11/30/2012

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ فرد نه، پر ادارو هو - علي زاهد


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ فرد نه، پر ادارو هو
علي زاهد
کرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪـڏهيـن،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو. (شاهه سائين)
جس هجي رياضت کي،
ان کان به وڌيڪ جس لهڻي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“،
جيڪا هر سال ان مهان ماڻهوءَ جي مهانتا جا ڳڻ ڳائڻ جو اهتمام ڪري ٿي،
جنهن ماڻهوءَ کي ٻڌايو ته ماڻهو ڪهڙي بلا آهي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ياد ۾ هي جيڪو پروگرام ارينج ڪيو (سِٽيو) ويو آهي،
اهو هڪ فرد کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ناهي،
اهو سڀ ڪجھ ته ان اداري لاءِ آهي جيڪو تمام گھڻ رُخو آهي،
ٻولي، تاريخ، سياست، ادب، سماجي ڀلائي، مطلب ته هر حوالي سان هڪ مڪمل ادارو،
ان اداري جو نانءُ آهي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو.

11/29/2012

ديپ، جيڪو نه دونهاٽيو - علي آڪاش


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو:
ديپ، جيڪو نه دونهاٽيو
علي آڪاش
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارين ڪڪوريو.
لطيف جي هن بيت ۾ ٻي سٽ جو اڳيون پد ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، ته ”پتنگ جيئن پيدا ٿيو“، جنهن مان مراد اها آهي ته هن جنم ئي ان ڪري ورتو ته هو قرباني ڏئي، ۽ اها به روشنيءَ تان، جوت تان. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سان اها تمثيل ٺهڪي اچي ٿي ته ”پتنگ جيئن پيدا ٿيو“ ۽ روشنيءَ جي روح ۾ لهي ويو.
”ڍءُ ۽ بک“ انساني زندگيءَ جا ٻه اهڙا پاسا آهن، جيڪي ڌار ڌار سوچن، احساسن ۽ تصورن کي اڀارڻ جو سبب بنجن ٿا. هڪڙا ماڻهو هن جهان ۾ اهڙا آهن، جيڪي سڄي ڏينهن جي سخت پورهئي کان پوءِ به پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچڙن جي پيٽ قوت جو بندوبست نه ٿا ڪري سگھن ۽ ٻيا اهي آهن، جن وٽ هڪ ويلي جي لنگھڻ ڪاٽڻ جو ڪو به تصور ناهي، کين اها ڳالهه سمجھه ۾ ئي نه ايندي ته بک نالي به دنيا ۾ ڪا شي آهي. پر انهن ٻنهي کان سواءِ به هڪ نسل، هڪ ٽولو اهڙو به آهي، جيڪو بک کي ترجيح ڏئي ٿو، ڪنهن مقصد لاءِ، ڪنهن پرينءَ جي پار کي رسڻ لاءِ، ڪنهن وسنهن کي ويجھي ٿيڻ لاءِ. هيءُ ماڻهن جو اهو نسل آهي، جنهن کي بک پاڻ اختيار ڪيل هوندي آهي ۽ ان دائري ۾ جيڪي به سڄاڻ ذهن اچيو ٿا وڃن، اهي هن دنيا جون لذتون ماڻڻ لاءِ ۽ انفرادي ۽ ذاتي مفادن لاءِ ماسو مال ميڙي سگھن ٿا، پر نه، اهي پنهنجن خوابن، امنگن ۽ خواهشن کي ذات جي ديڳڙي رڌي کائڻ جا قائل نه هوندا آهن، انهن جون نشانيون لطيف اسان کي هيئن ٻڌايون آهن:
بک وڌائون بگرئين، جوڳي ڪندا جڃ،
طلب نه رکن طعام سين، اوتيو پيئن اڃ،
لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مڃ،
سامي جھاڳي سڃ، وسنهن کي ويجھا ٿئا.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به انهن ڏاهن ماڻهن مان هو جن بک کي ڍوَ تي ترجيح ڏني هئي. هو پيشي جي لحاظ کان هڪ ڊاڪٽر هو، ۽ اهو به ٺاهوڪو ڊاڪٽر هو. هن پنهنجي ڊگري ايل ايم سي مان پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي حاصل ڪئي ۽ پنهنجي دور جو ذهين ترين شاگرد رهيو. هو جيڪڏهن مال ميڙڻ جي واسنا جي وسيهر جي ور چڙهي ها، ته لکن تي مٿو ڌوئي سگھي ها، پر سڄي صورتحال ان جي ابتڙ هئي. هن ڊاڪٽريءَ کي پيش طور مڪمل نموني پنهنجائڻ کي وقت ۽ صلاحيتن جو زيان سمجھيو. هن لاءِ هر ايندڙ پل هڪ مقصد هو. سندس ڪلينڪ مريضن جي چڪاس جي جاءِ کان وڌيڪ هڪ ريسرچ سينٽر لڳندي هئي، جتي هر پاسي ڪتابن جا ڍير سَٿيا پيا هوندا هئا ۽ جنهن ڊاڪٽريءَ واريءَ ميز تي هو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو، اتي ڪنهن به دارون درمل واري ڪمپنيءَ جا قلم دان، بروشر ۽ سيمپلَ نه هوندا هئا، پر ان جي جاءِ تي ميز جي ٻنهي ڪنارن سان باترتيب نموني سائنس، فلسفي، تاريخ ۽ ٻوليءَ وغيره جا ڪتاب رکيل هوندا هئا، جن جي وچ واري وٿي مان هو سدائين لکندي نظر ايندو هو. هتي لکندي پڙهندي، ان ڪري نه ٿو لکجي، جو ڪلينڪ ۾ ڪڏهن به مون کيس پڙهندي نه ڏٺو ۽ ان کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه هيءَ آهي، ته سندس ميز تان ڪو به ڪتاب کڻبو هو ته اهو سڄي جو سڄو ليڪيل هوندو هو ۽ ان تي سنهڙن ننڍڙن اکرن سان نوٽس لکيل هوندا هئا، ۽ اسين اهو سوچي اچرج کائيندا هئاسين، ته ڊاڪٽر نيٺ پڙهي ڪهڙي وقت ٿو؟ ان راز تان پردو سندس دوستن کنيو، جن ٻڌايو ته هو دير تائين جاڳي پڙهڻ جو عادي هو. کيس سويل ئي سوڙ تاڻي پير ڊگھا ڪري سمھڻ جي هير نه هئي، هن جا نيڻ ننڊ جا هيراڪ نه هئا. هن جي روح جو ورد هيءَ سٽ هئي:
