ڪهاڻي
نيڪي
ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو
ريل ڪار جو ڊگھو دٻو ماڻهن سان ڳتيل آهي. سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيشن تان
چڙهندڙن جو زور اڃا وڌ، پيهان پيهه، رڙيون ۽ ڪيڪون، ڌڪا ۽ گاريون، وٺ وٺان، ڊڪ
ڊڪان، ٻن ماڻهن جي سيٽ تي پنج ڄڻا ڳتيا ويٺا آهن، ته وري ڊگھي گھٽيءَ ۾ هشام ماڻهن
جو اڀي ڪنڊي بيٺو آهي. هر هڪ پنهنجي ڊيگھ، ٿولهه، طاقت آهر زور لڳائي، ڪر کڻي،
هيڏي هوڏي پيو نهاري، ته من ڪٿي ڪا سيٽ ملي پوي، پر سيٽن سان گڏو گڏ سامان جون
ڄاريون به ڀريل ڏسي نااميديءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهي ٿو. آگسٽ جو قهري مهينو،
رات جا يارنهن، ماڻهن جي بدن جي گرمي، پگھر جي ڌپ، ساهه جي اٻس، پريشاني، مونجھ...
ماڻهوءَ ماڻهوءَ مهانڊو حيران ۽ گھٻرايل. ڪنهن واپاريءَ جي ٽيڏي اک سامان جي
ڳٺڙيءَ ۾، ته ڪنهن امير زادي جي بيگ ۾، ڪنهن جي پير تي لٺ لڳي وڃڻ تي رڙ نڪري وڃي،
ته بيهڻ لاءِ ٻين کي پيو ڌڪا ڏئي. اهڙي وٺ وٺان ۾ ٽن سيٽن وارين ٻن بينچن تي... هڪ
تي هڪ ستر سالن کن جو ڪنجھندڙ، ڪرڪندڙ پوڙهو پاسيرو ليٽيل آهي، ته ٻئي تي وري
پنجونجاهه، سٺ سالن جي ڏٻري گھنجيل ٻوٿي پوڙهي ستل آهي. گرميءَ کان ڄڻڪ سندس ساهه
ٿي نڪتي ويو. هر هڪ حيران پريشان ماڻهو اچي چوي ٿو ته ماڻهو بيٺا آهن ۽ توهان وري
ستا پيا آهيو... اٿي ويهو... هي به ڪو انصاف آهي... پوڙهي مائي ڪنجھندي سهڪندي کين
جواب پئي ڏي، ”...ابا مان لاچار آهيان... ساهه ٿو نڪري، ٽن ڏينهن جا ٿڪل آهيون...
ٻه ڏينهن ٽِي بِي جي اسپتال جي در تي پيا هئاسون... علاج ڪو نه ٿيو... بس ابا...
ڏوڪڙ ڪو نه هئا... هاڻي سڃا ٿي مري پيا آهيون... ابا.... ڏاڍي بيماري ويڙهي وئي
آهي. ڇا ڪيون...“ ماڻهو، ڪي رحم ڀريو... ڪي ڪاوڙيل... ڪي نفرت ڀريو... ڪي همدرد،
منهن ڪيو... پاسو ڪري ٿا بيهن.
اوچتو هڪ نوجوان، منهن اگھاڙِي، ڳوٺاڻي عورت جي ڪڇ تان هڪڙي ننڍڙي ٻالڪ ڪيهه
ڪئي... رڙ ڪري ماءُ جي ڇاتيءَ کي چنبڙي پيو. عورت جي منهن تي مرڪ آهي... پيار
آهي... هن ٻار کي وڌيڪ سوگھو ڪري ڇڏيو. مرڪندي ڀرسان بيٺل، ٺاهوڪڙي نوجوان شهپرِي
کي ڏٺائين، پوءِ اڳتي وڌي، هلڪڙو جُھڪي، سيٽ تي ستل پوڙهي عورت کي چيائين، ”امڙ!
