي ٿو، پر پنهنجيءَ ريل گاڏيءَ جي هلڻ جو احساس گهٽ (يا نه) ٿئي ٿو. هيءُ، ”تارن وارو ڦيرو“ به بلڪل ان جيان آهي. ڦري ته ڌرتي ٿي پر لڳي ايئن ٿو ته ڄڻڪ تارا ڦريا هجن. سرائيءَ تي ڌرتي جو ڦيرو ”اوڀر“ طرف آهي ۽ ان ڪري هر تارو ”اولهه“ طرف ويندي نظر اچي ٿو.
ڌرتي پنهنجي سرائي تي ڦرندي رهي ٿي جنهنڪري ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهندڙ سڀ شيون پڻ لاڳيتي ڦيري جي حالت ۾ آهن. مثال طور سمجهو ته اڌوڙڪ جي ڪنهن به نقطي وٽ هڪ وڻ بيٺل آهي. سج جي حوالي سان ان جي رفتار ڪيتري تيز آهي؟ اها رفتار هڪ هزار ۽ لڳ ڀڳ 41 ميل في ڪلاڪ آهي! يعني، جيڪڏهن سمجھو ته سج جي رڳو هڪ لاٽ هجي ۽ اها لاڳيتو وڻ تي رهي ته ان کي هڪ هزار ۽ لڳ ڀڳ 41 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙڻو پوندو.
جيڪڏهن اسان ڪو اهڙو هيليڪاپٽر ٺاهي سگهون جيڪو ڌرتيءَ مٿاڇري کان ڪجهه مٿي اهڙيءَ طرح ٽڪ هڻي ڄمي بيهي رهي جو ڌرتيءَ جي ڇڪ ان تي اثر ڪري، هوا سميت، پاڻ سان گڏ ڦيرائي نه سگهي، ته توهان هڪ شاندار ۽ وڻندڙ لقاءَ ڏسي سگهندا. اڳ به اسان جڏهن پيرين-پنڌ سير ڪيو هو تڏهن اسان جي هلڻ جي رفتار ڏاڍي ڍري هئي. پر هاڻي جڏهن ته اڌوڙڪ مٿان، ڌرتيءَ جي ڇڪ کان آجو ٿي ٽِڪ هڻي بيٺا آهيون، تڏهن ڌرتيءَ جو مٿاڇرو هڪ هزار ۽ لڳ ڀڳ 41 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڦرندو پيو وڃي ۽ رڳو 24 ڪلاڪن ۾ ڌرتيءَ جو سڄو مٿاڇرو پنهنجا رنگ روپ ۽ خشڪيون تَريون ڏيکاريندو، وري اچي ان نقطي تي پهچندو، جتان اسان ان کي ڏسڻ شروع ڪيو هو. جيڪڏهن ڌرتيءَ مٿان ڪڪر نه هجن، ته ٺيڪ اهو ساڳيو لقاءَ سج تان ڌرتي ڏسڻ مهل  نظر ايندو. اڃا به جيڪڏهن ائين ڪيون جو سنڌ جي ڏکڻ طرف سِيڌ ۾ وڃي اڌوڙڪ تي بيهون ۽ جيئن ئي صبح ٿئي ته هڪ هزار ۽ لڳ ڀڳ 41 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙڻ شروع ڪيون ته اڌوڙڪ تي 24 ڪلاڪن ۾ ڌرتيءَ جو سڄو مٿاڇرو لتاڙي (اڪري) ٺيڪ ساڳي هنڌ پهچنداسون ۽ مزي جي ڳالهه اها ته ان سڄي سفر ۾ (منجهند، سانجهي، ۽ رات نه، پر) رڳو صبح ئي صبح ڏسنداسون! اچو ته هاڻي ذڪر ڪيل وڻ هيٺ ويهي سج تي نظر ڄمايون. سج جا ڪرڻا صبح ويل سڌو اسان مٿان نه ڪِرندا (۽ ان ڪري پاڇو اولهه طرف ٺهندو) پر جيئن جيئن ڌرتي ڦرندي ويندي تيئن تيئن سج جا سڌا ڪرڻا سڌو اسان مٿان ايندا ويندا تان جو ٽاڪ منجهند (12 وڳي) اهي اسان مٿان اڀا ڪِري رهيا هوندا (۽ پاڇو اسان جي پيرن ۾ هوندو). لاڳيتي ڦيري سبب اسين وينداسون سج کي پُٺيرو ٿيندا (۽ پاڇو اوڀر طرف ويندو ڊگهو ٿيندو) تان جو سج جا سڌا ڪرڻا اسان کان ايترو پري ڪِري رهيا هوندا، جو اسين انهن کي ڏسي نه سگهنداسون (اها رات آهي ۽ ان وقت ڪو به پاڇو ڪونهي). نيٺ ڌرتيءَ جو ڦيرو وري اسان کي سج جي سامهون آڻي بيهاريندو. اسان جيڪو ڌرتيءَ جو بال جهڙو سرائي وِڌل ماڊل ٺاهيو هو، اهو هٿ ۾ جهلي اتر طرف مُنهن ڪري بيهو ۽ پنهنجي ساڄي پاسي هڪ ميز رکي، ان تي ميڻ بتي روشن ڪريو. ٺيڪ توهان جي نڪ سامهون، بال تي روشن ۽ اونداهو پاسو گاڏڙيل نظر ايندو. جتي اوندهه ۽ روشني ملندي هجي اتي اڌوڙڪ مٿان هڪ ٽبڪو ٺاهبو (هي اهو وڻ آهي جنهن جو ذڪر اسان اڳ ۾ ڪيو آهي). ٽبڪي وٽ صبح ٿيو آهي. هاڻي سرائيءَ کي هوري هوري ان رخ ۾ ڦيرو ڏيندا رهو جنهن رخ ۾ ميڻ بتي ٻرِي رکي آهي. هوري هوري اهو ٽبڪو چِٽي ۽ روشن حصي ۾ پهچي ويندو. ٽبڪي وٽ منجهند ٿي وئي. ڦيرو جاري رکو، تان جو اهو ٽبڪو پَرين پاسي ان هنڌ تي پهچي جتي روشني ۽ اوندهه ملي رهيا آهن. هاڻي ٽبڪي وٽ سانجهي آهي. ڦيرو جاري رکو. ٽبڪو اونداهي حصي مان ٿيندو (رات گذاريندو) وري اچي اوهان جي نڪ جي سامهون روشن-اونداهي حصي ۾ پهچندو. هيءُ ٻيو سج آهي، ڌرتيءَ جو هڪ ڦيرو 24 ڪلاڪن ۾ پورو ٿي ويو.