ستا  اٿي  جاڳ،  ننڊ نه ڪجي ايتري.
ڀلا جاڳجي ته ڇو؟ ان ڪري جو:
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
آئون اڄ جڏهن هي سٽون لکڻ ويٺو آهيان ته ذهن جي ساحل تي، اهو سوال ڪنهن ناوَ جيان اڄاتي پار کان آيو آهي، ته نيٺ ڊاڪٽر محبت وٽ سلطاني سهاڳ جو مطلب ڪهڙو هو: خزانو، نوڪر چاڪر، لشڪر، شاهي تاج، خلوت فاخره، نيٺ ڇا؟ ان سوال جي ٻيڙيءَ کي اسين هن جواب جي کاريءَ ۾ لاهي سگھون ٿا ته ڊاڪٽر محبت وٽ سلطاني سهاڳ جو تصور ان جي ڪيل پورهيي مان ٿي سگھي ٿو. سندس کنيل هر وک، هر ڏٺل سپني، هر سوچيل سوچ، هر نهار جو مرڪز سنڌ هئي. سنڌ، جا ازل جي راضپي جو هن ڪائنات جي هٿ ۾ پروانو آهي، جيڪا ڪنهن جوڳيءَ جو گيڙو رتو ويس آهي. ها، ان لاءِ هن پورهيو ڪيو ۽ ان لاءِ لنگھڻ ڪاٽيا ۽ پيٽ سان پٿر ٻڌي به هن سنڌ جي مانگ ۾ سندور سجائڻ ٿي چاهيو، ان جي چوٽيءَ کي رابيل جي گجرن سان مهڪائڻ ٿي گھريو. هن پنهنجي ذات جي سڀني رستن ۽ وهڪرن کي پنهنجي وطن ۽ واسين ڏانهن موڙيو هو. هو هڪ مست قلندر ماڻهو هو، جنهن سڀ ڪم اڪيلي سر کنيا ۽ انهن کي پوري ڪرڻ ڏانهن ڏينهن رات جا سنڌا واري ڇڏيا:
نڪـو رات، نه ڏينـهـن، ساجـن تنـهـنجـي سار ۾،
نج   نبار   نينهن،   جانب!  تنهنجي   جُوءِ   ۾.
ان نينهن جي ناتي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ اتان جي ماڻهن جي ڀرم، عزت، مانَ، آجپي ۽ آسودگيءَ لاءِ هن پاڻ پتوڙيو، ۽ جان لائي جاکوڙيو. هن لاءِ سلطاني سهاڳ اهو ئي هو.
هونءَ ته اسين ماڻهو، هي مري ويل سڄاڻ ماڻهوءَ جي لاءِ اها راءِ رکندا آهيون ته هو پنهنجي ذات ۾ فرد نه پر ادارو هو، پر سچ پچ، ڪنهن به منافقي ۽ ملاوٽ کان سواءِ ڊاڪٽر محبت پنهنجي ذات ۾ ادارو هو، ڇاڪاڻ ته جدليات، مارڪسزم، سائنس، فلاسافي، ٻولي ۽ ادب جي ميدان ۾ هن ايترو باضابطا، سڦلو ۽ اهم ڪم ڪيو، جو ڪيترائي ادارا به ملي شايد اوترو نه ڪري سگھن. مون کي ان سلسلي ۾، هڪ يادگيري سارجي آئي آهي، ته اسين قنبر شهر جي هڪ هوٽل جي ڇت تي هڪ ڪنڊائتي ٽيبل تي ويٺا هئاسين، جتي جامي چانڊيي، ڊاڪٽر محبت، ستار هڪڙي، خادم رند کان سواءِ ٻيا ڪيترائي سڄاڻ دوست هئا. ان وقت ڊاڪٽر صاحب سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جي پيڙهه جو ڪم گھڻي قدر مڪمل ڪري روتو هو. گفتگوءَ جو پورو مرڪز سنڌي ٻولي هئي. ڊاڪٽر محبت پنهنجي ان وقت تائين ڪيل ڪم جو تفصيل ٻڌايو ته جامي چانڊيي حيران ٿي چيو ته هُو ته حيران آهي ته ڪو ماڻهو اڪيلي سر ايترو ڪم ڪري سگھي، ان لاءِ ته هڪ پوري اداري جي ضرورت آهي. پوءِ بحث هڪ نئون موڙ ورتو ته سنڌ ۾ ادارن جي کوٽ ۽ جيڪي به بحال آهن انهن جي غير فعال هئڻ جي ڳالهه نڪتي ۽ سڀ ان نقطي تي سهمت ٿيا ته جنهن به سماج ۾ ادارن جي اڻاٺ هوندي آهي، اتي فردن کي ئي ادارن جون خدمتون سرانجام ڏيڻيون پونديون آهن ۽ ڊاڪٽر محبت هر بارُ کڻڻ لاءِ تيار هو. اهو ئي سبب آهي جو هن کي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي اهم ۽ بنيادي موضوعن تي هٿ پهچ حاصل هئي. هي لفظَ پڙهندي متان ڪو ايئن سمجھي ته هيءَ فقط لٻاڙ يا ڊاڙ آهي، پر ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڇپايل ڪيترائي ڪتاب ان جي شاهدي آهن ۽ اڪيڊمي وارن دوستن جو چوڻ آهي ته سندس ڪم جو اڃا هڪ حصو ئي ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ اچي سگھيو آهي. آئون هتي سنڌ جي ادارن جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو، ۽ کين اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ڊاڪٽر محبت جھڙي ماڻهوءَ جي ڇڏيل ڪارائتي پورهئي کي سانڍي سهيڙي ان کي ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ کين پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو به ادارو سندس ڇڏيل ڪم کي هٿ ۾ کڻي ٿو ته اهو سندن ڪنهن فرد، گروهه يا ٽولي تي ٿورو نه ٿيندو، پر اهي سنڌي ماڻهن جي شعور جي سطح ۾ هڪ مناسب اضافي ڪرڻ جو سبب بڻجندا.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شعوري زندگيءَ کي ٻن واضح حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: پهرين حصي ۾ هن جي سياسي زندگي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي وطن ۽ واسين جي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻڻ جا خواب ڏٺا، انهن خوابن جي ساڀيا لاءِ هن عملي سياست ۾ حصو ورتو ۽ ڀريا ٻه ڏهاڪا هن ان تعبير جي پنڌ تي رڙهندي ۽ وڙهندي گذاريا. سياست هن لاءِ پنهنجي ذاتي مفادن جي حاصلات جو گس نه هئي. هن سياست سان پنهنجي وابستگي ۽ مڪمل وابستگيءَ جو اظهار ان ڪري ڪيو، جو کيس اهو احساس هو ته جيستائين هن جو ديس ۽ ديس واسي خوش ۽ خوشحال نه آهن ان وقت تائين سندس ذات ۾ به سڪون نه اچي سگھندو. اهو سڄو دور هُو ”ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻ گھرجي؟ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ جي سوالن کان اڳتي وڌي هڪ واضح نڪتي تي واڳ وٺي هليو. سندس خيال هو ته ان وقت تائين سنڌي ماڻهو پنهنجن حقن جي حاصلات کي ممڪن بڻائي نه سگھندا ۽ پنهنجي عزت نفس، آجپي ۽ نجات لاءِ پاڻ ڇنڊي اٿي نه بيهندا، جيستائين اهي اهو نه سمجھن ته هيءُ سڀ ڪجھه غلط ٿي رهيو آهي، اسان جي تاريخي، سماجي، قومي، ثقافتي ۽ اقتصادي حقن ۽ مفادن تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي ۽ کين ذليل ڪرڻ ۽ غلام بڻائڻ لاءِ هر وک تي بند ۽ هر احساس تي زنجير وڌا ويا آهن. ان سوچ کيس علم ۽ شعور جي جوت پکيڙڻ تي اتساهيو. هن وستيون واهڻ جھاڳيا، وڏيون، ڊگھيون، معناخيز تقريرون ڪيون، ماڻهن کي سمجھايو، اتساهيو ۽ ڪجھ ڪرڻ تي اڪسايو. هن سياست ۾ نظرياتي ويڙهه جا ڪيئي گر سمجھايا، پنهنجي پارٽي (عوامي تحريڪ) جي ميمبرن جي سياسي ترتيب لاءِ ڪيترائي ليڪچر ڪيا. اڄ سندس پنجن سوَن کان وڌيڪ، مختلف موضوعن تي، سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيل ليڪچر رڪارڊ ٿيل آهن. مطلب ته سندس سياسي نظريو اهو هو ته جيستائين ماڻهو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ اٿي نه ٿو بيهي، تيستائين ڪا به تبديلي، ڪو به انقلاب نه ٿو اچي سگھي. پر سياست جتي پنهونءَ جي پار وڃڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻ، رائي رڻ ۾ ڪاهڻ ۽ ڏونگر ڏولاوا به آهي، ته اتي مومل جي ڪاڪ جو طلسم ۽ جادو به آهي. هڪ موڙ تي اچي هن ۽ سندس ساٿين اهو محسوس ڪيو ته هُو جن طي ٿيل مقصدن کي سامهون رکي سياست ۾ داخل ٿيا هئا، ان جو رخ هاڻ مٽجي رهيو آهي، ناکئا ناوَ کي هڪ ”نئين رخ“ ۾ هاڪاري رهيا آهن ۽ سير ۽ وير سان الجھڻ بجاءِ انهن سڻائو ۽ سڻڀو دڳ اختيار ڪيو آهي، ته هن پنهنجي ساٿين سميت ان سياسي پارٽيءَ کان علحدگي اختيار ڪئي. ائين سندس ساٿي تمام گھڻا مايوس ٿيا، ڇو ته انهن نوجوانيءَ ۽ جوانيءَ جو پورو عرصو سياست کي ارپيو هو، ۽ هڪ انقلاب جي خواهش، انهن جا سماجي ۽ اقتصادي طور لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا ۽ زندگي هنن لاءِ هڪ بيڪار شي بنجي وئي هئي ۽ کين محسوس ٿيو، ته هو اهي سوداگر آهن جن کان واٽ ويندي سمورو سڦرو وڻج کسيو ويو هجي ۽ هاڻ هو مفلس ۽ ڪنگال آهن، پر ڊاڪٽر محبت بس ڪري نه ويٺو، هن سياست جي نامراديءَ ۽ مايوسيءَ کي هڪ نئين امنگ جي جيءَ جيار ۾ تبديل ڪيو ۽ هو تحقيق جي ميدان ڏانهن هليو آيو. اهو ڊاڪٽر محبت جي زندگيءَ جو ٻيو ۽ آخري دور آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ تي ڪم شروع ڪيو ۽ خاص طور سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جو جديد ۽ سائنٽيفڪ نموني تيار ڪرڻ جو خاڪو ٺاهيو ۽ ان سلسلي ۾ هن بنيادي ڪم ڪيو ۽ ڪنهن به گھڙيءَ جي واند کان سواءِ هن پورهيو ڪيو. مون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سهيڙيل جامع سنڌي لغات جا پنج جلد وٽس رکيل ڏٺا. اهي ڊڪشنريون اڄ به شاهد آهن ۽ اها ڳالهه آئون دعوى سان چئي سگھان ٿو ته ان ڊڪشنريءَ جي ڇپجڻ کان پوءِ جنهن به ماڻهوءَ ان جو اکر اکر، لفظ لفظ پڙهيو آهي ۽ فقط پڙهيو ئي نه پر ان تي سوچيو ۽ ويچاريو آهي، اهو فقط ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي. مون وٽس اهي ۽ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جو ٻيون لغتون، سڄي جون سڄيون، ليڪيل ۽ حاشين کان نوٽن (notes) سان ڀريل ڏٺيون.
پر افسوس جو زندگيءَ هن کي گھڻي مهلت نه ڏني ۽ دل جي روڳ جو اڙٻنگ سوار سندس روح جي ڪرهي کي ڏور ڪنهن اجاتي ماڳ ڏي ڪاهي ويو ۽ هو هڪ ڀري ڪچهريءَ مان ڪُمهلي اٿي ويو، ۽ پوئتان ڇڏي ويو دک جا دائرا لامحدود دائرا، يادگيرن جي هَڙَ جيڪا ساهه جي سانڍڻ کان ڳري آهي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اهڙو سُرت وند ڪنڀار هو، جنهن مٽيءَ ۽ پاڻيءَ (آب و گل) کي ملائي جيڪو چاڻو تيار ڪيو هو، اهو کيس اڃا چڪ تي چاڙهڻو هو ۽ ان کي لسائي پچائي سنڌ جي جديد ۽ نئين دور جي ماڻهوءَ جو روپ ڏيڻو هو. هو انڌيري رات ۾ جگنوئن جو جھرمٽ هو، جيڪو روشنيءَ جي احساس جي سلامتيءَ جو سبب بنجندو آهي ۽ سدوري صبح تائين جاڳڻ جو اتساهه اڀاريندو رهندو آهي:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.

