11/10/2012

ٿر ۽ ڪوهستان رڻ جا وڻ ٽڻ - مـسـز فــرزانه پـنـهــور/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ٿر ۽ ڪوهستان رڻ جا وڻ ٽڻ
مـسـز فــرزانه پـنـهــور/
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سڃاڻپ: مسز فرزانه حسين پنهور بايو-ڪيمسٽريءَ ۾ ايم.ايس سِي آهن. ”ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ انجنيئرس“ سان وابسطه رهِي گذريل ستن ورهن کان ڪيترن ئي مختلف موضوعن تي تحقيق پئي ڪئي اٿن. پاڻ ”ايگريڪلچرل سُئائِل ٽيسٽِنگ ليباريٽريز (پرائيويٽ) لميٽڊ“ جِي مئنيجنگ ڊائريڪٽر به آهن. جن موضوعن تي ڪم ڪيو ۽ لکيو اٿئون، انهن مان ڪجھ هِي آهن:
-       هيرايل (گھريلو ڪيل) جانورن لاءِ کاڄ ۽ پاڻي راهِپَ (Aqua Culture)
-       جھينگي پالنا
-       ڪُڪڙ پالنا
-       سَهي پالنا. سَهي کاڄ
-       زرعي ڦوڳ مان جِيا-گئس (Bio-Gas) (ٺاهڻ)
-       ڍور ڍڳي ۽ رڍ لاءِ کاڄ
-       جوجُوبا تيل جي ڪيميائي بناوت ۽ ان جو واهپو
-       وڻجارڪ (ڪمرشل) ۽ صنعتي حساب ڪتاب رکڻ
-       گلاب ۽ (ٻين) گلن جو سُڪي وڃڻ
-       جوجُوبا جو اڀياس ۽ ان جو تيلي-ڪيميائي ۽ زرعي-ڪيميائي صنعت لاءِ واهپو
-       ڄام ڦل ۽ بَنگَنپالِي ۽ لنگڙي انب جو لاب کان پوءِ ڪيميائي دوائن وسيلي (مختلف بيمارين کان) بچاءُ
-       تيلي-ڪيميائي ۽ زرعي-ڪيميائي صنعت لاءِ هڪ نئون ذخيرو/وسيلو
-       مختلف زرعي فصل اپائڻ لاءِ لوڻياٺي زميني پاڻيءَ جو واهپو
-       اسرندڙ ڏيهن لاءِ جِيا-گئس ڪارخانا
-       پاڪستان (جي رهواسين) لاءِ پاڻي راهپ جو ڪتابڙو
-       ٿر ۽ ڪوهستان جا جانور
- سنڌيڪار


هيءُ مضمون سنڌ جي وڻ ٽڻ (Flora) بابت مختلف ماهرن پاران گذريل هڪ صديءَ دوران جوڙيل مواد جي 4-ورهي اڀياس تي ٻڌل آهي. هن مهل تائين گڏ ڪيل انگن اکرن موجب ٿر ۾ 3-هزار کان وڌيڪ ۽ ڪوهستان ۾ 5-سَو کان وڌيڪ وڻوٽا (Plants) موجود آهن. ڪيترائي اهڙا به هوندا جيڪي رڪارڊ تي نه آندا ويا آهن. کيرٿر جبل جي ٽاڪرو چوٽين تي جھنگلي/اڻ هيرايل (Wild) پستي (پوسٽانچيو، Postanchio) جي موجودگيءَ بابت ڄاڻ هڪ نئون واڌرو آهي ۽ ساڳيءَ طرح ئي کيرٿر جابلو قطارن جي هيٺين يا ڪاڇولي ٽڪرين ۾ ڄمون (Jaman) بابت به چئي سگھجي ٿو، انگ وڌندو ويندو جيئن جيئن ووڙ ڪبي.