ڌرتيءَ جو پنهنجيءَ سرائيءَ تي لاٽون جيان ڦيرو ڏينهن-رات ٺاهڻ جو ڪارڻ آهي. ڪو به سج ڪو نه ٿو اڀري ۽ نه ئي لهي ٿو. رڳو ڌرتيءَ جو هر نقطو ڦرندي سج سامهون اچي ٿو ۽ ڦِــرِي هٽِي وڃي ٿو. جڏهن اسين سج سامهون ٿيندا وڃون ٿا تڏهن سڀ ڀانيون ٿا ته سج اڀرندو مٿي ٿيندو پيو وڃي ۽ جڏهن سج سامهون ڦري وڃون ٿا تڏهن ڀايون ٿا ته سج لهندو هيٺ ٿي ويو. ”ريل گاڏيءَ“ ۾ سفر اسين ڪيون ٿا پر هلندڙُ (ڊوڙندڙُ) وري وڻن کي ٿا محسوس ڪيون. اهو ساڳيو ڦيرو تارن جي ”اڀرڻ ۽ لهڻ“ جو به ذميوار آهي. جڏهن ته ڪا به شَي (تارا، سج) ڪا نه ٿي اُڀري ۽ نه ئي وري لهي ٿي. سچ رڳو اهو آهي ته ڌرتي پنهنجي سرائيءَ تي لاٽون جيان ڦري ٿي، ڦرندي رهي آهي ۽ ڦرندي رهندي.
مُندون ڪيئن ٿيون ٿين، ۽ بدلجن ڇو ٿيون ۽ رڳو چار مندون ئي ڇو ٿيون ٿين؟ هاڻي اسان کي اهو سڀ ڪجهه ڏسڻو آهي. پنهنجيءَ سرائي تي ڦرندو رهندي، ساڳيءَ مهل اسان جي ڌرتي سج جي چوڌاري چڪر به هڻي ٿي.
۽ سج جي چوڌاريءَ ڌرتيءَ جو اهو چڪر ئي چئن مندن ۽ هڪ کان ٻي مند ۾ تبديليءَ جو ڪارڻ آهي. ڪيئن، اچو ته ڏسون.
ذڪر ڪيل بال جي اڌوڙڪ تي هڪ ڌاڳو ٻڌو ۽ ڌاڳي جو ٻيو ڇيڙو پنهنجيءَ آڱر  ۾ ٻڌو، هاڻي پنهنجي آڱر کي پنهنجي منڍيءَ کان مٿڀرو جهلي بال کي آڱر جي چوڌاري ڦيرايو. ڌاڳي جي ڪري، ڌاڳي جيتري ڊيگهه جي فاصلي تي، آڱر جي چوڌاري چڪر هڻندو رهندو. آڱر کي سج سمجهو ۽ بال کي ڌرتي... ۽ ڌاڳو سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ ڪشش جو ميدان ــــــــــ سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ عملي طرح ڪو به ڌاڳو ڪونهي. نمبر ٻِي ڳالهه اها، ته ڌرتي سج جي چوڌاري پوري گولائيءَ ۾ ڪو نه ٿي ڦري، پر ان جو چڪر آني-جيان آهي.
ڪمري جي وچ ۾ ميز رکي ان جي چوڌاري، پر ان کان ممڪن حد تائين پرڀرو، هڪ گول ليڪو فرش تي چاڪ سان ليڪيو. ميز تي ميڻ بتي روشن ڪيو (هي سج آهي) ۽ بال (ڌرتي) هٿ ۾ کڻي چاڪ جي ليڪي تي هڪ چڪر هڻو. هن سڄي چڪر ۾ بال اهڙِيءَ طرح جهليو جيئن ميڻ بتيءَ (سج) جي روشني (اس) لاڳيتو بال (ڌرتي) تي پوندي رهي. جڏهن چڪر پورو ٿئي تيستائين ڌرتيءَ کي پنهنجيءَ سرائي تي لاٽون جيان، 365 ڦيرا ۽ ذرو وڌيڪ پُورا ڪرڻا آهن. يعني ڌرتي جڏهن سج جي چوڌاري هڪ چڪر پورو ڪري ٿي ان وچ ۾ پنهنجي سرائي تي 365 ۽ چوٿائي ڦيرا (365 ڏينهن ۽ ذري گهٽ ڇهه ڪلاڪ) پورا ڪري چڪندي آهي.
هاڻي ڪمري جي فرش تي چاڪ سان ليڪيل گول جي ٺيڪ ڏکڻ ۾ هڪ نشان ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ٺيڪ اوڀر ۾، ٺيڪ اتر ۾، ۽ ٺيڪ اولهه ۾ نشان ڏيو. ڏاکڻي نشان تي 21-جُونِ، اوڀرائين نشان تي 23-سيپٽمبر، اترائين نشان تي 22-ڊسمبر ۽ اولهائين نشان تي 21-مارچ لکو. سج چوڌاري چڪر ڏيندي ڌرتي جڏهن انهن نشانن تي پهچندي آهي تڏهن اسان وٽ جنتريءَ (ڪئلينڊر) موجب ذڪر ڪيل تاريخون هونديون آهن. (هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اتر، اولهه، ڏکڻ ۽ اوڀر نالي طرف رڳو ڌرتيءَ جي حوالي سان ۽ پراڻي گهٽ ڄاڻ موجب چالو نالن جي ڪري سڏيا وڃن ٿا، نه ته حقيقي اڻکٽ سنسار ۾ هر شَي ”ڏکڻ“ ۾ به آهي ته ”اتر“ ۾ به، ”اوڀر“ ۾ به آهي ته ”اولهه“ ۾ به، ”اڳيان“ به آهي ته ”پٺيان“ به، ”هيٺ“ به آهي ته ”مٿي“ به، ۽ اهو فرق به رڳو ان ڪري آهي ته ڏسندڙ ڪهڙي شَي جي ڀيٽ ۾ ۽ ڪٿي بيهي اهي لفظ ڪم آڻي رهيو آهي.)