11/27/2012

وڻوٽ بادشاهت ۽ جانوٽ بادشاهت - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


وڻوٽ بادشاهت ۽ جانوٽ بادشاهت
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
هن ڌرتيءَ تي جيڪي به ساهوارا يا جاندار موجود آهن انهن کي ٿلهي ليکي ٻن وڏين بادشاهتن يا ٻن وڏن راڄن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:
(1) وڻوٽ بادشاهت يا وڻوٽ راڄ جنهن ۾ هر قسم جو ننڍو توڻي وڏو وڻ، ٻوٽو، گاهه، ڀاڄي، اوڀڙ وغيره سڀ شامل آهن ۽
(2) جانوٽ بادشاهت يا جانوٽ راڄ جنهن ۾ هر قسم جو ننڍو توڻي وڏو جانور، جيت، پکي، مڇي، ڪوڏ وغيره سڀ شامل آهن.

11/26/2012

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا وفات کان پوءِ ڇپيل 12-ڪتاب - احسان دانش


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا وفات کان پوءِ ڇپيل 12-ڪتاب
هڪ جائزو
احسان دانش
زندگي به ڄڻ ڪا عجيب ڳجهارت آهي يا وري ڪو منجهيل سُٽ، جنهن کي ماڻهو جيترو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اوترو ئي الجهندي ئي ويندي آهي. جيوَن جي ان ڳـٺ جوڙ ۽ ڊُڪ ڊوڙ ۾ ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن جي وقت جي سيما پار ڪري سڦلتا ماڻي سگهندا آهن، باقي اڪثر ماڻهن جو درد ئي مقدر بڻبو آهي. درد جيڪو دل جي ديوارن کي ڌوڏي ڇڏيندو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن وجود کي ريت جي ذرن جيان وکيري ڇڏيندو آهي. ٿورا ماڻهو هوندا آهن جن کي حياتيءَ ۾ محبت جا ڪي اهڙا پل ملي ويندا ويندا آهن جيڪي جيون جو اڻ کٽ سرمايو بڻجي ويندا آهن. هونءَ ته محبت هڪ احساس آهي جيڪو من جي آڳر تي مسرت جا گل مهڪائي ٿو، پر جڏهن اهو ساڳيو احساس ڪو وجود بڻجي اڳيان اچي، ته اهو محبت ٻرڙي کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي.

11/25/2012

ڪهاڻيون ”محبت“ جون - سعيد سومرو



ڪهاڻيون ”محبت“ جون
سعيد سومرو
آدم ازل کان اظهار جو اتاولو رهيو آهي، کيس جڏهن به، جيئن به، اندر-اور لاءِ ڪو به طريقو هٿ آيو آهي، ته هن بنا ڪنهن مصلحت جي ان کي پنهنجائپ آرپي آهي، پوءِ ڪڏهن ڪويتا جي رنگ ۾، ته ڪڏهن افساني/ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ هن پنهنجن جذبن جي پالوٽ پئي ڪي آهي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڳالهه/داستان/افسانو/ڪهاڻي بنيادي طور سماج ۾ وجود جي اڻ ڳڻت ڏي وٺ پڄاڻا، انساني دل جي وندر جو پهريات ذريعو هئا/آهن ـــــــــ وڏن کان ٻُڌو، ڪتابن ۾ پڙهيو: سڄي ڏهاڙيءَ جي ٿڪ هاڻي ڏي وٺ وهامڻ پوءِ، جڏهن ملوڪ مڙندا هئا ته خيال مٽ واري تصور سان ٿيل ۽ گھڙيل وارتائون هڪ ٻئي جي گوش گذار ڪندا هئا، پر هاڻ وقت بيحد مصروف ماڻهو ٿي ويو آهي، وٽس ڪو به لمحو واندڪائيءَ وارو ناهي، اڳ جيئان مچ جي تاءُ تي ۽ پاري هاڻي چنڊ-رات سمي ڪنهن ڏاهپيءَ ڏوٿيءَ کان، ڪا جيءَ ۾ ڪتڪتايون ڪندڙ، ”ڳالهه کڻائڻ“ واري محبوب رسم ناهي رهي. ان جي مٽا ۾ لوڪين جو اندر وندرائڻ لاءِ اپار شيون جنم وٺي چڪيون آهن، ڳالهه کڻڻ بدران هاڻ ڪٿائن جا ڪتاب، ناول، ڊراما وغيره اچي ويا آهن، جن اندر سماج جي ذليل مهانڊي سان گڏ سون سريک سچيون مسڪراهٽون رقصان آهن. ان ڳالهه کان ڪو اڻ ڄاڻڪ نابري واريندو ته اڄوڪي اتهاس جو پهريٽو چٽو عڪس اڄوڪيون لکتون ناهن. اهي هر طرح جي روين کي وائکو پيون ڪنديون اچن. ڪڏهن ”ادب براءِ ادب“ ڪڏهن ”ادب براءِ زندگي“ جي نظرين سان اهي لکتون اسان آڏو همرچو وجھن ٿيون.

11/22/2012

محبّت - احسان دانش


محبّت[1]
احسان دانش
زندگي ڇاهي؟
روشنيءَ جو سفر.
موت ڇا آهي؟
درد جي چادر.
۽ محبّت
ها محبت ڇاهي؟
ڪو ٻڌائي، ڪو سڻائي مون کي.

11/19/2012

هڪ کاهوڙي اديب ۽ ڏاهو - ليکڪ: منير چانڊيو



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: هڪ کاهوڙي اديب ۽ ڏاهو
ليکڪ: منير چانڊيو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
دنيا جي هر سماج ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو، ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن. انهن مان هڪ قسم جي طبقي ۾ سامراجي، جاگيردار، سرمائيدار، ڦورو ۽ انسان دشمن رويا رکندڙ فرد اچي وڃن ٿا، جڏهن ته ٻئي طبقي ۾ انسان دوست، پورهيت، غريب، سيڪيولر، ترقي پسند، مظلوم ۽ محڪوم طبقي جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ، اجائي وهم پرستيءَ، عقيدي پرستيءَ ۽ خيال پرستيءَ کي عقل، دليل، منطق ۽ سائنس ذريعي رد ڪندڙ، انسان دوست ۽ روشن خيال قدرن کي تخليق ڪري انهن کي اُڀار ڏئي ۽ ان کي اڳتي وٺي ويندڙ اعلى آدرشي انسان شامل آهن. انهن جو ذهن، عقل ۽ سمورو علم ڪنهن ڦورو، ظالم، جاگيردار، سرمائيدار ۽ پير، مير، نواب، وڏيري جي چائنٺ جي غلام ٿيڻ، ان طبقي کي فائدو ڏيڻ بدران، ان طبقي جي سرمائيداراڻي ۽ سامراجي روايتن، وهم پرستيءَ ۽ غلاماڻي سوچ کي ٿڏي، پنهنجي زندگيءَ جو پَل پَل پنهنجي وطن ۽ ان جي مسڪين مارن جي ڦٽل نصيب سنوارڻ ۽ پنهنجي قوم جي تاريخ ۾ سونهن ۽ سينگار پيدا ڪرڻ لاءِ وقف ٿئي ٿو.
سچ ته اهڙن اعلى آدرشي انسانن مان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به هڪ هو، جنهن پنهنجي سموري شعوري ڄمار پنهنجي وطن سنڌ ۽ ان جي مظلوم، محڪوم، ڦُريل ۽ لُٽيل مارن جي حقن لاءِ جاکوڙيندي گذاري.

