وڻوٽ بادشاهت ۽ جانوٽ
بادشاهت
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
هن ڌرتيءَ تي جيڪي به ساهوارا يا
جاندار موجود آهن انهن کي ٿلهي ليکي ٻن وڏين بادشاهتن يا ٻن وڏن راڄن ۾ ورهائي
سگھجي ٿو:
(1) وڻوٽ
بادشاهت يا وڻوٽ راڄ جنهن ۾ هر قسم جو ننڍو توڻي وڏو وڻ، ٻوٽو، گاهه،
ڀاڄي، اوڀڙ وغيره سڀ شامل آهن ۽
(2) جانوٽ
بادشاهت يا جانوٽ راڄ جنهن ۾ هر قسم جو ننڍو توڻي وڏو جانور، جيت، پکي،
مڇي، ڪوڏ وغيره سڀ شامل آهن.
جانوٽ دنيا کي، ۽ وڻوٽ دنيا کي به، اڃا وڌيڪ ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهائجي ۽ درجيبند
ڪجي ٿو. اها ورهاست ۽ درجائپ مختلف جانوٽن جي وچ ۾، ۽ وڻوٽن جي وچ ۾، ڪجھ
ساڳيائپن، مشابهتن، هڪجهڙاين جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. درجائڻ جي ڪري اڀياسڻ ۽
سمجھڻ ۾ سهولت ٿئي ٿي.
درجائپ لاءِ هيٺ ڄاڻايل ٽن عملن وسيلي مليل ڄاڻ کي خاص طرح ذهن ۾ رکيو وڃي ٿو:
(1) لِڱَڄاڻ
(لِڱ = جسم جو حصو، عضوو، انگ + ڄاڻ). ’لڱڄاڻ‘
مرتب يوناني لفظ ”ايناٽومي“ (Anatomy: ana = مٿاڇ، مٿي، ٻاهرُ، ظاهر + ectom = وڍڻ، واڍي) جي بدران ڪم آندو ويو آهي. ’لڱڄاڻ‘ اهو علم جيڪو ڪنهن
جسم کي وڍي، ڳڀا ڳڀا ڪري ۽ جاچي حاصل ڪيو ويو هجي.
مختلف قسمن جا جانوٽ جسماني طرح
ڪهڙي مشابهت ۽ ڪهڙو فرق رکن ٿا، هڪجھڙاين جي بنياد تي کين ڪنهن نه ڪنهن هڪ ٽولي ۾
شامل ڪيو وڃي ٿو.
(2) ٻچاٽڄاڻ
(ٻچاٽ = پتڪڙو ٻار، ڪچو ٻار، آني يا ڳڀيرڻ ۾
سرجندڙ ٻچ + ڄاڻ). ’ٻچاٽڄاڻ‘ مرتب يوناني لفظ ”ايمبريولاجي“ (Embryology: embryo = ٻچاٽ، اولاد + logos = ڄاڻ) جي بدران ڪم آندو ويو آهي.
’ٻچاٽڄاڻ‘ اهو علم جيڪو ڳڀيرڻ يا آني اندر سرجندڙ ٻار جي اڀياس وسيلي حاصل ڪيو ويو
هجي.
مختلف قسم جا جانوٽ پنهنجي ٻچاٽ
مرحلي دوران ڪهڙي قسم جي هڪجھڙائي ۽ فرق رکن ٿا، هڪجھڙاين جي بنياد تي کين ڪنهن نه
ڪنهن هڪ ٽولي ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
(3) جُهوجِيوُڄاڻ
(جُهو = جھونو، قديم، آڳاٽو + جيو = جيوت، حياتي + ڄاڻ). ’جُهوجيوُڄاڻ‘ مرتب يوناني لفظ
”پَلِيئونٽولاجي“ (Paleontology: Palais = جھونو، آڳاٽو + ons = هستي، جاندار، جيئرو وجود + Logos = ڄاڻ) جي بدران ڪم آندو ويو آهي. ’جھوجيوڄاڻ‘ اهو علم جيڪو آڳاٽي
جيوت بابت ڌرتيءَ جي مختلف پرتن مان ملندڙ پنڊپاهڻ (fossil) ٿي ويل جاندارن جي اڀياس وسيلي حاصل
ڪيو ويو هجي.
جانوٽن جي لڌل پنڊپاهڻن ۾ ڪهڙي
قسم جي هڪجھڙائي ۽ ڪهڙو فرق آهي، هڪجھڙائيءَ جي بنياد تي کين ڪنهن نه ڪنهن هڪ ٽولي
۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
سمورا جانوٽ مختلف قبيلن (Phyla) ۾ ورهايل
آهن، هر قبيلو مختلف پاڙَن (Classes) ۾ ۽ هر پاڙو مختلف ڪَهولن (Orders) ۾، هر
ڪهول مختلف آڪهين (Families) ۾ ۽ هر هڪ آڪهه مختلف ذاتين (Genuses) ۾ ورهايل
آهي. هر ذات جون ٻه ٽي وِڻڪون (Species) ٿين ٿيون.