مٿي ڄاڻايل تاريخن ۾ سج جي ڀيٽ ۾ ڌرتيءَ جي ”بيهڪ“ (پوزيشن) کي ڏسي مُندن جو ڦيرو سمجهڻ ۾ ڪا به ڏکيائي ڪا نه ٿيندي. مثال طور اسان وٽ سنڌ ۾، عام طرح اپريل جي ابتدا کان آگسٽ جي انتها تائين تاءُ (ساوڻ، اونهارو) هوندو آهي ۽ نومبر، ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري ۾ سيءُ (سِيئارو، سِيارو) هوندو آهي. هاڻي توهان فرش تي ليڪيل ليڪي مٿان هر تاريخ يا هر مهيني جو نشان وجهي ان ڏينهن يا مهيني ۾ سج جي ڀيٽ ۾ ڌرتيءَ جي هنڌ (”بيهڪ“) ڳولهي سگهو ٿا.
پر هتي اسان جي گهرج آهي ته ڌرتيءَ بابت ڪجهه وڌيڪ ڄاڻون. اچو ته ڌرتي-بال تي ٻه ليڪا ٻيا ڪڍون. بال (ڌرتيءَ) کي پنهنجي سامهون جهليو (اتر، سرو-مٿي ۽ ڏکڻ، پيرو-هيٺ). اتر کان ڏکڻ تائين بال جي مٿان هڪ خيالي اڀي ليڪ جو سوچي ان کي لڳ ڀڳ ٽن برابر حصن ۾ ورهائي، پين سان نقطي جو نشان ڏيو. توهان ڏسندا ته اڌوڙڪ کان ڪجهه مٿي ۽ ڪجهه هيٺ هڪ هڪ نقطو هوندو. هر نقطي کان گولائيءَ ۾ ليڪ وجهو جيئن اڌوڙڪ کان پوروڇوٽ رهي. اتر اڌ ۾ ظاهر ٿيل ليڪ جو نالو کيکڙو تاپَٽو ۽ ڏکڻ اڌ تي ظاهر ٿيل ليڪ جو نالو جَدي تاپٽو آهي. توهان کي اها ڳالهه ياد هوندي ته ڌرتي پنهنجيءَ سرائي تي ڪنڊائتي جُهڪيل آهي ۽ لاڳيتو ان حالت (”بيهڪ“) ۾ پنهنجي سرائيءَ تي ڦرندي ۽ سج چوڌاري چڪر هڻندي رهي ٿي.
هاڻي هڪ ڀيرو وري سج جي چوڌاري چڪر هڻندي ڌرتي تي پوندڙ اُس جو ڌيانَ سان جائزو وٺو. توهان کي چڱيءَ طرح خبر پئجي ويندي ته سج جي حوالي سان ۽ ڌرتيءَ جي مڪمل ڦيري مهل: 1. ڌرتي جڏهن 21- جُونِ واري ”بيهڪ“ ۾ آهي تڏهن سج کي ڌرتيءَ جو ويجهي ۾ ويجهو هنڌ کيکڙو تاپَٽو آهي، اتر قطب تي هر گهڙي روشني رهي ٿي، جڏهن ته ڏکڻ قطب تي روشني پهچي ئي ڪو نه ٿي. اهو اسان جو اونهارو (سانوڻ) آهي، 2. ڌرتي جڏهن 23-سيپٽمبر واري بيهڪ ۾ آهي تڏهن سج کي ڌرتيءَ جو ويجهي ۾ ويجهو هنڌ اڌوڙڪ آهي ۽ ڌرتيءَ جي مڪمل ڦيري مهل اتر قطب توڙي ڏکڻ قطب، ٻنهي تي، روشني پهچي ٿي. هيءَ سرءَ جي مند آهي، 3. ڌرتي جڏهن 22-ڊسمبر واري ”بيهڪ“ ۾ آهي تڏهن سج کي ڌرتيءَ جو ويجهي ۾ ويجهو هنڌ جدي تاپَٽو آهي ۽ ڌرتيءَ جي مڪمل ڦيري مهل ڏکڻ قطب تي هر گهڙيءَ روشني رهي ٿي جڏهن ته اتر قطب تي روشني پهچي ئي ڪو نه ٿي، ۽ 4. ڌرتي جڏهن 21-مارچ واري ”بيهڪ“ ۾ آهي تڏهن سج کي ڌرتيءَ جو ويجهي ۾ ويجهو هنڌ هڪ ڀيرو وري اڌوڙڪ آهي ۽ ڌرتيءَ جي مڪمل ڦيري مهل اتر قطب توڙي ڏکڻ قطب، ٻنهي تي، روشني پهچي ٿي. اهو بهار (بسنت) آهي. توهان اهو به سمجهي سگهو ٿا ته 21-جُون تي ڏينهن وڏي ۾ وڏو (۽ رات ننڍي ۾ ننڍي)، 23-سيپٽمبر ۽ 21-مارچ تي ڏينهن-رات هڪ جيترا ۽ 22- ڊسمبر تي ڏينهن ننڍي ۾ ننڍو ۽ رات وڏي ۾ وڏي هوندي.
توهان ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجن وڏڙن جي زباني ٻڌو هوندو ته پاڇا لڙيا آهن، ان جو مطلب ڇا آهي؟
سج ڏي ڌيان ڏيو. ساوڻ ۾ هو اوهان کي ٺيڪ اوڀر ۾، سياري ۾ اهو اوهان کي اوڀر-ڏکڻ ڪنڊ تان ”اڀرندي“ نظر ايندو، جڏهن ته بهار ۽ سرءُ ۾ اهو انهن ٻنهن هنڌن جي وچ تي هوندو. جيڪڏهن اسين اهو عمل هڪ سڄو سال اڌوڙڪ تي بيهي جاچينداسون ته وچ-اونهاري ۾ (22-جُون تي) سج اسان کي ڪجهه اتر طرف (کيکڙي تاپٽي مٿان) نظر ايندو. پاڇن لڙڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو سجُ پنهنجي جاءِ بدلائي ٿو ۽ نه وري ڌرتي پنهنجي ڦيري ۽ چڪر ۾ گهٽ وڌائي ڪري ٿي، پر ان جو سبب ڌرتيءَ جِي سج سامهون ”بيهڪ“ ۽ ڌرتيءَ جو سرائيءَ تي ڪنڊائتو ليٽيل هجڻ آهي، ۽ اسين سنڌ واسي اڌوڙڪ ۽ کيکڙي تاپَٽي کان ڪجهه مٿڀرو اتر طرف آباد آهيون. اهو ئي سبب آهي جو منجهند مهل اسان جو پاڇو ڪجهه اتر-ڀرو ٺهندو آهي ۽ ڏکڻ طرف ڪڏهن به نه، پر جيڪڏهن اسين جدي تاپَٽي کان اڃا به ڪجهه ڏکڻ طرف هجون ها ته منجهند مهل اسان جو پاڇو ڏکڻ-ڀرو هجي ها ۽ اتر طرف ڪڏهن به نه ٺهي ها.