11/18/2012

جھڙو نالو، تهڙو ماڻهو (تاثر) - ڀائو درمحمد ٻرڙو



جھڙو نالو، تهڙو ماڻهو (تاثر)
ڀائو درمحمد ٻرڙو
محبت، پنهنجي نالي جي مفهوم کان به وسيع معنيٰ ۽ مقام رکندڙ ڄاڻ جي دنيا ۾ يونيورسٽي کان به وڏو ادارو هئو. جنهن قنبر جھڙي جنوني شهر ۾ علم جي روشنين ۽ محنت سان هزارين ڳجھن، اونداهيءَ جي هيراڪ دقيانوسي سوچ رکندڙ بڻياد پرست ڪيئي علمي ۽ عملي مقابلا ڪيا، جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي نوجوانن اکيون کولي حقيقي علم جو اصلي ذائقو چکيو، ٻن مان ٻارنهن ٿيا، ٻارنهن مان ٻاويهه سَو ٿيا، پر محبت جي علم جو ونڊ سياسي، سماجي، ادبي، ثقافتي، انقلابي، ارتقائي طور جاري ۽ ساري رهيو.

مِٽيءَ جي ڍل ڏاڍي ڳري آهي (تاثر) - علي زاهد



مِٽيءَ جي ڍل ڏاڍي ڳري آهي (تاثر)
علي زاهد
هُو جيڪو ٻوليءَ جو ماهر هو،
علم الانسان جو اڪابر هو،
طب جو طبيب هو،
سائنس جو شوقين، فلسفي جو ڄاڻو هو،
فرمانبردار پُٽ، محبتي ڀاءُ، داناءُ دوست ۽ شفيق پيءُ هو، جنهن جي شفقت مان ماءُ واري ممتا جي پڻ جھلڪ ملندي هئي.
ٻين کوڙ ساترين خوبين سان گڏ،
هُو جيڪو تاريخ جو به وڏو حافظ هو،
اڄ اسان ۾ موجود ناهي.
اڄ هُو پڻ تاريخ جو حصو بڻجي چُڪو آهي،
سنڌ جي اها تاريخ، جيڪا سونهري اکرن ۾ لکي ويندي آهي.

11/13/2012

ڊاڪٽر محبت جو ڪتاب ”يادون ۽ سُڪون“ - شبير حسين شبير



ڊاڪٽر محبت جو ڪتاب ”يادون ۽ سُڪون“
شبير حسين شبير
مون اڃا تائين سندس ڪتاب جون اڌ ڪهاڻيون رينڊم وائيز (بي ترتيب) پڙهيون هيون، پر جڏهن ان ڪتاب تي رياضت لکڻ لاءِ چيو ته وري ورائي ڪهاڻيون پڙهيون ۽ ائين هي ڪتاب به انهن ڪتابن ۾ شامل ٿي ويو جن کي مون پورو پڙهيو هجي.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
بهرحال سچ ته ڪتاب تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو. ذهن جي ڊڪشنريءَ منجھان لفظ ڄڻ غائب ٿِي ٿي ويا. سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪيئن لکجي!
ڊاڪٽر محبت جون مختلف موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون پنهنجن موضوعن جي چوڌاري موجود ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون جن ۾ معاشرو مرڪزي نُڪتي جي حيثيت رکي ٿو.
ائين سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح معاشري جو منهن ڪهاڻين جي آئيني ۾ ظاهر ڪري پڙهندڙن جي ذهني در آڏو پيش ڪيو ويو آهي.

محبت، ماڻهو ۽ ماڻهپو - احسان دانش



محبت، ماڻهو ۽ ماڻهپو
احسان دانش
منهنجو گذريل ٻارنهن، تيرهن سالن کان قلم قبيلي سان تعلق رهيو آهي. گوشانشينيءَ جي باوجود سنڌ جي ڪيترن ئي باشعور ڏات ڌڻين سان محبت جو رشتو رهيو آهي، خصوصاً لاڙڪاڻي ضلعي جي شاعرن ۽ اديبن سان نيازمنديءَ جو رستو آهي، پر اهو حسن اتفاق چئجي جو ايڏن سالن ۾ منهنجي ڊاڪٽر محبت سان ملاقات نه ٿي سگھي. مان نه ٿو ڄاڻان ته ڊاڪٽر محبت طبيعت ۽ مزاج جي حوالي سان ڪيئن هيو، پر اهو علم آهي ته ماڻهوءَ تي سندس نالي جو تمام گھرو اثر ٿيندو آهي. ان ڪري آءٌ اها اڻ ڏٺي شاهدي ڏئي سگھان ٿو ته محبت وٽ ڪنهن لاءِ نفرت نه هوندي، جي هوندي ته نفرت لاءِ نفرت.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
جيتوڻيڪ هڪ جذبي ۽ هڪ ماڻهوءَ ۾ مادي حوالي سان فرق ٿئي ٿو، پر ڪجھه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي جذبن تي حاوي ٿي ويندا آهن. مون جڏهن شاعري شروع ڪئي هئي ته ’محبت‘ سان منهنجي هڪ خوبصورت جذبي طور شناسائي ٿي هئي، پر مون کي اها خبر نه هئي ته ان جذبي جي روپ ۾ ماڻهپي سان ڀرپور هڪ ماڻهو به ٿي سگھي ٿو.
ماڻهو ته اهو به هيو جيڪو غارن ۾ رهندو هو ۽ اهو به ماڻهو ئي هيو، جنهن پنهنجي اوگھڙ کي پنن سان ڍڪي شعور جي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيو. اهو به ماڻهو هو جنهن پٿر مان شيون يا هٿيار ٺاهي، ڦيٿي جي ايجاد تائين، تخليقي سفر جو آغاز ڪيو، ۽ اڄ ڪمپيوٽر کان وٺي خلائي شٽلز ۽ سيٽ لائيٽ سسٽم تائين ماڻهو ترقيءَ جون الائي ته ڪيڏيون منزلون طي ڪري چڪو آهي، پر اهو ئي ماڻهو ايڏي ترقيءَ سان گڏ تنزل ڏانهن به تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. نيپام، ائٽم ۽ هائيڊروجن بم به انهيءَ ماڻهوءَ جي ايجاد آهن، ان جو مطلب تخليق ۽ تخريب گڏ گڏ سفر ڪيو آهي.

11/11/2012

ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار- رياضت ٻرڙو



ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون
۽ انهن جا ڪردار
(هڪ جائزو)
رياضت ٻرڙو
ڪتاب ”يادون ۽ سُڪونُ“ (2001ع) ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون ڪل 14 تخليقي ڪهاڻيون آهن. هتي انهن ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل ڪردارن جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
پهرين ڪهاڻي ”بهترين بوٽ“: هيءَ ڪهاڻي ضمير متڪلم جي صورت يعني ”مان“ ۾ لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪل ٻه ڪردار هڪ ’مان‘ ۽ ٻيو دڪاندار، جنهن جو نالو ’انجم‘ آهي، پيش ڪيل آهن. ڪردار ’مان‘ پُختو بوٽ وٺڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هن مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنيگي جا 6 اصول ياد ڪيا آهن جيڪي هي آهن:
(1) مُرڪڻ،
(2) نالو ياد ڪري مِٺي آواز ۾ سڏڻ،
(3) ٻين ۾ سچي دلچسپي وٺڻ،
(4) ماڻهن جون ڳالهيون توجھه سان ٻڌڻ ۽ کين پنهنجين ذاتي ڳالهين ڪرڻ تي اڀارڻ،
(5) مخاطب جي دلچسپيءَ وارين شين بابت ڳالهه ٻول ڪرڻ، ۽
(6) دل جي خلوص سان سندن تعريف ڪرڻ.