دنيا جا تاپيري (Tropical) ۽ ڪوسا رڻ (Deserts) دلچسپ ساڳيائپون ڏيکارن ٿا. ٿر ۽ ڪوهستان جي وڻ ٽڻ بابت اطلاع گڏ ڪندي اهو ڏٺو ويو آهي ته نه رڳو ساڳيائپ پر هڪجهڙائپ رکندڙ وڻ ٽڻ صحارا Sahara)، افريڪا کنڊ جو هڪ وڏو رڻ)، عربي اپسمنڊ، ايران، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ موجود رکن ٿا. انهن جي اوسر/ارتقا ساڳي بڻ ۽ ساڳيءَ ڄمار وارِي يعني جَجھرُوپ (Pleistocene) دَور يا گذريل 20-30-لک ورهن جي ڀانئجي ٿي. اسرائيل، شام ۽ اردن جا رِڻ به ان کان مختلف ناهن، ايتري قدر جو اترادي ۽ ڏاکڻي ايران جي وڻ ٽڻ سان به ساڳيائپ رکن ٿا. جيئن ته وچ ايشيائي رڻ ۾ به ساڳي قسم جا وڻ ٽڻ موجود آهن، جهڙا اترادي ايران ۾، تنهنڪري ٿر ۽ ڪوهستان ۽ وچ ايشيائي رڻ جي وڻ ٽڻ ۾ ساڄيائپ جو امڪان رکي سگھجي ٿو. تڪلامَڪان (تڪلامي)، گوبِي ۽ منگولي رڻ ۽ وچ ايشيائي رڻن جي وچ ۾ موجود ناتيداري انهن سڀني رڻن جي ٿر ۽ ڪوهستان رڻن سان ساڳي مائٽي جوڙي ٿي. آمريڪي ۽ آسٽريليائي رڻن جا وڻوٽا توڙي جو مختلف آهن پر ساڳين آڪهن (Families) سان وسطو رکن ٿا ۽ ان ڪري انهن جي وصف/منهن مهانڊي ۽ عادتن/روين ۾ به دنيا جا ڪيترائي وارياسا ۽ اڌ-وارياسا علائقا ڪجھ ٻوٽن ۽ ڀاڄين کي اپائڻ لائق آهن توڻي جو انهن جي آبهوا ۽ مٽي ڏاڍيون خشڪ آهن.
قدرتي رِڻائي ڀاڄين جي اپجڻ جي جگهه اهڙي آهي جو اها پاڻيءَ جي اڻاٺ هوندي به، وڻوٽي کي بقا رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي. رڻائي وڻوٽا نامناسب/ خراب حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي مختلف شڪلين ۾ بدلائي پاڻ ۾ ٿوري ڦيرڦار آڻن يا ماحول سان ٺهڪائن ٿا ته جيئن اهي سولائيءَ سان جِي سگھن. رڻائي وڻوٽي پاران جيڪا وڌ ۾ وڌ سختي سَٺي وڃي ٿي، اها آهي سندس پروٽوپلازم Protoplasm) يعني سيل/جيوگھرڙي جو بڻائتو مادو) جو سوڪهڙي/پاڻيءَ جي اڻاٺ ۾ وٺجي وڃڻ. هر سيل/جيوگھرڙي جي حد تائين ڪيترو پاڻي ذيان ڪري سگھجي ٿو، اهو مختلف جنسن ۾ مختلف ٿئي ٿو. ڪي جنسون ٿورو پاڻي ذيان ڪرڻ کان پوءِ اڻموٽ سوڪهڙي واري حالت ۾ وٺجي وڃن ٿيون پر ڪي ته چڱي چوکي پاڻيءَ جي کوٽ کان پوءِ به تازيون توانيون رهن ٿيون. ڪِريئوسوٽ (Creosote) ٻوٽي ۾ پاڻيءَ جي موجودي سندس خشڪيءَ واري حالت ۾ ڪيل وزن جي اڌ جيتري گھٽجي سگھي ٿي، پر وڻوٽو وري به چڙهي پوندو. جيڪڏهن مينهن وسي ته سندس صحت 42-47 ڪلاڪن ۾ يا اڃا به گھٽ وقت ۾ سڌري ويندي.
اڪيشيا¨ جيقئمونٽي (Acacia Jacquemonti) (جنهن کي بُو-بنويلي ۾ ”راشو ٻٻر“ به چئبو آهي) کي ڏاڍين اونهين پاڙُن وارو سرشتو آهي، جيڪو ان وڻوٽي جي واڌ کي خشڪ مند ۾ ممڪن بنائي ٿو.