هاڻي اها ڳالهه پڌري ٿي پئي آهي ته (ڌرتيءَ جي حوالي سان) سج چوڌاري چڪر هڻندي ڌرتي جڏهن سج جي، نمبر-1 اوڀر ۾ آهي تڏهن اسان کي گرمي لڳي ٿي، نمبر-2 ڏکڻ ۾ آهي ته اسان کي سرءُ ڀانئجي ٿي، نمبر-3 اولهه ۾ آهي ته سيءُ محسوس ڪيون ٿا، ۽ جڏهن، نمبر-4 اتر ۾ آهي ته بهار (بسنت) جي رُت جو مزو وٺون ٿا.
سَرائيءَ تي ڦيري ۽ سج جي چوڌاري چڪر سان گڏ ڌرتيءَ جي اڃا ٽِين چرپر به آهي جنهن کي ڌرتيءَ جو ڊوڙڻ سڏينداسون. ڌرتيءَ جي ڊوڙ سمجهڻ لاءِ اسان کي وري به ٻه چار ڳالهيون ڄاڻڻيون پونديون ـــــــــ سجُ، گَسُ (گِيهو)، کيرپَٽو (ڪهڪشان، گئليڪسي)، نُورِي سال ۽ ڪجهه سنسار (ڪائنات، يُونِيوَرس).
13-لک ڌرتيون گڏبيون ته اسان جي سج جيڏو گولو ٺهندو پر سج ۾ اسان جي ڌرتيءَ جيان نهراڻ ۽ پاڻياٺ ڪانهي، سج رڳو گئسن جو مجموعو آهي. سج چوڌاري ننڍا وڏا نَــــوَ گرهه چَڪر هڻن ٿا. ڌرتيءَ جيان سج به پنهنجيءَ سَرائيءَ تي (جيڪا ڌرتيءَ جي سَرائيءَ جيان خيالي آهي) ڦرندو رهي ٿو ته پنهنجي کير-پَٽي جي وِچَ-چوڌاري چڪر به هڻي ٿو.
سنسار اڻکٽ آهي. ڄاتل سنسار ۾ کربين کير-پٽا (تارن جا جهڳٽا) آهن. هر کير-پٽي جو قدبت ۽ ”بيهڪ“ پنهنجي قسم جي آهي. هر کير-پٽي ۾ کربين تارا آهن. اسان جو سج به هڪ تارو آهي جيڪو اسان جي کير-پٽي ۾ موجود آهي.
اسان جي کير-پٽي جي شڪل ڪيئن آهي؟ اچو ته سمجهون.
ڦٽاڪا ته شايد اسان سڀني ٻاريا/ٻرندي ڏٺا هوندا. انهن ۾ ٻارن کي وڌيڪ وڻندڙ ڦٽاڪي جو نالو آهي چڻگائي-تيلي ۽ ٻي جو نالو وِڇون (ڀَٽون). کائڻ وارين مِٺايُن ۾ وري ڪيترن ئي ماڻهن کي جِليبِي ڏاڍي وڻندي آهي. اسان جي کير-پٽي جي شڪل جليبي-جيان آهي، جليبي ۾ مٺاڻ جا ذرا آهن پر کير-پٽي ۾ تارا آهن، ڪي سج کان ننڍا ته ڪي ان کان به وڏا. وڇون (ڀٽون) کڻي ان جي وچ ۾ تيلي (سرائي) ڏئي، کيس باهه ڏيو، توهان ڏسندا ته هزارين چڻنگون ڇڏيندو، ٻرندو ۽ سرائي جي چوڌاري ڦرندو ويندو. اسان جو کير-پٽو ايئن آهي پر منجهس چڻگن بدران تارا آهن. چڻگائي-تيلي ٻاري ان جي سِيخ (تارَ، ڏانڊِيءَ، سرائيءَ) کي ٻن آڱرين ۾ جهلي اهڙيءَ طرح مَهٽو ڏيو جيئن اها ڦِري. ان جون چڻگون به ڦيري مهل جليبيءَ جهڙي شڪل ٺاهينديون. پر اسان جو کير-پٽو هوبهو چڻگن واري جليبيءَ جيان ناهي.
ڌرتيءَ جيان سج جا ٻيا گرهه به پنهنجي سرائي تي چوڌاري ڦرندي رهندي سج چوڌاري چڪر هڻندا رهن ٿا. سڄو سج-منڊل وري کير-پٽي جي وچ (مرڪز، سَرائيءَ) چوڌاري چڪر هڻندو رهي ٿو. ڌرتيءَ کي سج جي چوڌاري چڪر هڻڻ ۾ هڪ ورهه لڳي ٿو، ته سج کي پنهنجي کير-پٽي جي مرڪز جي چوڌاري چڪر پورو ڪرڻ ۾ 2200-لک سال لڳي وڃن ٿا.
سڄي کير-پٽي ۾ کوڙ ننڍا ننڍا پَٽا آهن جن مان هر هڪ ۾ لکين تارا آهن. انهن ننڍن پَٽن کي گس سڏينداسون. جنهن گس ۾ اسان جو سج-سرشتو آهي اهو اونهاري جي رات جو ”اڀ“ ۾ سولائيءَ سان ڏسي سگهون ٿا.