ڪتاب ”يادُون ۽ سُڪونُ“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جي ڪتاب
يادُون ۽ سُڪونُ“ جو پيش لفظ
رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا جيڪي به ڪتاب ڇپيا آهن، اهي سياسي-تنقيدي ادب، مضمون نويسيءَ ۽ تحقيق بابت آهن، جھڙوڪ: ...جيڪو سچ چوي، سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي، سنڌي مار سورما، اٽڪ قلعي کان (ترجمو)، انسائيلڪوپيڊيا سنڌيڪا، ماڻهو ۽ ماڻهپو، ۽ اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون. ان حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سياسي تنقيد نگار مضمون نويس ۽ محقق جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو، پر جڏهن سندس ڪهاڻين جو اڀياس ڪيون ٿا، ته پوءِ يقين سان چئي سگون ٿا ته جيڪڏهن هو سياست جي وهڪري ۾ پنهنجون لهرون پيدا نه ڪري ها ۽ بعد ۾ مضمون نويسيءَ توڙي مقالا نگاريءَ ۾ پنهنجي ذهني ولوڙ سڦل ٿيندي نه ڏيکاري ها ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي جمال ابڙي ۽ امر جليل جي دورن کان پوءِ ”محبت جو دور“ ڏئي سگھي ها.

11/10/2012

ڌرتي: منهنجو گهر (حصو ٻيو/آخري) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڌرتـــي: منهنجو گهر
(حصو ٻيو/آخري)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سهيڙ: رياضت ٻرڙو
هڪ وڏو چقمق
وارن کي ڦڻيءَ سان سنواري يا ڦڻي وارن سان گَسائي، اها ڪنهن وارَ، ڪَکَ يا ڌاڳي جي ڀرسان جھليو. ڦڻي وار، ڪک يا ڌاڳي کي ڇِڪي/ڊُوهي پاڻ سان چنبڙائي ڇڏيندي ـــــــــــ ايئن ڪرڻ سان ڦڻيءَ ۾ هلڪين شين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺڻ جو گڻ پيدا ٿي پيو آهي. جنهن به شَي ۾ ٻيءَ ڪنهن به شي کي پاڻ ڏانهن ڊُوهي/ڇِڪي وٺڻ جو گڻ هجي، ان کي چقمق يا مقناطيس چئجي ٿو. مقناطيسي/مقنائي گڻ رکندڙ شَي ڪو پٿر به ٿي سگھي ٿو، ته ڪو ڌاتو به، ۽ ڌرتي به، ته چنڊ، سج ۽ ڪو ٻيو تارو به.

آبهوائي تبديليون ۽ انهن جو اتهاس تي اثر- ايم.ايڇ. پنهور/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



آبهوائي تبديليون ۽ انهن جو اتهاس تي اثر
ايم.ايڇ. پنهور/
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

باب پهريون
سڃاڻپ
گھڻا ئي آبهواڄاڻڪ (Climatologists) اتهاس نه ٿا پڙهن جنهنڪري اهي آبهوائي تبديلين ۽ اتهاس جي وچ ۾ موجود ڳانڍاپي کي سمجھي سگھڻ لائق نه ٿي سگھيا آهن. ڪي ئي اتهاسڄاڻڪَ (Historians) مُندَڄاڻ (Meteorology، مندڀياس) ۾ دلچسپي نه ٿا وٺن، جنهنڪري اُهي اِهو پرکي نه ٿا سگھن ته آبهوا به اتهاس تي ڪو اثر وجھي ٿي. اهي حقيقتون ڄاڻڻ باوجود ته آبهوائي تبديلين ويجھڙ وارن ورهن ۾ ساحل (Sahel) ۽ ٿر ۾ سوڪهڙو (Drought) پيدا ڪيو آهي، ججهن ۽ ڳَرن مِينهنِ ٻوڏ آندي ۽ ٿــڌين لهرن فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن به اتهاسڄاڻڪن ڪا پرواهه نه ڪئي آهي. زرعي تعليم ۽ مندڄاڻ سان تمام گھٽ اهميت واري موضوع جھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾، نه ته مندڄاڻڪن ۽ نه ئي وري زرعي ڪارڪنن ڪُڙمين کي اهو چِٽو ڪري ٻڌائڻ لاءِ ڪو تحرڪ (Initiative) ورتو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ جيڪڏهن تاءَ }تابش[1]{، واچَ }واءُ، {Wind جي رفتار ۽ گِهم ۾ هاڃيڪار تبديلين جو امڪان هجي تڏهن ڪهڙا ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن. آئِيس لَئنڊ، چِلي (Chile)، صحارا ۽ مرڪزي ايشيا ۾ آبهوائي ڪيفيتون ڪيئن سنڌ جي آبهوا تي اثر وجھن ٿيون، انهن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڏنل آهي.

جناب ايم.ايڇ. پنهور ڏانهن خط-1 / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



جناب ايم.ايڇ. پنهور ڏانهن خط-1
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مانوارا سائين ايم. ايڇ. پنهور صاحب
سدا خوش، سُکيا ۽ سلامت رهو.
ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ (ڪ ڊ س) جا پهريان هڪ سَو کن صفحا ۽ توهان جي مضمونن واري فوٽو اسٽيٽ مجموعي ”Ancient Sindh“ (اينشَنٽ سِنڌ) مان ٽي کن مضمون ترجمو ڪري چڪو آهيان. ان سان گڏ توهان جي لکيل مواد مان جيترو ڪجھ پڙهيو اٿم ان جي بنياد تي آءٌ پاڻ کي اها ڳالهه چوڻ ۾ حق بجانب ٿو ڀايان ته ڪي ڳالهيون ڏاڍيون مُنجھيل آهن. مثال لاءِ ”سامونڊي سطح ۾ تبديليون“ پيش ڪيان ٿو، جنهن جا انگ اکر (1) ڪ ڊ س، (2) سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت (جيڪو The development in the study of history and archaeology of Sindh جو ترجمو آهي) ۽ (3) Languages of Sindh between rise of Amri and fall of Mansura i.e 5000 years ago to 1225 AD (جنهن جو ترجمو ڪري توهان ڏانهن موڪلي چڪو آهيان) تان کڻي ترتيب ڏئي رکان ٿو:

ٿر ۽ ڪوهستان رڻ جا وڻ ٽڻ - مـسـز فــرزانه پـنـهــور/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ٿر ۽ ڪوهستان رڻ جا وڻ ٽڻ
مـسـز فــرزانه پـنـهــور/
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سڃاڻپ: مسز فرزانه حسين پنهور بايو-ڪيمسٽريءَ ۾ ايم.ايس سِي آهن. ”ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ انجنيئرس“ سان وابسطه رهِي گذريل ستن ورهن کان ڪيترن ئي مختلف موضوعن تي تحقيق پئي ڪئي اٿن. پاڻ ”ايگريڪلچرل سُئائِل ٽيسٽِنگ ليباريٽريز (پرائيويٽ) لميٽڊ“ جِي مئنيجنگ ڊائريڪٽر به آهن. جن موضوعن تي ڪم ڪيو ۽ لکيو اٿئون، انهن مان ڪجھ هِي آهن:
-       هيرايل (گھريلو ڪيل) جانورن لاءِ کاڄ ۽ پاڻي راهِپَ (Aqua Culture)
-       جھينگي پالنا
-       ڪُڪڙ پالنا
-       سَهي پالنا. سَهي کاڄ
-       زرعي ڦوڳ مان جِيا-گئس (Bio-Gas) (ٺاهڻ)
-       ڍور ڍڳي ۽ رڍ لاءِ کاڄ
-       جوجُوبا تيل جي ڪيميائي بناوت ۽ ان جو واهپو
-       وڻجارڪ (ڪمرشل) ۽ صنعتي حساب ڪتاب رکڻ
-       گلاب ۽ (ٻين) گلن جو سُڪي وڃڻ
-       جوجُوبا جو اڀياس ۽ ان جو تيلي-ڪيميائي ۽ زرعي-ڪيميائي صنعت لاءِ واهپو
-       ڄام ڦل ۽ بَنگَنپالِي ۽ لنگڙي انب جو لاب کان پوءِ ڪيميائي دوائن وسيلي (مختلف بيمارين کان) بچاءُ
-       تيلي-ڪيميائي ۽ زرعي-ڪيميائي صنعت لاءِ هڪ نئون ذخيرو/وسيلو
-       مختلف زرعي فصل اپائڻ لاءِ لوڻياٺي زميني پاڻيءَ جو واهپو
-       اسرندڙ ڏيهن لاءِ جِيا-گئس ڪارخانا
-       پاڪستان (جي رهواسين) لاءِ پاڻي راهپ جو ڪتابڙو
-       ٿر ۽ ڪوهستان جا جانور
- سنڌيڪار


هيءُ مضمون سنڌ جي وڻ ٽڻ (Flora) بابت مختلف ماهرن پاران گذريل هڪ صديءَ دوران جوڙيل مواد جي 4-ورهي اڀياس تي ٻڌل آهي. هن مهل تائين گڏ ڪيل انگن اکرن موجب ٿر ۾ 3-هزار کان وڌيڪ ۽ ڪوهستان ۾ 5-سَو کان وڌيڪ وڻوٽا (Plants) موجود آهن. ڪيترائي اهڙا به هوندا جيڪي رڪارڊ تي نه آندا ويا آهن. کيرٿر جبل جي ٽاڪرو چوٽين تي جھنگلي/اڻ هيرايل (Wild) پستي (پوسٽانچيو، Postanchio) جي موجودگيءَ بابت ڄاڻ هڪ نئون واڌرو آهي ۽ ساڳيءَ طرح ئي کيرٿر جابلو قطارن جي هيٺين يا ڪاڇولي ٽڪرين ۾ ڄمون (Jaman) بابت به چئي سگھجي ٿو، انگ وڌندو ويندو جيئن جيئن ووڙ ڪبي.

جاگيرپ خلاف سنڌ جي سرويچ جدوجهد - ايـــم.ايـــڇ. پـنــهـــــور / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

جاگيرپ خلاف سنڌ جي سرويچ جدوجهد
(1500ع ــــــــــ 1843ع)
ايـــم.ايـــڇ. پـنــهـــــور
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

1947ع ۾ آزاديءَ کان پوءِ، گھڻي ڀاڱي هر ماڻهو عام طرح اهو بيان ٻڌي پيو ته جيئن ته انگريزن مسلمانن کان انڊيا کَسي ۽ وري-کسجڻ جي ڀوَ ۾ ورتل هئا ان ڪري هندن سان هٿ هٿ ۾ ملائي مسلمانن کي پوئتي رکيو ويو، هندو جيڪي هڪ هار ورهن کان مسلمانن جي تابعداري/پناري ۾ رهيا هئا ۽ ان ڪري مسلمانن جا مخالف هئا. هي بيان درست ناهي، سواءِ 1857ع کان 1885ع يا 1905ع جي وچ واري عرصي جي. انگريزن مسلمانن کان انڊيا جو ٽين پتيءَ کان به ننڍو ٽڪرو کسيو باقي سڀ هندن ۽ سِکن کان کسيائون. انگريزن بنگال، بِهار، اتر پرديش (يُو.پِي)، سنڌ ۽ بلوچستان جا صوبا مسلمان حڪمرانن کان کسيا. ميسور به مسلمانن کان کسيو ويو جنهن تي انهن جي حڪمراني رڳو 25 ورهن کان هئي. سڄي ڏاکڻي انڊيا هندن کان کسي وئي. توڻي جو 1761ع ۾ احمد شاهه ابدالي هٿان مرهٽن هار کاڌي هئي ته به وٽن ايترو ڪجھ اقتدار هو جو پنهنجو پَرواڌي (توسيعي، Expansionist) لاڙو جاري رکي سگھن تان جو انگريزن اچي انهن کي هاٺاهون ڪيو. انگريزن جيڪڏهن اتر پرديش ۽ بهار صوبا مغلن کان نه کسيا هجن ها ته پڪ ئي اهو ڪم مرهٽا ڪري وٺن ها، اهي ايترا سگھارا هئا جو مغل شهنشاهه کي پڪڙي لاهي سگھن ۽ وري ان کي تخت تي ويهاري سگھن. سِکن وٽ سنڌ خلاف سِٽائون هيون پر اها برطانوي مداخلت هئي جو رنجيت سنگھ ڏکڻ پاسي (سنڌ ڏانهن) نه وڌيو.