پاڙ-سرشتو ويڪر ۾ پکڙجندڙ، جيئن ٿوهر (ڪئڪٽس، Cactus) ۾ آهي، يا اونهو ويندڙ به ٿي سگھي ٿو، جيئن ديوي (ميسقائيٽ، Mesquite) وڻ ۾ آهي، جنهن جون پاڙون 50 ميٽر اونهيون وڃي سگھن ٿيون تان جو اونهي زميني پاڻيءَ جي ذخيري کي پهچي سگھن. جوجوبا (Jojoba) تازو ئي سنڌ ۾ آندو ويو آهي ۽ ان جي حقيقي جڳهه ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ڪري سگھجي ٿي.
وارياسي يا پوٺي (اسٽيپِي/Steppe، هڪ سنئون ۽ گاهي بناوَڻ ميدان) ۾ پيدا ٿيندڙ وڻوٽي کي سوڪ/اڻاٺ ۽ تاءَ (Temperature) جو انتهائي لاٿ يا چاڙهه سان منهن مقابل ٿيڻ ۽ برميچڻ گھرجي، ان کي ان لائق به هئڻ گھرجي ته مختصر ٻُورائتي (ٻُورجڻ يا انگورجڻ واري، Reproductive) مند سان گڏوگڏ ڀاڄي خور جانورن جو کاڄ ٿي سگھندڙ ڊگھي/ڳري عرصي کي به منهن ڏئي سگھي.
رڻائي وڻوٽن جي درجيبندي ٽن مختلف متن/اصولن پٽاندر ٿئي ٿي، پهرين اصول موجب رڻائي وڻوٽا چئن ٽولن ۾ ورهايل آهن:
1- اڻاٺ-ڀاڄوڪڙ، ٿورَجٽائو (Drought-escaping, Ephemerals) وڻوٽا.
2- اڻاٺ-گوسڙاڪ (Drought-evading) وڻوٽا.
3- اڻاٺ-سَهندڙ (Drought-enduring) وڻوٽا.
4- اڻاٺ رنڊائيندڙ (Drought-resisting) وڻوٽا.
هن درجيبنديءَ موجب وڻوٽا رڻ ۾ تڏهن بقا رکي سگھن ٿا جڏهن اهي سوڪ/پاڻيءَ جي اڻاٺ سان گڏوگڏ تاءَ پد جي ٻنهي (گھٽ ۾ گھٽ توڙي وڌ ۾ وڌ) انتهائن کان گسائي/لنوائي/بچي سگھن.
ٻي اصول موجب رڻائي ايراضيءَ جا وڻوٽا پاڻيءَ جي ذخيري جي بنياد تي درجيبند ڪيا وڃن ٿا ۽ ٽن ٽولن ۾ ورهايل آهن:
1- سندن ڀاڄيائپ (Vegetation، ڦٽڻ/وڌڻ/ويجھڻ) جو دارومدار رڳو پاڻيءَ جي مقامي ججھائپ تي ٿئي ٿو. اها ڀاڄيائپ (يعني ڦٽڻ، وڌڻ، ويجھڻ ۽ گل ۽ ميوو جھلي سگھڻ جي حالت) ججھائپ جي ٻين قسمن جيئن ڪوهيڙي/لڙاٽ ۽ ماڪ جي موجودگيءَ سبب وڌي سگھي ٿي. (افسوس اهو جو اسان وٽ) اها ججھائپ مندڄاڻي/مندڀياسي (Meteorological) اوزارن جي مدد سان رڪارڊ نه ٿي ڪئي وڃي، نه وري ان جو ڪردار چڱيءَ طرح سمجھيو ويو آهي توڻي جو، خاص طرح ڪوهستان ۾، انهن جي ڦوڙِي/حصيداري/واهر چڱي ڪارائتي آهي.
2-ڀاڄيائپ جو دارومدار مقامي وسندڙ مينهن جي پاڻيءَ جو، ڍورن ۽ نارن ۾ ڪَٺو ٿيڻ جي بنياد تي رکيو وڃي ٿو.
3-ڀاڄيائپ جو دارومدار گھم جي انهن ذخيرن تي جيڪي رڻ کان پريان موجود هجن، جيئن نديون، ڍنڍون وغيره جن کي ڪنهن ٻي هنڌ تان پاڻي ملندو هجي.