اسين جيڪڏهن کير-پٽي کي ايڏو پري کان ڏسون جو اهو گراٺ جيترو مس نظر اچي ته 1. ”مٿان“ يا ”هيٺان“ کان ڏسڻ مهل اهو جرڪيدار جليبي-جهڙي ٿالهيءَ ۽ 2. پاسي کان ڏسڻ مهل چُهنبدار ڏِيٽي (ڏِڪِيءَ) يا وچ ۾ ٿلهي پاسيرو جهليل جليبي جيان نظر ايندو. هڪ پاسي کان ٻي پاسي تائين اسان جي کير-پٽي جي ڊيگهه هڪ لک نُوري سال آهي.
ڇا توهان کي نُورِي سال جي سڌ آهي؟
اڻڄاتل سنسار ڪيئن ۽ ڪيڏو آهي، ان جي خبر ڪنهن کي به ناهي، پر ڄاتل سنسار به ايڏو وڏو آهي جو ان کي لک، ڪروڙ، ارب، کرب يا پدم ميل جهڙن انگن ۽ ماپن جي مدد سان ماپي نه سگهنداسون. وڏا مفاصلا ماپڻ لاءِ اسان کي ڏاڍي ڊگهي ڪاڇي (ڪڇيندڙ) جي گهرج آهي... ۽ اهو آهي نوري سال.
اسان جي عام پرک موجب بلب روشن ٿيندي ئي روشني جتي ڪٿي پهچيو وڃي، پر حقيقت ۾ روشنيءَ جي به هڪ رفتار آهي. روشنيءَ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 1 لک 86 هزار، 2 سو 88 ميل (لڳ ڀڳ 3 لک ڪلوميٽر) آهي. اها روشني هڪ منٽ ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي... ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي... ۽ هڪ ڏينهن رات ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي... ۽ هڪ سال ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي، ان کي چئبو هڪ نوري سال پنڌ. اها روشني، ان رفتار سان هڪ لک سالن ۾ جيترو پنڌ ڪندي اها آهي اسان جي کير-پٽي جي ڊيگهه.
اسان جو سج-سرشتو اسان جي کير-پٽي جي وچ (سرائي) کان 30- لک نوري سالن جي مفاصلي تي آهي ۽ ان جي چوڌاري 170-ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊوڙي (چڪر هڻي) رهيو آهي، تڏهن وڃي 2200- لک سالن ۾ هڪ چڪر پورو ڪري ٿو.
هاڻي توهان سولائيءَ سان سمجهي سگهو ٿا ته سج چوڌاري اسان جي ڌرتيءَ جو چڪر جنهن به هنڌ تان شروع سمجهيو ويندو، چڪر پورو ڪرڻ مهل ڌرتي ٺيڪ ان هنڌ تي نه پهچندي ڇو ته ان وچ ۾ سج پنهنجي سرشتي (گرهن يا انهن جي اپگرهن، پُڇڙ تارن ۽ اماڙن/ڪِرندڙ تارن) سميت کير-پٽي جي مرڪز چوڌاري چڪر هڻندي ڪروڙين ميل اڳتي وڌي چڪو هوندو. اها آهي ڌرتيءَ جي ڊوڙ.
هاڻي اسين ڌرتيءَ جِي ٽن قسمن جي چرپر ڄاڻي چڪا آهيون؛
1. سَرائيءَ تي لاٽُونءَ جيان ڦيرو (1 هزار ۽ لڳ ڀڳ 41 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان).
2. سج چوڌاري چڪر (76000 ميل في ڪلاڪ رفتار سان).
3. سج سان گڏ کير-پٽي جي مرڪز جي چوڌاري ڊوڙ (170 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان).
ڌرتيءَ سان گڏ ڌرتيءَ جي هر شَي، ماڻهو به ان رفتار سان ڦيري، چڪر ۽ ڊوڙ ۾ شامل آهي. چوَن ٿا ته اسان جو کير-پٽو اڃا به ڪنهن مَها کير-پٽي جو حصو آهي ۽ ان جي مرڪز چوڌاري چڪر هڻي ٿو (تفصيل ڄاڻڻ کان پوءِ اها چوٿين قسم جي چرپر هوندي). ان سان گڏ هر ماڻهو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي گهمڻ ڦرڻ، سير سپاٽو ڪرڻ، ٺينگ ٽپا ڏيڻ، پاڻيءَ ۾ تَرڻ ۽ هوا ۾ اڏامڻ جهڙيون چرپرون به ڪندو رهي ٿو. اڃا به، جي ماڻهوءَ جي من ۾ خيالن (سوچن) جي ”چرپر“ ۽ تَن اندر ماهه-گهرڙن، تنت-گهرڙن، هڏ-گهرڙن، رت-گهرڙن وغيره جي چرپر، ٻي هر جيئري توڙي اجيو وجود سميت ڌرتيءَ ۽ ٻي هر فلڪي جسم جي ايٽمن (اڻن)، ماليڪيولن (پراڻن) ۽ مرڪبن جي چرپر تي سوچيون، ته پوءِ اسان کي چڱيءَ طرح سڌ پئجي ويندي ته سڄو سنسار ڪيترين ئي قسمن جي چرپر جو ڳٽڪو آهي ۽ ڪو به ذرو/وجود آرام جي حالت ۾ ناهي. چرپر دائمي آهي ۽ آرام نسبتي (يعني ڪنهن ٻي شَي جي ڀيٽ ۾، جيئن، ڌرتيءَ تي سُمهي اسين ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ آرام ۾ آهيون، ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪندي اسين ريل گاڏيءَ جي ڀيٽ ۾ آرام ۾ آهيون ۽ هوائي جهاز ۾ اڏامندي اسين هوائي جهاز جي ڀيٽ ۾ آرام ۾ آهيون، وغيره ).
 ڌرتيءَ جو وايومنڊل
ڌرتيءَ جا مکيه عضوا/لِڱ ٽن قسمن جا آهن ــــــــــ نهرا، پَٽڙا ۽ گئسي. گئسن جي ان ميڙ کي هوا سڏجي ٿو جيڪو ڌرتيءَ جي هرڌاري لباس جيان اوڍيل آهي. اسين ڌرتيءَ جي نهري حصي تي، پاڻياٺي جي پاسي ۾ ۽ هوا منجھه رهون ٿا. هوا/فضا جيئن ته ڌرگولي جي هر پاسي موجود آهي ۽ گولائين ڏِک ڏئي ٿي، ان ڪري ان کي وايو (هوا جو) منڊل به سڏجي ٿو.