سنڌ جون گَھڻ گُھريون ڌريون دهشت گردن کي ڪيئن منهن ڏين؟- ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ  جون  گَھڻ گُھريون  ڌريون
دهشت گردن کي ڪيئن منهن ڏين؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪو به ماڻهو دهشتگرديءَ کي پسند نه ٿو ڪري، سواءِ انهن جي، جن جا غليظ مقصد دهشتگرديءَ کان سواءِ پورا نه ٿيندا هجن. دهشتگردي امن امان ۽ ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ جي فضا کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، دهشتگرد قاتل ٿو ٿئي؛ هٿيارن جي زور تي ماڻهن کي دٻائي، هِيسائي ۽ ڊيڄاري پنهنجي غلائيءَ هيٺ رکي ٿو؛ ماڻهن کي ڪهي، ماري، ڦٽي ختم ڪري يا اپاهج بڻائي ٿو، گھر گھر ۾ هيبت ويهاري ۽ ماتم وجھي ٿو، روح رڙائي، اندر ڪنبائي ۽ جھوپا جھڻ ڪري ٿو: ملڪيتون، واپار، روزگار، پورهيا سڀ ٻوهي ۾ وجھي ڇڏي ٿو، ماڻهن جي زندگين ۾ زهر ڀري، ذهنن ۾ ڪفلتون ويهاري، نفرتن جو کٽيو کائي ٿو، سماجي، سياسي، ثقافتي، تفريحي ۽ تعليمي سرگرمين کي، جن سان ذهنن ۾ روشنيون ۽ روحن ۾ توانائيون ڀرجن ٿيون، ختم ڪري، ڊپ ويهاري، ماڻهن جي دلين تي حڪومتون هلائڻ گھري ٿو. من من ۾ رڦڻي وجھي، مٿا موڳا ڪري، دلين ۾ دونهان ڀري، اونداهيون پکيڙي راڄ ڪري ٿو. دهشتگرد جي مڪروهه منهن تي مرڪ تڏهن تري ٿي، جڏهن ڪنهن جو ڪوسو ڪوسو رت ٺينڊيون ڪري وهي، جوان جسم ڦٿڪندي ڏسي، مائرن جا اوسارا ٻڌي، پيئرن جي اکين ۾ لڙڪ لڙن، ڀينرن جا سينا ڦاٽن، ڀائر ڀيلا ٿين ۽ ٻارڙا مايوس، ملول ۽ اٻاڻڪا هجن. هو معصوم ٽهڪن کي گولين جي ٽڙ ٽڙ ۾ دفن ڪري، روڄ راڙي تي رقص ڪري ٿو. سڙندڙ گھر، ڀڙڪندڙ ڀنڀٽ، جھپ هڻندڙ ڄڀيون ۽ اڀامندڙ دونهان هن جي ڪوڙهئي روح کي راحت بخشين ٿا ۽ ڇتي ڪتي جيان بنا ڪنهن تفريق جي هر لانگھائوءَ کي چَڪي چس وٺي ۽ گد گد ٿئي ٿو. بارود جي بوءِ هن لاءِ واس جو هڳاءُ بڻجي کيس سرهائي ۽ شڪتي مهيا ڪري ٿي. هن جي سوڀ اها آهي ته ماڻهو سڏڪندا رهن.

ڪراچيءَ تان قبضو هٽائڻ لاءِ... - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪراچيءَ تان قبضو هٽائڻ لاءِ...
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ صدين کان مختلف نمونن سان ۽ ڌار ڌار بهانن هيٺ ڌارين جي يلغار جو شڪار پئي رهي آهي. هزارين ماڻهن جو هڪ ئي مهل ڪسجڻ، ڳوٺن ۽ فصلن جو باهين حوالي ٿيڻ، شهرن جو کسجڻ، علم، ادب ۽ تعليم جو تباهه ٿيڻ، معاشي طرح ڀڙڀانگ ٿي وڃڻ ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن، نڌڻڪو ۽ رولو ٿي پوڻ سنڌين لاءِ ڪو نئون عمل ناهي. هتي رڳو مرزا باقي جي راڄوڻيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ عام عمل جو مثال ڏئي ڳالهه کي ڇٽو ڪري سگھجي ٿو. چيو ٿو وڃي ته مرزا باقيءَ کي جڏهن به اها خبر پوندي هئي ته سڄي سنڌ ۾ فلاڻو ڪي فلاڻو ماڻهو پوءِ اهو عوام منجھان هجي يا سندس ملازم، ڇو نه سندس مائٽ ئي هجي، ڏاڍي آرام ۾ آهي، سکيو ستابو ٿي پيو آهي ۽ سک سمهي ٿو، تڏهن مرزا باقيءَ جو آرام ڦِٽي پوندو هو، تان جو سندس سمورو مال متاع ڦري کيس ناس نه ڪري ڇڏي. سورهين ۽ سترهين صديءَ جو پهريون اڌ يعني ڏيڍ صدي ساندهه سنڌين لاءِ سندن جيئرو رهڻ هڪ عذاب هو. ارغون، ترخان ۽ مغل دور سنڌين لاءِ نسورو قهر هو. ان وچ ۾ پورچوگيزن جي ٺٽي ۾ آمد هڪ ”اعزازي سوکڙي“ هئي: 8 هزار شهر واسي ڪٺائون، ٺٽي کان سمنڊ تائين سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن واري ايراضيءَ مان ڦرلٽ ڪيائون ۽ پوءِ ان ڌرتيءَ، ٽڪري کي باهه ڏئي ساڙيائون. ان ڏيڍ صديءَ ۾ سنڌ جا لڳ ڀڳ سمورا ڳوٺ هر هر ساڙيا پئي ويا، سمورا ادارا --- مذهبي، تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي، تباهه ڪيا ٿي ويا، سنڌين جي سموري ملڪيت کانئن زوريءَ کسي ويندي رهي. بکر، سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جھڙن وڏن، آباد، سکين ستابن ۽ تعليمي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرميءَ جي مرڪزي شهرن ۾ ديسي ماڻهو ورلي ڪو پسبو هو نه ته ڌارين/پرڏيهين سان سٿيل هئا، تعليمي ادارن تي انهن جي حاڪمي هئي، ملازمت جا موقعا به انهن لاءِ هئا، انهن منجھ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ هڪ عجيب قسم جو ڪِينو ڀريل هو ۽ جھڙوڪر سنڌين جا خدا ڪارڻي دشمن هئا.

سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

صوبائي حلف نامي ۾ وڌاءَ جي اڻٽر گھرج:
هيءُ موضوع کڻڻ جي گھرج ڇو محسوس ڪئي وئي، انهيءَ تي ڳالهه ٻول کان اڳ ضروري ٿو محسوس ٿئي، ته هيٺ ڏنل ڪجھ بيانن کي ڌيان سان پڙهي ذهن ۾ رکيو وڃي:
1-         ”هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي کان (هڪ طرف) سکر ۽ (ٻئي طرف) لس ٻيلي تائين جي علائقي تي ٻڌل ۽ مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ مهاجرن کي ڪيڏي به وڏي قرباني ڏيڻي پوي، ان کان گريز نه ڪيو وڃي. جدا صوبي لاءِ تنظيم قائم ڪرڻ جو فيصلو.“          (قومي اخبار، 10مئي 1994ع)
2-         ”مهاجرن لاءِ ڌار صوبي جي قيام بابت سوال جو جواب ڏيندي هن (الطاف حسين) چيو ته ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت موجود ناهي، ته اسان اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي هجي، تڏهن به بين الاقوامي اصولن موجب جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيڻ گھرجي- مهاجر جاگرافيائي حدن جو تعين ئي چاهن ٿا.“       (قومي اخبار، 11 سيپٽمبر 1994ع)