ٽين اصول موجب وڻوٽن کي ايراضين، جتي اهي پنهنجي بقا جاري رکي سگھڻ لائق هجن، جي بنياد تي ورهايو وڃي ٿو. ان ڪري رڻائي وڻوٽن کي ڀُوسُڌِي (Geographical) هنڌ جي حوالي سان درجيبند ڪيو وڃي ٿو.
1- ڀِٽون (Sand hill).
2- ڀِٽن ۽ ميدانن واريون ماٿريون.
3- پٿريلي ٽَڪرين واريون يا جابلو لاهيون.
پهريون اصول
1- اڻاٺ ڀاڄوڪڙ يا ٿورَجٽائو وڻوٽا:
اهي مينهن-وَس (rain-fall) کان پوءِ ترت ڦٽن، انگورجن، سلو ڪڍن ۽ گل جھلن ٿا ۽ پنهنجيءَ ڄمار ۾ ڦيرو 4-6 هفتن ۾، جڏهن مٽي ۾ اڃا گھم موجود هوندي آهي، پورو ڪن ٿا. اهي ٻج وڏي ڳڻپ ۾ ڏين ٿا، جيڪو جانورن جو چارو/کاڄ ٿي وڃڻ باوجود ايترو ته بچي پوي ٿو جو پڪ سان ايندڙ نسل کي جاري رکي سگھي.
2- اڻاٺ-گرسڙاڪ وڻوٽا:
هي اهي وڻوٽا آهن جيڪي پنهنجي محدود واڌ سبب پاڻيءَ جو ٿورو ميسر مقدار واپرائيندا آهن انهن مان گھڻا، جن ۾ هڪ-ورهيا گاهه شامل آهن (جيڪي پنهنجو ڄمار ڦيرو مختصر برساتي مند ۾ پورو ڪري باقي سڄو ورهه پنهنجي ميوي يا ٻج کي مٽيءَ منجھ ننڍاکڙو/ڳُجھو رکي گذارن ٿا). اهي وڌيڪ سخت حالتن کان ڀڄي پاڻ بچائي سگھن ٿا.
3- اڻاٺ-سهندڙ وڻوٽا:
جڏهن مٽيءَ ۾ گھم نه هوندي آهي تڏهن به هي وڻوٽا وڌي وِيجھي سگھن ٿا.
4- اڻاٺ-رنڊائيندڙ وڻوٽا:
هنن وڻوٽن کي رَسيلا (رس رکندڙ، (Succulent پڻ سڏيو وڃي ٿو، ڇو ته اهي پنهنجن ٽشوئن (Tissues، ٽِشُو: هڪجهڙن جيوگھرڙن/سيلن جو جھڳٽو) ۾ پاڻي زخيرو ڪري رکن ٿا ان ڪري سوڪاٽيل (سوڪ ورتل، خشڪ، Arid) علائقن جي وڻوٽن جي گھڻائي مختلف طريقا اختيار ڪري پاڻي ذيان ٿيڻ کان بچائي ٿي. هڪ ئي وڻوٽي ۾ مختلف قسمن جا بچاءُ ڪندڙ اپاءَ هڪ ئي وقت ڪم آندا وڃن ٿا. مثال طور: ڇوڏي (Cuticle، ٻاهرين سُڪل کَل) مان پاڻيءَ جي (بخارجڻ وسيلي) نيڪال کي پَن جي مٿاڇري تي سڻڀ (Lipid) يا سڻڀن مادن ۽ کَؤنرَن (Resins) جو تهه ٺاهي رنڊائن ٿا. پنهنجيءَ شڪل ۽ بدني بناوت ۾ ڪجھ ڦير ڦار ڪري به اڻاٺ جي رنڊڪ ڪئي وڃي ٿي. ڪي وڻوٽا خشڪ مند ايندي ئي پنهنجا پن ڇاڻي يا سج سامهون کليل پنن جي ايراضي گھٽائي ڇڏيندا آهن. ڪجھ وڻوٽن ۾ چڱيءَ طرح سڌريل پاڻي ذخيرو ڪندڙ ٽشو (Tissue) سان گڏ مقداري شرح جي حساب سان گھٽ ايراضي هوندي آهي جنهنڪري اهي سدائين ٿُلها ۽ سَٻر لڳندا ۽ اهڙيءَ طرح پاڻيءَ جو بخاريو نيڪال گٽائي ڇڏيندا آهن. ڪجھ راسيلن وڻوٽن پنهنجون پاڙون وڌائي ڇڏڻ جو سرشتو سڌاري رکيو آهي جيڪو پاڻي چُهڻ جي سگھ کي وڌائي ڇڏي ٿو. ٿوهر، اَڪُ، ڪِرڙ ۽ کبڙ ان جا سٺا مثال آهن.