مڇيون لاڳيتو پاڻيءَ هيٺ رهن ٿيون، پر ٽوٻر ماڻهو جيڪڏهن ٽٻي هڻي ڪجھه اونهو/هيٺ ويندو ته کيس پاڻيءَ جو ايڏو ته بار محسوس ٿيندو جو ساهه مُنجھائي رکڻ ان لاءِ مصيبت بنجي پوندو. اونهائي جيتري وڌيڪ اوڏو گھڻو داٻ، پر مڇي (اونهائيءَ جي هڪ حد تائين) مزي سان ترندي/کائيندي رهي ٿي.
هڪ پَنو کڻي ٻنهي آڱوٺن جي وچ ۾ جھلي ان تي زور لڳايو. پنو نه ڦاٽندو. هڪ ڦوڪڻي جي اندر ۽ ٻاهر هوا جو داٻ هڪ جيترو آهي ان ڪري نه ٿو ڦاٽي. سڀني جاندارن منجھه به هوا موجود ٿئي ٿي جنهنڪري داٻ اندر ٻاهر هڪ جيترو ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ/جاندار کي محسوس ئي نه ٿو ٿئي.
ڌرتيءَ جي هر پاسي ويڙهيل هن غلاف/لباس جي ٿولهه لڳ ڀڳ هڪ هزار ميل ڪَٿِي وئي آهي.
اسين جيڪڏهن ڪپهه جو ايڏو، هڪ هزار ميل اُوچو ۽ ٿُلهو سَٿو ٺاهيون ته ڪپهه جو هيٺيون تهه وڌيڪ گھاٽو، ان کان مٿيون ڪجھه گھٽ گھاٽو ۽ جيئن مٿي تيئن ڇِڊو هوندو. ڌرتيءَ جي هوا به ايئن آهي، ان جا هيٺيان تهه وڌيڪ ڳَورا ۽ گھاٽا ۽ جيئن مٿي تيئن هلڪا ۽ ڇڊا آهن.
ڌرتيءَ جي مٿاڇري سان لڳندڙ، هوا جو هيٺيون، وزنائتو ۽ گھاٽي ۾ گھاٽو تهه ”تائمنڊل“ سڏجي ٿو.
تائمنڊل جي ٿولهه ڌرتيءَ جي هر هنڌ تي هڪ ڪَري ناهي، ڪٿي گھٽ ته ڪِٿي وڌ آهي. مثال طور، سمنڊ جي سطح ويجھو قطبي علائقن ۾ تائمنڊل جي ٿولهه/اوچائي 6 يا 7 ميل مس ٿيندي، جڏهن ته اڌوڙڪ ڀرسان اها 10 ميل کن ۽ گ.ا.ر (گڏيل اميريڪي رياستن)، ڪئناڊا، يورپ يا ايشيا کنڊ جي اترين علائقن ۾ ان جي ٿولهه ستن کان اٺ ميل آهي. ان ڪري چئبو ته تائمنڊل 6-10 ميل ٿلهو آهي. هوا ۾ موجود ڪُل ماليڪيولي ۽ گئسي مايي (mass) جو 75-سيڪڙو ۽ لڳ ڀڳ سڀ ٻاڦ، دونهون، بُوءِ، دَز، وڻن ٽِڻن جو ٻُور وغيره هن ئي تهه ۾ موجود آهن. هن تهه ۾ نائٽروجن گئس جو مقدار، گھربل ۽ مناسب آهي، جڏهن ته آڪسيجن گئس جو مقدار 25.94 سيڪڙو آهي جيڪو سڀني ”ساهوارن“ لاءِ ڏاڍو مناسب آهي. گھڻي کان گھڻا ڪڪر ۽ گِهم به هن ئي تهه ۾ موجود آهن جن جي ڪري موسمي تبديليون ٿين ٿيون.
جاچ ۽ پرک ڪندي اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هن تهه (تائمنڊل) جو مٿيون پرت (جنهن جي ٿولهه ڏيڍ ميل مَس ٿيندي) جھڙوڪر سڄي تهه مٿان ڍڪڻ جو ڪم ڪري ٿو، ڇو ته ان ۾ ماٺار وڌيڪ آهي. ان پرت کي ”تائڍاڪ“ سڏجي ٿو. تائڍاڪ تائمنڊل ۽ ان کان مٿين تهه سنگمنڊل جي وچ ۾ ڄڻڪ هوا جو پردو آهي.
تائمنڊل جي ڍڪ (تائڍاڪ) جي مٿان هوا جو ٻيو تهه سنگمنڊل سڏجي ٿو جنهن جي اوچائي/ٿولهه 30 ميل سمجھي وڃي ٿي. هن منڊل ۾ هوا جي هيٺ-مٿي چرپر/وهڪ ايڏي تيز ناهي جيڏي تائمنڊل ۾، ان ڪري هوا منجھه اڏام لاءِ بهتر ۽ محفوظ سمجھيو وڃي ٿو. 15 ميل اوچائي تائين سموري هوا جي ڪل اوزون گئس جو سڀ کان گھڻو مقدار ملي ٿو. هن تهه جو مٿيون پرت پڻ هڪ ڍڪڻ جو ڪم ڪري ٿو، جنهن کي ”سنگڍاڪ“ سڏجي ٿو. سنگڍاڪ ۾ سج کان ايندڙ تُز-واڱڻائي (ultraviolet) ڪرڻا جَهٽجي جذب ٿين ٿا. سنگمنڊل ڏاڍو ٿڌو آهي، منجھس تائُماپ ٻڙي کان ڪاٽُو اَسِي (-80) پد تائين گھٽ وڌ ٿئي ٿي. ان سان گڏ هي تهه هڪ ايئرڪنڊيشنر جو ڪم پڻ ڪري ٿو. سِياري ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي هوا ڏاڍي ٿڌي ٿي وڃي ٿي تڏهن هن منڊل ۾ تائپد وڌڻ لڳي ٿو ۽ ”-80“ کان مٿي چڙهي ٻن ڏينهنِ ۾ ”-40“ تائين پهچي سگھي ٿو.