ٻارڙو اٿم، گھڻي سوڙهه آهي. ٿورڙي جاءِ ڏيندينءَ بس کير پياري اٿي بيهندس، بس اجھو
ڪي اجھو...“ هن مرڪندي چپٽي وڄائي ڄڻڪ پوڙهيءَ کي احساس ڏياريو ته جھٽ پلڪ ۾ اٿي
ويندي. پوڙهي عورت جي پريشان اکين ۾ گھڙي پلڪ لاءِ سوچ جا پاڇا لهي آيا. شايد
پنهنجي ڪنهن ٻالڪڙي کي کير جِي گُھر ڪندي ياد ڪيائين... ڪنجھندي... پير سيري، گوڏا
اڀا ڪيائين. ڳوٺاڻي عورت سَٽ ڏئي جھٽڪو کائي، ويهي رهي ايترو زور سان، جو سندس
ڀريل بدن پوڙهي بيمار ٽنگن سان ٽڪر کاڌو... ويچاريءَ کان رڙ نڪري وئي... ”اَئي
امان، خيال ته ڪر...“
”امڙ ڏاڍي ڪمزور آهين.“ عورت جي ڦهڪي ويهڻ جي ڪري پوڙهي جا پير اڃا ڪجھ وڌيڪ
سري ويا ۽ ويڪري جاءِ ٿي پئي. عورت کلندي مڙس کي اشارو ڪيو. سندس نوجوان مڙس کلندي
ڪَنو اٽڪائي ويهي رهيو. پوڙهي مائيءَ تڪليف ۽ پريشانيءَ کان ڪنجھندي احتجاج ڪندي
چيو، ”امڙ، ايترو ته سوڙهي نه پئه، مون ٻار کي کير پيارڻ لاءِ ويهاريو ... ڪِ نه...“
”چڱو. چڱو، چپ ڪر.“ عورت کلندي، ڪاوڙجندي، پوڙهيءَ کي گھوريندي چيو، ”هيترا
ماڻهو بيٺا هجن، هيءَ پوڙهي هلي آ وري ننڊ ڪرڻ... ڪاٿي لهندينءَ... چپ ڪري ويهه.“
مرڪندي ٿورو پاسيرو ٿي، مڙس کي ڪشادي جڳهه ڪري ڏنائين، مڙسهنس ويڪرو ٿي ويٺو.
پوڙهي اڃا وڌيڪ سوڙهي ۽ چِٻي ٿي وئي. بيٺل ماڻهن مان ڪجھ ماڻهن جي منهن تي احتجاج
جون ريکائون اڀريون، ته ڪجھ ماڻهن جي نراڙ تي ساڙ ڀريون ليڪون... ڪاش هو ائين ويهي
رهن ها... ڌوڪو ئي سهي، ويهڻ جي جاءِ ته ملي ها. ڪجھ آهستي ڀڻڪيا: ”ڏاڍي بيحيائي
آهي... هن ويچاري رحم ڪري جڳهه ڏنس، ته ٻار کي کير پياري... هن وري ڏنڊي مئيءَ مڙس
کي به ويهاريو... پوڙهيءَ تي به رعب، ڇا زمانو آ نيڪي جي بدلي بدي!“
”امڙ هاڻي ته سوڙهي نه پئه... چڱو بدلو ٿي ڏئين... امان بيمار آهيان. ماءُ
جيڏي آهيانءِ.... ڪجھ خيال ته ڪر.“ پوڙهي مائي ويچاري ڪنجھي پاسو ورائيندي چيو.
”چڱو چڱو، لتون نه هڻ... سڌي ٿي سمهه... سڄي جڳهه ولاريون پئي آهين... گھڻو
سمهينءَ.“
پاسو ورائيندي پوڙهيءَ جي کيسي مان روڪڙ پيسا ٺڙڪ ٺڙڪ ڪندي وڃي فرش تي ڪريا.
هن ٿورو ڪنڌ موڙي هيٺ نهاريو... نوجوان عورت به هيٺ ڏٺو... ڪجھ بيٺلن به هيٺ نظر
ڪئي... ٻانهن ڊگھي ڪري هن آڌي کنئي... وري ٻانهن هيٺ ڪري پائلي طرف هٿ وڌايائين پر
اها ڪجھ پَرڀرو پئي هئي. پوڙهي ٿورو سرڪي ته عورت اها جڳهه قبضو ڪري ورتي. هن
پائلي کڻي کيسي ۾ وڌي. کيس احساس ٿيو ته اڃا سوڙهي ٿي وئي آهي. پريشاني، ڏک ۽
پڇتاءُ اکين ۾ ڀرجي آيس. چپ ڪري گھڙي جھٽ اکيون بند ڪري، وري هيٺ ڏٺائين... نظرن ۾
ڳولا هيس، پر فرش صاف هو. عورت کيس ڄڻڪ دڙڪو ڏيندي چيو، ”مائي لتون ته پاسي ڪر...
ڪُکيون ئي ڪڍي ڇڏيئي... ڪانهي ڪا ملڪيت تنهنجي هيٺ ڪري.“
ريل ڪار پنهنجي ڌُن ۾ ڊوڙندي، بيهندي، ماڳ طرف ڪهندي ٿي وئي... لهڻ وارو ڪو نه
هو، چڙهڻ وارا گھڻا. ڪٿي بيٺي ٿي ته گرمي ۽ اٻس وڌي ٿي ويو... رڙيون، ڪيهون ۽
دانهون به وڌي ٿي ويون، ته ڌڪا ۽ گاريون به. وري هلي ٿي ته ڪجھ ماڻهن صبر ٿي ڪيو...
ويٺلن، بيٺلن هر هڪ کي پنهنجا پنهنجا مسئلا هئا. ڪنهن ڪنهن کي ٿي ٻڌايو ته مال مهانگو
مليو. ڪنهن ٿي چيو، بوٽ ملن ڪو نه ٿا، مون آرڊر ڏنو آهي، ٻار ٻچا ڪيئن ٿي، خوش آهن...
ڀڙ ۽ ڀلا متارا... سدا سکي رهن. ڪجهه نوجوان شاعريءَ جو مچ مچايون ويٺا هئا، ته ڪن
ٿي ويهي حساب ڏنا... ڪن ٿي ليٽريچر تي بحث ڪيو، ته ڪن فلمن جي وڌيل اگھاڙپ تي.
گاڏي رڙهندي ٿي وئي، انڙ پور، ٻڍا پور، مانجھند، سن، آمري، سيوهڻ، دادو، سيتا روڊ،
سيتا روڊ! پوڙهي مائي ڀرسان بيٺل کان پڇيو، ”ابا، ڪهڙي اسٽيشن آهي؟“
”مائي سيتا روڊ.“
”ابا اسان لهنداسون. هي سامان ته درڙيءَ مان ڪڍي ڏجو.“ تڪڙ ۾ پوڙهي کي ڌونڌاڙو
ڏنائين. هن ڇرڪ ڀري اکيون کوليون. ”هل... هل، لهه هاڻي... سِيتا اچي وئي. پوڙهي
پوتڙو ڪلهن تي رکيو. ڪُٻو ٿي، ڪنجھندي هيٺ لهڻ لڳو... مائي وري ڀرسان بيٺل نوجوان
کي تاڪيد ڪيو ته ابا سامان ڏجو.
”ها... ها... لهه هاڻي کڻي. سامان ملئي ٿو، ڀڳو ڪو نه ٿو وڃي.“ نوجوان عورت
جيڪا کيس يڪو ئي ڇڙٻيندي ۽ کيس گنهگار قرار ڏيندي آئي هئي، تنهن کيس ڇنڀيندي چيو.
ريل ڪار هلي پئي... عورت سري ويٺي. سندس مڙس جي ڀر ۾ ٻيو به پوڙهو ويهي رهيو.
مائيءَ کلندي مڙس کي چيو، ”مُئي لٿي ئي ڪو نه ٿي... ديڳڙو کوڙي جو ويٺي، ته سري ئي
ڪا نه... مون به کيس اهڙيون سنهڙيون چهنڊڙيون وڌيون، جو گھر وڃي مالش ڪرائيندي. مُئي
هلي هئي ٿورو ڪرڻ...“ وري پوڙهي مائيءَ جي نقل ڪندي نخرن سان ٻانهن لوڏيندي
چيائين، ”امڙ نيڪيءَ جو چڱو ٿي بدلو ڏين...“ وري هلڪڙو ٽهڪ ڏيندي مڙس کي اشارو
ڏيندي چيائين، ”هيٺ فرش طرف ڏس.“ پنهنجو پير مٿي ڪيائين. ان هيٺان ٻه آڌيون رکيون
هيون... جُھڪي کنيائين. مڙس کي ڏيکاريندي، ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”مون کيس چڱي چوٽ ڏني...
وري نه ڪندي اڳتي ڪنهن سان نيڪي...“
مڙس ۽ زال گڏجي هڪ ٽهڪ ڏنو.
No comments:
Post a Comment