ٻيو اصول
رڻائي ايراضيءَ جي ڀاڄيائپ ٽن عام درجن ۾ ورهائي سگھجي ٿي:
1- مقامي پاڻيءَ جي ججھائپ تي ڀاڙيندڙ ڀاڄيائپ:
واريءَ ڀريل رڻن، مثال طور ٿر ۾، جيئن ته واريءَ وٽ گھڻي گرمي جذب ۽ خارج ڪرڻ جي گنجائش آهي، ان ڪري تاءَ پد جي ڏهاڙي ٿيندڙ گَهٽاوَڌِي (Fluctuation) ۽ گِھم جو چڱو چوکو ذخيرو ملي پوي ٿو. جابلو رڻن ۽ انهن جي ڀرپاسي يعني ڪوهستان ۽ ڪاڇي ۾ ماڪ-ذخيرو ڪجھ گهٽ ٿئي ٿو پر واريءَ تي اها موچاري مقدار ۾ ڪَٺي ٿيندي آهي جيڪا پلاسٽڪ شيٽ تي گڏ ڪري سگھجي ٿي. ڪن صاف ۽ ٿڌين راتين واري مُند ۾ اها 2-3 م.م (ملي ميٽر) في رات ٿي سگھي ٿي. اهائي ماڪ ڪجھ ڀاڄي طور ڪم ايندڙ وڻوٽن کي سدا سائو رکي ٿي.
2- ڍورن ۽ نارن ۾ گڏ ٿيندڙ مقامي مينهن تي ڀاڙيندڙ وڻوٽا:
رڻائي ايراضين جي هيٺاهَن حصن ۾ ڍورن ۽ نارن وسيلي کڄي/وهي آيل مينهن جو پاڻي ۽ ان جي نتيجي ۾ حقيقي وَسيَل مينهن سان گڏ وڻوٽن جي واڌ لاءِ گھربل ماڪ ڳچ ملي پوي ٿي. ان قسم جون ايراضيون، ان ڪري، خشڪ پوکي راهيءَ لاءِ خاص طرح سڻايون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو ٿر ۽ ڪوهستان جون گھڻيون ايراضيون سٺو لاڀ ڏين ٿيون.
الف- وارياسن جبلن ۾ ڀاڄائپ:
چوٽ ڏاڪو (Climax Stage): اڪيشيا جيقئمونٽي (ٻٻر)، اڪيشيا لِيُوڪوفِليا (Leucophiloea، جنهن کي ”اَراجيو“ به سڏجي ٿو)، اڪيشيا نِلوٽِيڪا Nilotica)، ٻَٻُر، ڪيڪر) ۽ اڪيشيا سينِيگال (Senegal، ڪُمبات).
وچون (Intermediate) ڏاڪو: يُوفوربيا ڪاڊُوسِيفوليا (Euphorbia Cauducifolia يعني ٿور، (Thor، يوفوربيا ڪلارڪِينا (Clarkeana، کير واري، دُڌيلي)، يوفوربيا ڊريڪنڪولائڊس (Dracucoloides، بَمبُوري)، يُوفوربيا گِرئنيوليٽا (Granulata، دُڌيلي)، يُوفوربيا هِرتا (Hirta، ڌيدي-دُڌيلي)، يُوفوربيا جوڌپورِنسِس (Judhpurensis، دُڌيلي) ۽ يُوفوربيا پاروِيفلورا (Parviflira، دُڌيلي).
سرواڻ (Pioneer) ڏاڪو: پانِيڪَم اينٽِيڊوٽيل (Panicum Antidotale، گرمانو)، پانيڪم ٽرائفرام (Trypherom)، پانيڪم ٽَرجِيڊَم (Turgidum، مَنٽ).
ب- ٿر جي لَـٽ/ڪَچي وارين ٻنين ۾ ڀاڄيائپ:
هن قسم جي ڀاڄيائپ ۾ وارياسن جبلن ۽ سَنوَن لٽ/ڪچي وارن ميدانن جي وچ ۾ ايندڙ ماٿرين جا وڻوٽا شامل آهن. وارياسن جبلن جي هيٺاهن کڏن ۾ ڀرپاسي جي لاهين جو برساتي پاڻي ڪَٺو ٿئي ٿو ۽ پاڻ سان گڏ مٽيءَ ۽ لوڻ جا تمام گھڻا ڪارائتا ذرڙا کڻي اچي ٿو. اهي هوري هوري کَـڏن جي تري ۾ آٺرجي ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ سخت چِيڪي ڀنجو جو تمام عهدو نمونو ملي پوي ٿو.
ڪچي وارين ٻنين جي ڀاڄيائپ:
چوٽ ڏاڪو: پروسوپِس چِلينسِس/ڪنڊي (Prosposis Chilensis، اَنِيرجي باوانِيلو)، پروسوپس گِلئنڊيولوسا (Glandulosa).
وچون ڏاڪو: ڪئپارِس ڊيسِيڊَم (Capparis Decidum، ڪِير/Ker).
سرواڻ ڏاڪو: هئلوفائٽي (لوڻ سَهندڙ) جنسون (Halophytic Species).
ت- ٿر جي جابلو ٽڪرين جي ڀاڄيائپ:
ميداني ۽ جابلو ٽڪرين جي .... (Fire ?) جي وچ ۾ ڄاتل ماڻُ (co-efficient) عام طرح 35-40 سيڪڙو آهي. ان وسيلي چٽو ٿو ٿئي ته جابلو ۽ ميداني وڻ ٽڻ جي وچ ۾ ساڳيائپ ناهي.
جابلو ٽڪرين جي ڀاڄيائپ:
چوٽ ڏاڪو: اڪيشيا سينيگال، اڪيشيا جيقئمونٽي، لِيوڪوفليا.
وچون ڏاڪو: يوفوربيا ڪاڊِيسِيفوليا، يوفوربيا ڪلارڪينا، يوفوربيا ڊريڪنڪولائڊس.
سرواڻ ڏاڪو: ڪومِيفورا وِگھياءِ (Commiphera Wighii، گُگل).
سنڌ ۾ حقيقي رڻ ڪو به ناهي پر ماڻهن جي عمل سبب رڻ جون چَتيون لڳل آهن. حقيقي رڻ جي دنگ کان پريان، جتي مِينهن-وَس تمام گھٽ آهي يا جتي ڀاڄيائپ پوريءَ طرح  ختم ٿي وئي آهي، اتي ٻُوٽائين-پوٺي (Shrub-Steppe) واريون ٻنيون آهن جيڪي ٻٻر (اڪيشيا) جي مختلف جنسن ۽ ٻين ڪنڊائن ٻوٽن ۽ وڻن کي وڌڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، گھڻن هنڌن تي، جتي مينهن وچٿرو پوي ٿو توڻي جو اهو سال جا ڪجھ ڏينهن وسندو هجي، گاهِي پوٺو ٺهي پوي ٿي.
رڻائي وڻوٽن جو گڏيل طرح هڪ مکيه مسئلو آهي ۽ کين ان سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو ـــــــــــ اهو آهي جانورَ جيڪي کين چَري وڃن ٿا، ۽ ماڻهو جيڪي کين ٻارڻ طور ساڙي يا پوکي راهيءَ لاءِ وڍي ڇڏن ٿا. ان قسم جي ڪاهه جي موٽ ۾ ڪيترن ئي رڻائي ٻوٽن ڏکائيندڙ تکا ۽ بچائيندڙ ڪوڪا ۽ ڪُنڍا تيار ڪري ورتا آهن، انهن ۾ اڪيشيا ۽ يوفوربيا جا اسٽِيپُيوليٽ (Stipulate)¨ ڪَنڊا اچي وڃن ٿا.
ڪجھ وڻوٽن ۾ زهريلو يا ڪُرائيندڙ ”کير“ يا ”آڪيرو“ (Latex، ڪجھ قسمن جي وڻن ۽ ٻوٽن ۾ کير جھڙي رَس) موجود هوندي آهي ۽ ماڻهن سان گڏ جانور به انهن کان لنوائڻ/ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
انهن رويَن باوجود مختلف وڻوٽا ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچن ٿا جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
ميوا: راسيل يوفوربيا ۾ زهرائتا (Toxic) کارولا (Alkaloids، الڪالوئڊس) هوندا آهن (جيڪي ڪيترن ئي قسمن جا ڪيميائي مرڪب ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿا). ماڻهو مختلف جنسن جا ٻير کائن ٿا، ايتري قدر جو انهن جا پَن جانورن کي چارائڻ سان گڏ ڀاڄيءَ طور ۽ ڪجھ مٺايون ٺاهڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن.
نشاستي-ڀريا ذخيرائتا عضوا: کائڻ جوڳيون پاڙون، ٿُــڙوٽَ (Rhizomes، ڪجھ وڻوٽن ۾ ٿُلهيرو ليٽيل زمين ڇُهندڙ يا مٽيءَ ۾ پُوريل ٿــڙ ٿئي ٿو جنهن مان پاڙون نڪرن ٿيون. مثال طور: سُنڍ). ڳُڙوٽ (Tubers، عام طرح زمين هيٺ اچي ويل ٽاريءَ جو سُجي ڳوڙهو ٿي پوڻ. مثال طور : پٽاٽو)، بَلبوٽ (Bulbs، ٿــڙ يا عام طرح مکڙيءَ جو هڪ بلب جهڙو ٿي پوڻ. مثال طور: بصر) وغيره.
ٻِــجَ ۽ کوپَ (Nuts): ڦريون، سِڱريون، پَـلـڙا وغيره کاڌا وڃن ٿا ۽ ٻجَ گڏ ڪري تازا، سُڪائي يا پِيهي ڪم آڻجن ٿا.
پَن ۽ ٻوٽيون: ڪيترن ئي وڻوٽن جا تازا پن ۽ سَلا سلاد ۽ چٽڻيءَ طور کاڌا وڃن ٿا.
دوائون: ڪجھ وڻوٽن مان ڪي اهڙيون دوائون ٺهن ٿيون جيڪي ننڊ ڏيارڻ يا جسم ۾ چُستي پيدا ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿيون.
تاندورا/ڌاڳا: رڻائي وڻوٽا مختلف قسمن جا ڌاڳا/تاندورا مهيا ڪن ٿا جيڪي ڪيترن ئي ڪارائتن نمونن سان ڪم اچن ٿا.
گاڏڙ ساڏڙ واهپو:
1.     رِڻائي وڻوٽا جاين لاءِ ڪاٺ، هٿيار، اوزار، ڳهَه، رنگَ، کَؤنر، ٻارڻ، صابڻ، عطر وغيره مهيا ڪن ٿا. هڪ رڻائي وڻوٽ اسان کي پنهنجي رک مان سوڊيم باءِ ڪاربونيٽ يعني ڌوپَ کار مهيا ڪري ٿو.
2.    بنا ڪَنڊي ٿوهــرَ پالتو جانورن ۽ خاص طرح رِڍ جو اهم کاڌو آهن ۽ انهن کي نج ان کاڌي تي 12-هفتن تائين ڪي به خراب اثر وٺڻ بنا پالي سگھجي ٿو.
3.    ٻٻر، ٻير ۽ ٻين ڪيترن ئي رڻائي وڻن ٿا پَلڙا چاري طور ڪم آڻي سگھجن ٿا.
4.    ايفِيڊِرن (Ephedrine، هڪ قسم جو ڪيميائي مرڪب جيڪو دوا طور ڪم اچي ٿو) ۽ ٻيون ڪيتريون ئي دوائون ٺاهيون ويون آهن، جن جا مختلف ڪم آهن. ڪي سَهڪي/دَم جي علاج لاءِ ڪم اچن ٿيون.
5.    ڪِريسوٽ (Creosote) ٻُوڙو/ڊڀ نارهائڊروگئائياريٽڪ ايسڊ (Norhydroguaiaretic acid) هڪ اهڙو مرڪب آهي، جيڪو سڻڀ، تيل خلاف طاقتور اينٽي آڪسيڊينٽ (Antioxident، آڪسائيندڙ اثرن کي ختم ڪندڙ) آهي ۽ ان کي هڪ هٿرادو ٺاهيل ڪيميائي مرڪب طور ڪم آڻي سگھجي ٿو.
6.    عمومي طرح، جھنگلي (Wild) جنسن ٿي ڀيٽ ۾ اپايل سوڪاٽيل (Arid) علائقي جي وڻوٽن بابت هڪ سٺو نُڪتي نظر رکيو وڃي ٿو. ڪچي مال لاءِ دنيا ۾ وڌندڙ گُھر کي ڏسندي ممڪن آهي ته هن قسم جي اپت هٿرادو ٺاهيل مال سان چٽاڀيٽي ۾ اچي سٺو اگھ پيدا ڪري.
7.    اَنڊراچَن اَسپيرا اسپرينگ (Andrachne Aspera Spreng، ڌڻ واري کير ٻُوٽي)، يوفوربيا ڪاڊِيسِيفوليا هائينس (Euphorbia Caudicifolia Haines، ٿور)، يوفوربيا هِرٽالِن مَوئِس (Hirtalinn Mouis، ارنڊي)، يوفوربيا ڪلارڪينا ۾ زهر يا ڪُرائيندڙ ”کِير“ موجود آهي.
8.    ڊِپونيا اِليٽيَر (Dpunia Elatior، هَٿ اوٿر) ۽ يوفوربيا ڪاڊيسيفوليا، يوفوربيا ڪلارڪينا، يوفوربيا ڊريڪنڪيولائڊس، يوفوربيا گرئنيوليٽا، يوفوربيا هِرتا، يوفوربيا جوڌپورنسس، يوفوربيا پارويفلائرا رسيلا (succulent) وڻوٽا آهن ۽ پنهنجن ٿُــڙن ۾ پاڻي گڏ ڪري رکن ٿا.
9.    پينِيسيٽَم ٽائفئاڊيَم (Pennisetum Typhoideum، ٻاجھري)، رِسِينَس ڪُمُونِس (Ricinus Communis، هيرَڻ)، سيسامَم انڊيڪم (Sesamum Indicum، تِر)، سارگھم ولگيئر (Sorghum-Vulgare، جوار)، ڪئموپسِس سورالائيڊس (Cyamopsis Psoralioides، گوار)، فيزيولس مُنگو (Phaseolus Mungo، مُڱ) عام فصل آهن.
10. سڀ کان وڌيڪ عام فصل جوار ۽ ٻاجھري آهن، اهي چاري لاءِ به عام فصل آهن جن کي سُڪائي خشڪ موسم ۾ ڍور ڍڳن جي کاڄ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو.
رِڻائي وڻ ٽڻ جي ڀرپور واهپي لاءِ وڌيڪ تحقيق ضروري آهي.
ڪتابسُڌ (Bibliography)
1.     Leonard cloudsely - Thoompson, “The desert”.
2.     Ikram Ilahi Chaudhri and Muhammad Sharif Chuttar, “The Vegetation and range flora of the desert”.
3.     John Leonard Cloudsely - Thompson, “Desert Life”.
4.     E.J. Barrington, F.R.S and J. Willts, “Contemporary Biology.”
5.     Walter S. Philips, “Desert”.
6.     Dr. H.T. Sorley, “Gazetteer of Sind (including Khairpur state)
نوٽ: هيءُ ليک محترمه فرزانه پنهور جي انگريزي مقالي ”فِلورا آف ٿَـر ائنڊ ڪوهستان ڊيزَرٽس“ (Flora of Thar and Kohistan Deserts) جو ترجمو آهي.


¨  اڪيشيا: ٻٻر جي سڀني جنسن جو خانداني نالو. - سنڌيڪار
¨  جن کي اسٽيپيُولس (stipules) هجن، جيڪي ڏانڊيءَ يا ڪاني بابت ٻُڌائن ٿا جن کي ڦوٽهڙي جي جوڙي هوندي آهي جيڪا پَــنن جي مشابهت/هڪجهڙائي ٺاهيندي آهي. - مرتب

No comments:

Post a Comment