هوا جو ٽيون ۽ مٿيون تهه اڃا سُوڌو عالمي طرح صحيح درجيبند نه ڪيو ويو آهي. ڪي سڄاڻڪ ان کي هڪ تهه سمجھن ٿا، ته ڪي وري ان جا ٽي تهه ڳڻن ٿا. اهي تفصيل ٻڌائن ٿا ته:
1.    وچيرمنڊل“ سنگڍاڪ کان مٿي 14-50 ميل ٿلهو آهي. هيءُ ڏاڍو ٿڌو آهي ۽ هن ۾ تائماپ ”-90“ (ڪاٽُو نوي) پد تائين گھٽجي سگھي ٿو. هن تهه ۾ هوا جو داٻ به ڏاڍو گھٽ آهي. هن تهه کي پڻ پنهنجو ڍڪڻ آهي جنهن کي وچيرڍاڪ سڏجي ٿو.
2.    ڄَرمنڊل“ (يا ايٽمي روپ منڊل) پوڻا ٻه سَو ميل کن ٿلهو آهي جنهن ۾ هوا جي گھاٽائي ۽ داٻ مورڳو گھٽجيو وڃي جنهنڪري هوا ڏاڍي ڇڊي آهي. ان جي هيٺين حصي ۾ ماليڪيولي نائٽروجن، ماليڪيولي آڪسيجن ۽ ايٽمي آڪسيجن موجود آهن ۽ جيترو اُوچو وڃبو ماليڪيولي آڪسيجن جو مقدار اوترو ئي وڌندو ويندو. هن تهه ۾ 70 ميل کن اوچائيءَ تي سج جا ايڪس-ڪرڻا ۽ تز-واڱڻائي ترورائپ (الٽراوايوليٽ ريڊِيئيشن) آڪسيجن جي ايٽمن جا اڻوڪَ (آيَنس Ions) ٺاهي يا انهن کي وِڄار وهڪ (اليڪٽريڪل چارج) ڏئي ٿي. وڄار وهڪ سبب ئي آڪسيجن جو ايٽم ۽ نائٽروجن جو ماليڪيول اڻوڪُ (Ion) ٿي پوي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۾ به، اتر پاسي، روشنيءَ جون ڊگھيون ڊگھيون لاٽون اڀرندي نظر اينديون آهن جن کي وِڄسار (آرورا Aurora) سڏيو وڃي ٿو. روشنيءَ جون اهي ڊگھيون لاٽون اڻوڪ ذرڙن جي ڪري ڄرمنڊل ۾ پيدا ٿين ٿيون ۽ ڪڏهن ته 65 ميل اوچيون/ڊگھيون به هونديون آهن.
3.    ٻَهرمنڊل، پَرمنڊل يا ماقيمنڊل: هن تهه کي 300 کان 500 ميل ٿلهو سمجھيو وڃي ٿو. هن تهه ۾ هوا ايڏي ته ڇڊي ٿي وڃي ٿي جو هن تهه جي پراهين سطح جي نشاندهي ڪرڻ ممڪن ناهي. چيو وڃي ٿو ته هوا ڏاڍي ڇڊي ۽ اڻوڪي (Ionic) ٿي وڃي ٿي تان جو وڃي سج جي اڻوڪي سرحد سان ملي وڃي. هن تهه جي پيڙهه آڪسيجن، هئڊروجن ۽ هِيليَم گئسن جي ايٽمن سان ڀريل آهي، جن جو هڪ سيڪڙو اڻوڪن جي صورت ۾ ٿئي ٿو. هن تهه جي پيڙهه کان سَوا سَو ميل مٿي اهي اڻوڪَ چقمق جو ڪم ڪن ٿا جنهنڪري ان ۾ اليڪٽران ۽ پروٽان وڌيڪ آهن. هن تهه ۾ ٻه ڍڪڻ موجود سمجھيا وڃن ٿا جن مان هڪُ 2-هزار ميل اوچائي تي ۽ ٻيو 4-هزار ميل اوچائي تي سمجھيو وڃي ٿو.
اهڙيءَ طرح هڪ هزار ميل ٿلهو سمجھيو ويندڙ وايومنڊل جوڙيندڙ گئسون ڌرتيءَ جي مٿاڇري وٽ گھاٽيون، ڳُوڙهيون ۽ جيئن مٿي تيئن ڇڊيون ٿي ايٽمي، ماليڪيولي ۽ اڻوڪيون ۽ ان کان پوءِ پروٽانِي ۽ اليڪٽرانِي صورت ۾ 50-هزار ميلن جي اوچائي تائين پهچي وڃن ٿيون.
وايومنڊل جو هيءَ اڀياس هوائي جهازن، اڏام-ڦوڪڻن، راڪيٽن ۽ هٿراڌو گرهن جي مدد سان ڪيو وڃي ٿو.
هونئن ته ڌرتيءَ (۽ سج ۽ سنسار) جو هر ذرو ڌرتيءَ تي جيوَت (Life) جي جنم جو ڪارڻ آهي، پر پاڻي ۽ خاص ڪري هوا کان سواءِ جيوت ممڪن نه هو. وايومنڊل ۾ به، جيڪڏهن، هيٺ گھاٽا ۽ مٿي ڇڊا تهه (ڪجھه هڪجھڙا ۽ ڪجھه بدليل، ڪجھه وڌيڪ چرپر رکندڙ ۽ ڪجھه نسبتن ماٺاريل/سانتيڪا) نه هجن ها ته به جيئڻ جنجال يا محال ٿي پوي ها. وايومنڊل ڪيترن ئي اهم ڪمن سان گڏ اسان کي سج جي تيز ڪِرڻن ۽ تاءَ کان بچائي ٿو، خاص ڪري تُز واڱڻائي ڪرڻن ۽ ترورن کان (جيڪي جيوت لاءِ موتمار آهن). ان سان گڏ سج-سرشتي اندر ”ڀٽڪندڙ“ اماڙين (ميٽيئورس) ۽ اماڙَن (ميٽيئورائيٽس) جي گولِي جھڙي ڌَڪ کان ڌرتيءَ جي رهاڪن کي بچائڻ به وايومنڊل جو ئي ڪارنامو آهي. اماڙيون ۽ اماڙا مٽر جي داڻي جيتري قد کان سوين مڻ وزني پٿراوان ۽ لوهي گولا آهن ۽ انهن جي ڪِرڻ جِي رفتار 43-هزار کان ويندي 2-لک ميل فِي ڪلاڪ جيتري تيز آهي. وايومنڊل ۾ ايندي ئي هوا جي ذرڙن سان انهن جي گاٺ ڄَرڪو، ڀَڙڪو ۽ لاٽ پيدا ڪري ڪروڙن اماڙن کي ته ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي پهچڻ کان اڳ ئي ڳاريو ڇڏي. ڪجھه وڏا اماڙا گاٺ باوجود ٺوس شڪل ۾ ٺوٺ ڌرتيءَ تي ڪِرن ٿا. انهن کي ميوزمن ۾ رکيو ويو آهي.