درجائپ جو سڄو سرشتو، حقيقت ۾،
بنيادي جسماني جوڙجڪ جي ساڳيائپن تي بيٺل آهي. مثال طور مڇيون، پکي، ڏيڏر، ريڙهاڪ
۽ ٿڻائتا جانوٽ ڌار ڌار ’پاڙي‘ ۾ شامل آهن ڇو ته هڪ ٻئي کان گھڻو فرق رکن ٿا پر
انهن سڀني ۾ ڪرنگھو موجود آهي تنهنڪري انهن لاءِ گڏيل ’قبيلائي‘ نالو ٿيندو ڪرنگھيتا
(توڻي جو سڀني جي ڪرنگھن جي شڪل ۾ ڪجھ نه ڪجھ فرق به آهي).
اهي ساڳيائپون (1) کوپڙيءَ جي
موجودي، (2) ڪرنگھي جي موجودي؛ اهو ڪرنگھو ٻچاٽ ۾ پُٺڏورِي (Notochord: noto = پُٺ + chord = ڌاڳو، ڏورِي) سڏجي ٿو، (3)
پوري/کوکلي پٺارڪ (پٺين پاسي واري، dorsal) مرڪزي تنتي سرشتي جي موجودي، (4) گھٽ ۾ گھٽ، ٻچاٽ ڄمار
دوران ڪَليءَ وِٿَ (gill-slit) جي موجودي وغيره جي حوالي سان ڏٺيون وڃن ٿيون. بنيادي
جسماني جوڙجڪ ۾ ساڳيائپ هڪ ناتيداريءَ/مائٽيءَ کي ۽ اها مائٽي ڪنهن ساڳئي ”وڏڙي“ (ancestor) منجھان
نسل کي ظاهر ڪري ٿي.
هر قسم جي جانوٽ کي هڪ جانوٽئاڻي (جانوٽڄاڻي، جانوٽڀياسي، Zoological) نالو ڏنو
ويو آهي جيڪو ٻن لفظن تي ٻڌل ٿئي ٿو. انهن مان پهريون لفظ ان ذات کي ظاهر
ڪري ٿو جنهن سان جانوٽ جي مخصوص وڻڪ لاڳاپيل آهي ۽ ٻيو لفظ وڻڪ لاءِ مخصوص
ڪيل آهي.
مثال طور، سنڌ ۾ عام لڀندڙ ڏيڏر
کي Rana tigrina (رانا ٽگرينا) سڏجي ٿو، برطانيا ۾ عام ملندڙ ڏيڏر کي Rana tempora (رانا
ٽيمپورا) ۽ پاڪستان ۾ لڀندڙ اڃا به ٻئي قسم جي ڏيڏر کي Rana
cyanophlictis (رانا سايَـنوفِلِڪٽِس)
سڏجي ٿو. نالي جو پهريون حصو رانا ’ذات‘ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ٻيو حصو ’وڻڪ‘ کي
(ڏيڏر جي مثال ۾ ’ٽگرينا‘، ’ٽيمپورا‘ ۽ ’ساينوفلڪٽس‘ وڻڪون آهن).
ذات اڳ ۾
لکي وڃي ٿي ۽ انگريزي ۾ ان جو پهريون اکر ”وڏي اي-بي-سي“ ۾ لکيو وڃي ٿو پر خصوصي
نالو يعني وڻڪ جي نالي جو پهريون اکر ”ننڍي اي-بي-سي“ ۾ لکيو وڃي ٿو. ٻئي، عام ۽
خاص نالا اِٽئلڪس (Italics) ۾ يعني ليٽائي، ٻاونجرا ڪري لکيا وڃن ٿا ۽ لڳ ڀڳ سڀ
لفظ لاطيني يا يوناني بڻ (لفظ جي بڻ) تان ورتل آهن. نالي رکڻ جي ان طريقي کي ٻَـنامِي
ناليرکڻي (Binomial nomenclature) سڏيو وڃي ٿو ۽ سويڊني جياڄاڻڪ (Swedish
Biologist) ڪارولَس
لِينائيَس (Carolus Linnaeus) اهو طريقو متعارف ڪرايو.
وڻڪ ڪهڙن فرقن جي ڪري مقرر ڪجي ٿي
ان جو هڪ مثال ڏيڏر جي حوالي سان بيان ڪري سگھجي ٿو. رانا ساينوفلڪٽس ٻيءَ
وڻڪ رانا ٽگرينا کان هيٺ ڄاڻايل فرق رکي ٿو:
رانا ساينوفلڪٽس قد ۾ ننڍو، پٺيءَ
جي کل ڪارن چُٽن سان ناسي يا زيتوني رنگ رکندڙ جنهن تي ننڍڙيون ڳوڙهيون، آڱريون
اڀيون گولائون ۽ چهنبدار، پهرين آڱر ٻي کان ڊگھي نه هوندي اٿس، آڱريون چوٽيءَ
تائين کَل جھڙي پردي سان پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ چوٿين آڱر ٽينءَ يا پنجينءَ آڱر کان گھڻي
ڊگھي نه هوندي.
انهن ننڍڙن فرقن جي ڪري ساينوفلڪٽس
هڪ وڻڪ ۽ ٽگرينا ٻي وڻڪ مقرر ڪيل آهن.
پر ڏيڏر جا اهي ۽ ڪجھ ٻيا قسم هڪ
گڏيل ذات ’رانا‘ ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. اها گڏيل ذات هيٺ ڄاڻايل هڪجھڙاين جي
ڪري مقرر ڪئي وئي آهي:
سندن زبان ڪاڪڙي واري پاسي ڏانهن
آزاد (اڳيان مهارن واري پاسي ڳنڍيل) ۽ ٻه-شاخي آهي، ڏندَ رڳو مٿينءَ ڄاڙيءَ ۾
موجود ۽ ڍونگري واري هڏيءَ جي ڦڻي اڻ ٿُلهي اٿن.
ڏيڏر جا سمورا قسم هڪ گڏيل آڪهه
’رئنِيڊِي‘ (Ranadae) ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا.
ڏيڏر جھڙو ڏيک ڏيندڙ هڪ ٻيو جانوٽ
ٽوڊ (Toad) سڏجي ٿو. سندس کل سنهي ۽ ڦُـڙن/وائڙلن ڀري، ڄاڙيون ڏندن کان
وانجھيون، پويون ڄنگھون نسبتاً ننڍيون، ڍونگري جي ڪرنگھي وارو حصو ڪجھ ٿلهو ۽ زبان
يَڪي ڳنڍيل (ٻه-شاخي نه) آهي. اهي فرق ايڏا ته وڏا آهن جو انهن کي نه رڳو ڌار ذات بُوفو
(Bufo) پر ڌار آڪهه بوفونِڊِي (Bufonidae) ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
پر سمورا ڏيڏر ۽ سمورا ٽوڊ انهيءَ
ڳالهه ۾ هڪجھڙائي رکن ٿا ته وڏي ٿيڻ کان پوءِ وٽن پُڇ نه هوندو آهي، وٽن نسبتاً
ننڍو ۽ ويڪرو ڍڍر هوندو آهي ۽ پويون ڄنگھون اڳين ڄنگھن جي ڀيٽ ۾ ڊگھيون اٿن. ان
ڪري اهي نِيُوٽ ۽ سَلامندر نالي جانوٽن کان مختلف آهن جن جو پڇ سڄي ڄمار برقرار
رهندو آهي ۽ سندن اڳيون ۽ پويون ڄنگھون لڳ ڀڳ برابر هونديون آهن. انهن فرقن جي ڪري
ڏيڏرن ۽ ٽوڊن جي آڪهين کي هڪ ڌار ڪهول ’اَنيُورا‘ (Anura) ۾ رکبو ۽ نيوٽن ۽ سلامندرن کي وري
ٻي ڪهول ’يوروڊيلا‘ (Urodela) ۾ شامل ڪبو. اهڙي ئي قسم جي جانوٽن جو ٽيون ڪهول ايپوڊا
(Apoda، بي-پٖيرا) آهي جيڪي نانگ-جھڙا ڏيکاربا آهن ۽ وٽن نه ته پُڇ هوندو
آهي ۽ نه وري ڄنگھون.
انيورا، يوروڊيلا ۽ ايپوڊا ڪهولن
۾ شامل جانوٽ توڻي جو هڪ ٻئي کان ڪيترائي فرق رکن ٿا پر وٽن ڪي هڪجھڙايون به آهن
ــــــــ انهن وٽ عام طرح ننڍپڻ ۾ ڪَليون هونديون آهن، پنهنجيءَ واڌ مهل هڪ روپ
مٽائيندا آهن (جيئن، سوٻٽ بدلجي پوپٽ ٿئي ٿو)، انهن جي کل نرم غدودن واري هوندي
آهي ۽ سندن آڱرين ۾ نَنهن نه هوندا آهن. انهن ڳالهين جي ڪري اهي ’ريڙهاڪ‘ سڏجندڙ
جانوٽن کان فرق رکن ٿا ڇو ته ريڙهاڪ جانوٽن ۾ حياتيءَ جي ڪنهن به ڏاڪي تي ڪَليون
نه ڦٽنديون آهن، اوسر مهل روپ نه بدلائيندا آهن، آڱرين ۾ ننهن هوندا اٿن وغيره.
ان ڪري مٿي ڄاڻايل ڪهولن جي
جانوٽن کي هڪ ڌار پاڙي ’ٻوجيا‘ (ٻو = ٻه + جيا =
حياتي. Amphibia: Amphi = ٻه + Bios = حياتي. ’جلڀومي‘) ۾ رکيو وڃي ٿو.
جڏهن ته ’ريڙهاڪ‘ پاڙي ۾ وري ٻيا جانوٽ شامل آهن. اهڙيءَ طرح مڇين وٽ
ڳلڦڙا/ڪَليون سڄي ڄمار برقرار رهن ٿيون ۽ انهن وسيلي ساهه کڻن ٿيون تنهنڪري سندن
ڌار پاڙو ’مڇيون‘ مقرر ڪيو ويو آهي. پکين کي کنڀ آهن، سندن پاڙو ’پکي‘
۽ وار/بَج رکندڙ جانوٽ جيڪي پنهنجي اولاد کي ٿڃ ڌارائن ٿا انهن جو پاڙو ’ٿڻائتا‘
سڏجي ٿو.
ٿڻائتا، پکي، مڇيون، ٻوجيا،
ريڙهاڪ وغيره نالي پاڙن جا جانوٽ گھڻن ئي فرقن باوجود ڪجھ ڳالهين ۾ هڪجھڙا آهن
ــــــــ ٻچاٽ ڄمار ۾ کين پُٺڏورِي هوندي آهي جيڪا پوءِ مغزي ڏوري، ڪرنگھي ۾ بدلجي
وڃي ٿي. سندن رت جو رنگ ڳاڙهو ٿئي ٿو ۽ کين ڄنگھن (ٻانهن) جا وڌ ۾ وڌ ٻه جوڙا ٿين
ٿا وغيره. انهيءَ بنياد تي کين هڪ اپ-قبيلي ’ڪرنگھيتا‘ ۾ شامل رکيو وڃي ٿو
۽ سندن قبيلو ’ڏورِيئيتا‘ آهي.
جيت، جڻيا، کيکڙا، جھينگا وغيره
ڪرنگھو نه ٿا رکن، انهن جو رت اڇي رنگ وارو آهي، وٽن گھڻن سَنڌن واريون ڄنگھون آهن
وغيره جنهنڪري سندن قبيلي جو نالو ’ڳَنڍَپاويرا‘ آهي.
ساڳيءَ طرح نرم جسم وارا جانوٽ جن
جي مٿان کوپ چڙهيل ٿئي ٿو جيئن ڪوڏ، ”ڪالو مڇي“ وغيره تن جو قبيلو Molluska (مولسڪا)،
مختلف ڪِينئن جو قبيلو Annelide (انيلڊا)، هائڊرا، پولِپ، جيلي مڇي وغيره جھڙن
جانوٽن جو قبيلو ’اَندرپٖوريتا‘ (Coelenterata) آهي. آخر ۾ هڪ جيو-گھرڙي وارا
يَڪسيلا (Unicellular) جانوٽ جيئن ايمِيبا، پئرامِيشيَم وغيره هڪ قبيلي آڳيجيا (protozoa، آڳاهون
جيوت رکندڙ) ۾ شامل آهن.
اهي سڀ ۽ ڪي ٻيا قبيلا
گڏجي سڏجي ’جانوٽ راڄ‘، ’جانوٽ بادشاهت‘، ’جانوٽ دنيا‘، Animal Kingdom يا Kingdom Animalia
جوڙن ٿا.
سنڌ ۽ هند جي عام ڏيڏر جي وڻڪ ٽگرينا،
ذات رانا، آڪهه رينيڊي، ڪهول انيورا، پاڙو ٻوجيا،
اپ-قبيلو ڪرنگھيتا، قبيلو ڏورِيئيتا ۽ راڄ جانوٽ آهي.
اهڙيءَ طرح اڄوڪي ماڻهوءَ جي وڻڪ سُڌيت/ساپِينز،
ذات ماڻُو، آڪهه ماڻوت، ڪهول اُتَميتا، پاڙو ٿڻائتا،
اپ-قبيلو ڪرنگھيتا، قبيلو ڏورِيئيتا ۽ راڄ جانوٽ آهي.
No comments:
Post a Comment