تهن وارو وايومنڊل اهڙو لباس آهي جيڪو سياري ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري کي سَڄر ۽ ساوَڻ ۾ ٿڌڪرو رکي ايئرڪنڊيشنر جو ڪم ڪري ٿو.
 ڪجھه وصفون/سمجھاڻيون
·      سَرائي = اها خيالي، عمودي، ڏکڻ قطب کان اتر قطب تائين ڀووچ کان لنگھندڙ ليڪ، جيڪا اوڀ ۾ مرڪزي اڀي ليڪ (عمود) جو تصور ڏي ٿي.
·      اتر قطب = ڌرتيءَ جو اهو ڇيڙو (چوٽُ)، ٺيڪ جنهن جي مٿان قطب تارو چمڪي ٿو.
·      ڏکڻ قطب = ڌرتيءَ جو اهو ڇيڙو (چوٽ)، جيڪو اتر قطب جي ٺيڪ ابتي پاسي آهي.
·      ڏيهاڏيهي ڏينهنمٽ ليڪ = ڌرتيءَ تي مقرر ڪيل اها خيالي ليڪ جنهن تي اُس جي مٽجڻ سان نئين تاريخ مٽجي ٿي.
·      قطر = اها سڌي ليڪ (۽ مفاصلو)، جيڪا ڪنهن گول جي هڪ ٽبڪي کان هلِي، گول جي مرڪز تان ٿيندي سامهون وڃي گول جي ٻي ٽٻڪي تي پهچي.
·      گھيرو = اها گول ڦري ايندڙ ليڪ، جيڪا گول جي ڪنهن هڪ ٽبڪي کان هلي، گولائيءَ مٿان ڦري وري اچي ساڳي ٽبڪي تي پهچي.
·      ڌرتيءَ جو اُڀو قطر = اها سڌي ليڪ (۽ مفاصلو)، جيڪا ڌرتيءَ جي ڏکڻ قطب کان هلي، ڀووچ کان ٿيندي، اتر قطب وٽ پهچي.
·      ڌرتيءَ جو ويڪرو قطر = اها سڌي ليڪ (۽ مفاصلو)، جيڪا ڌرتيءَ جي اڌڙوڪ وٽان ڪنهن هڪ ٽبڪي کان سِيڌَ ۾ هلي ۽ ڀووچ کان ٿيندي، سامهون اڌڙوڪ جي ٻي ٽبڪي کي پهچي.
·      اُڀاڪ (ڊگھاڪ) = اها خيالي اڀي ليڪ، جيڪا ڌرتيءَ جي اتر قطب کان هلي ۽ ڌرتيءَ جي اڌوڙڪ مٿان ڦري اچي ڏکڻ قطب وٽ پهچي، ۽ ڌرتيءَ کي خيالي نموني اُڀيُن يا ڊگھائي ڦاڪن ۾ ورهائي.
·      ليٽاڪ = اها خيالي ليٽيل ليڪ، جيڪا ڌرتيءَ جي اڌوڙڪ سان پُور وڇوٽ رهندي ڌرگولي تي ڦري اچي، ۽ ڌرتيءَ کي ويڪرائي ڦاڪن ۾ ورهائي.
·      ڊگھائي ڦاڪ = ٻن اڀاڪن جي وچ ۾ اها (خيالي) ڦاڪ، جيڪا اتر قطب کان هلي ڏکڻ قطب تائين پهچي. (لانگيٽيوڊ Longitude، طول البلد.)
·      ويڪرائي ڦاڪ = ٻن ليٽاڪن جي وچ ۾ اها (خيالي) ڦاڪ، جيڪا اڌڙوڪ سان پو وچوٽ هجي ۽ ڌرتيءَ جي گولائيءَ مٿان ڦري اچي. (ليٽيٽيوڊ Latitude، عريض البلد.)
·      اڌوڙڪ = اها خيالي ليڪ، جيڪا ڌرتيءَ کي اتر ۽ ڏکڻ قطبن جي ٺيڪ وچ تي، ڍڍ مٿان، ”ويڪر“ ۾ ٺيڪ ٻه اڌ ڪري. (Equator، خط استوا.)
·      اڌولو = اڌ + گولو (Hemisphere)
·      ڀوٿار = ڌرتيءَ جي ٿولهه.
·      پِد = ڏاڪو. درجو. ڊگرِي (Degree). پد جو نشان: انگ مٿان ساڄي پاسي (˚....)
·      مِنٽ = ڪنهن به درجي جو حصو. ڪنڊ جي ماپ لاءِ هڪ پد ۾ 60 منٽ. منٽ جو نشان انگ مٿان ساٻي پاسي (´....)
·      تاپَٽو = تاءُ+پٽو = گرم پٽو = ڪوسو ڪمربند. ٽِراپڪ (Tropic)
·      تاپٽائي = تاءَ-پٽي جو/وارو. ٽراپيڪل (Tropical)
·      اَپ-تاپٽو = (اَپ = ويجھو/جھڙو) = تاپٽي ويجھو. سب-ٽراپڪ (Sub-tropic)
·      کيکڙو = ڪينسر (Cancer، سرطان). تارن جي هڪ راس (برج) جو نالو.
·      کيکڙائي تاپَٽو = اتر اڌولي تي اڌوڙڪ کان ´27-˚23 مٿي. کيکڙي سامهون رهندڙ تاپَٽو.
·      جدي = ڪَئپرِيڪارن (Capricorn، مڪر). تارن جي هڪ راس جو نالو.
·      جَدي تاپَٽو = ڏکڻ اڌولي تي اڌوڙڪ کان ´27-˚23 هيٺ، جَدي سامهون رهندڙ تاپٽو.
(پورو ٿيو.)

1 comment: